Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:14 - Sindhi Bible

14 ۽ گهڻيئي مرد توڙي زالون، جن خداوند تي ايمان آندو، سي انهن سان شامل ٿيندا ويا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 تنهن هوندي بہ پرڀو يسوع تي وشواس آڻيندڙ مردن توڙي نارين جو واڌارو ٿيندو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تنهن هوندي بہ خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻيندڙ مردن توڙي عورتن جو واڌارو ٿيندو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:14
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن سڄي قوم مان، يعني اسرائيل جي ڪل جماعت، يعني مردن توڙي زالن مان هرهڪ کي هڪڙي لولي، ۽ گوشت جو ٽڪر، ۽ ڪشمش جي هڪڙي ٽڪي ورهائي ڏني. پوءِ هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو.


هاڻي جيستائين عزرا خدا جي گهر اڳيان اونڌو ٿي روئي دعا پئي گهري، ۽ گناهہ پئي قبول ڪيائين، ايتري ۾ هن وٽ اسرائيل جي مردن ۽ زالن ۽ ٻارن جي هڪڙي جماعت اچي گڏ ٿي: ڇالاءِ جو ماڻهن ڏاڍو رُنو.


۽ عزرا ڪاهن ستين مهيني جي پهرين تاريخ سڄيءَ جماعت جي اڳيان، يعني مردن، توڙي زالن، ۽ جيڪي ٻڌي ۽ سمجهي ٿي سگهيا، تن جي اڳيان اهو شريعت جو ڪتاب آندو.


۽ انهن مان جيترن مردن توڙي زالن جي دلين ۾ اهڙي خواهش پيدا ٿي، سي سڀ ڳچيءَ ۽ ڪنن جا زيور، منڊيون، ڪنگڻ، ۽ سڀ سونا زيور کڻي آيا؛ مطلب تہ جن ماڻهن نذرانو ڏنو تن خداوند جي لاءِ سون جو نذرانو ڏنو.


هرڪو مون بابت چوندو تہ رڳو خداوند ۾ راستبازي ۽ طاقت آهي: انهي وٽ ئي ماڻهو ايندا، ۽ جيڪي کانئس ناراض هئا، سي سڀ شرمندا ٿيندا.


ڇالاءِ جو هو پاڻ نيڪ شخص هو، ۽ پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو: ۽ گهڻائي ماڻهو خداوند جي ڪليسيا ۾ اچي شامل ٿيا.


تنهن تي جن هن جي ڳالهہ مڃي، تن کي بپتسما ملي: ۽ انهي ڏينهن اٽڪل ٽي هزار ماڻهو اچي ساڻن شامل ٿيا.


۽ خدا جي تعريف ڪندا هئا؛ ۽ سڀني ماڻهن وٽ عزت هُين، ۽ جن کي نجات ٿي ملي، تن کي خداوند روزبروز آڻي ساڻن شامل ڪندو هو.


۽ مون هن طريقي وارن، مردن توڙي زالن، کي ٻڌرائي ۽ قيد خانن ۾ وجهرائي ايتري قدر ستايو جو موت تائين بہ نہ ڇڏيومان.


پر منجهانئن گهڻا، جن اهو ڪلام ٻُڌو، تن ايمان آندو، ۽ ماڻهن جو تعداد اٽڪل پنج هزار اچي ٿيو.


۽ خداوند جو ڪلام پکڙندو ويو، ۽ شاگردن جو شمار يروشلم ۾ تمام گهڻو وڌندو ويو؛ ۽ ڪاهنن جي وڏي جماعت ايمان جي تابع ٿي.


پر فلپس، جنهن خدا جي بادشاهت ۽ يسوع مسيح جي نالي جي منادي پي ڪئي، تنهن جي ڳالهين تي جڏهن ايمان آين، تڏهن هو مرد توڙي زالون بپتسما وٺڻ لڳا.


پر شائول ڪليسيا کي تباهہ ڪندو رهيو، ۽ گهر گهر ۾ گهڙي مردن ۽ زالن کي گهلي قيد ڪرائيندو هو.


۽ چيائينس تہ مون کي دمشق جي عبادتخانن لاءِ انهيءَ مضمون تي خط لکي ڏي، تہ جن مردن خواہ زالن کي انهي طريقي تي ڏسان، تن کي ٻَڌائي يروشلم ۾ وٺي اچان.


تنهن کانپوءِ ساري يهوديہ، ۽ گليل، ۽ سامريہ ۾ ڪليسيا کي امن مليو، ۽ اُها قائم ٿيندي ويئي؛ ۽ خداوند جي ڊپ ۾ هلندي ۽ پاڪ روح جي تسلي ۾ وڌندي ويئي.


۽ جيڪي لدہ ۽ شارون ۾ رهندا هئا، تن سڀني هن کي ڏٺو، ۽ خداوند ڏانهن ڦريا.


سو اها ڳالهہ ساري يافا ۾ مشهور ٿي ويئي، ۽ گهڻن ئي کي خداوند تي ايمان آيو.


مسيح جي بليعال سان ڪهڙي موافقت آهي؟ يا ايماندار شخص جي بي ايمان سان ڪهڙي ڀائيواري آهي؟


پوءِ نڪو يهودي رهيو نہ يوناني، نڪو غلام نہ آزاد، نڪو مرد نہ زال، ڇالاءِ جو اوهين سڀ مسيح يسوع ۾ هڪ آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ