Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:4 - Sindhi Bible

4 پر منجهانئن گهڻا، جن اهو ڪلام ٻُڌو، تن ايمان آندو، ۽ ماڻهن جو تعداد اٽڪل پنج هزار اچي ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 تنهن هوندي بہ سنديش ٻڌندڙن مان ڪيترن ئي يسوع تي وشواس آندو. اهڙيءَ طرح وشواسين جو تعداد اٽڪل پنج هزار ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تنهن هوندي بہ پيغام ٻڌندڙن مان ڪيترن ئي عيسيٰ تي ايمان آندو. اهڙيءَ طرح ايمان وارن جو تعداد اٽڪل پنج هزار ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 تنھن ھوندي بہ پيغام ٻڌندڙن مان ڪيترن ئي ايمان آندو. اھڙيءَ طرح ايمان آڻيندڙن جي جماعت جو تعداد اٽڪل پنج ھزار ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيسين شيلوہ نہ ايندو، تيسين يهوداہ کان بادشاهي نہ ويندي، نڪي حڪومت جو عصو سندس پيرن هيٺان نڪري ويندو؛ ۽ قومون هن جي فرمانبرداري ڪنديون.


هرڪو مون بابت چوندو تہ رڳو خداوند ۾ راستبازي ۽ طاقت آهي: انهي وٽ ئي ماڻهو ايندا، ۽ جيڪي کانئس ناراض هئا، سي سڀ شرمندا ٿيندا.


تنهن ڪري آءٌ هن کي وڏن جو حصيدار ڪندس، ۽ هو زور وارن کان لٽ جي مال جو حصو ورهائي وٺندو؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي جان موت جي لاءِ اوتي ڏني آهي، ۽ گنهگارن ۾ شمار ڪيو ويو آهي: انهي هوندي بہ هن گهڻن جو گناهہ کنيو، ۽ گنهگارن جي شفاعت ڪيائين.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيسين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ ڪِري نہ مري، تيسين ڇڙي جو ڇڙو ٿو رهي، پر جي مري، تہ ججهو ڦل ٿو آڻي.


تنهن تي جن هن جي ڳالهہ مڃي، تن کي بپتسما ملي: ۽ انهي ڏينهن اٽڪل ٽي هزار ماڻهو اچي ساڻن شامل ٿيا.


۽ خدا جي تعريف ڪندا هئا؛ ۽ سڀني ماڻهن وٽ عزت هُين، ۽ جن کي نجات ٿي ملي، تن کي خداوند روزبروز آڻي ساڻن شامل ڪندو هو.


۽ ڪن اهي ڳالهيون مڃيون ۽ ڪن ڪين مڃيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ