Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:21 - Sindhi Bible

21 ۽ اها ڳالهہ ٻُڌي هو پرهہ ڦٽيءَ ڌاري هيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳا. پر جڏهن سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي آيا، تڏهن صدر مجلس ۽ بني اسرائيل جي سڀني بزرگن کي گڏ ڪيائون، ۽ قيدخاني ۾ چوائي موڪليائون تہ انهن کي وٺي اچو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 انهيءَ حڪم موجب سنت صبح جو سوير ئي هيڪل ۾ ويا ۽ سکيا ڏيڻ لڳا. هوڏانهن وڏي سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿين يهودي پئنچائت جي ٻين سڀني چڱن مڙسن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن پئنچائت جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انهن جيل ڏانهن چوائي موڪليو تہ جيئن سنتن کي آڻي حاضر ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 انهيءَ حڪم موجب رسول صبح جو سوير ئي هيڪل ۾ ويا ۽ تعليم ڏيڻ لڳا. هوڏانهن وڏي سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿين يهودي ڪائونسل جي ٻين سڀني چڱن مڙسن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن ڪائونسل جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انهن جيل ڏانهن چوائي موڪليو تہ جيئن رسولن کي آڻي حاضر ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 انھيءَ حڪم موجب رسول صبح جو سوير ئي ھيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳا. وڏي سردار ڪاھن ۽ سندس ساٿين يھودين جي سڀني بزرگن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن ڪائونسل جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انھن جيل ڏانھن چوائي موڪليو تہ رسولن کي حاضر ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:21
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ هن جي سردارن کي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب بند ۾ رکي، ۽ هن جي بزرگن کي دانائي سيکاري.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان ڪاوڙجي ٿو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ اي ديوانا، سو صدر عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو چوندو تہ اي احمق، سو جهنم جي باهہ جوڳو ٿيندو.


۽ اڃا ڏينهن ٿيو ئي ڪين، تہ اُمت جا بزرگ، يعني سردار ڪاهن ۽ فقيهہ اچي گڏ ٿيا ۽ هن کي پنهنجي صدر مجلس ۾ وٺي ويا، ۽ چيائونس تہ


پلاطس جواب ڏنو، تہ آئون يهودي آهيان ڇا؟ تنهنجي قوم جي ماڻهن، ۽ سردار ڪاهنن توکي منهنجي حوالي ڪيو آهي: تو ڇا ڪيو آهي؟


۽ صبح جو سوير وري هيڪل ۾ آيو، ۽ سڀ ماڻهو اچي وٽس مڙيا، ۽ هو ويهي کين تعليم ڏيڻ لڳو.


ڇالاءِ جو جيڪي تو ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، تنهن جو سڀني ماڻهن جي اڳيان سندس شاهد ٿيندين.


جيئن تہ سردار ڪاهن ۽ بزرگ منهنجا شاهد آهن، جو اُنهن مون کي ڀائرن لاءِ خط ڏنا، جي وٺي آئون دمشق ڏانهن روانو ٿيس، تہ جيڪي اُتي هجن تن کي بہ ٻڌرائي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.


پر سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي (جي صدوقين جي فرقي جا هئا)، تن کي ڏاڍا ساڙ لڳا ۽ هو اُٿي کڙا ٿيا،


۽ هنن کي وٺي آڻي مجلس جي اڳيان بيهاريائون. ۽ سردار ڪاهن کانئن پڇڻ لڳو،


پر گملي ايل نالي هڪڙو فريسي، جو شريعت جو عالم هو ۽ سڀني ماڻهن ۾ عزت وارو هو، تنهن مجلس ۾ اُٿي حڪم ڏنو تہ هنن ماڻهن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وٺي وڃو.


سو هو مجلس منجهان هن ڪري خوشيون ڪندا نڪري ويا، تہ انهي نالي جي ڪري اسان کي بي عزت ڪرڻ جو لائق سمجهيو اٿن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ