Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:28 - Sindhi Bible

28 تان تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر اڳيئي مقرر ٿيل هو سو پورو ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل هو سو پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل هو سو پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنھنجي ھٿان ۽ تنھنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل ھو سو پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:28
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

باقي اوهان برابر مون سان برائي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر خدا کي انهيءَ مان ڀلائي ڪرڻي هئي، ۽ ائين ئي ڪرڻو هوس، جيئن اڄ ٿيو آهي، جو گهڻن ماڻهن جي حياتي بچي پيئي.


هن وٽ ڏاهپ ۽ طاقت آهي؛ هن وٽ مشورت ۽ سمجهہ آهي.


بيشڪ انسان جو غضب تنهنجي تعريف جو سبب ٿيندو؛ ۽ باقي رهيل غضب سان تون پنهنجي ڪمر ٻڌندين.


ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.


لشڪرن جي خداوند قسم کنيو آهي ۽ فرمائي ٿو، تہ جيئن مون خيال ڪيو آهي تيئن ضرور ٿيندو؛ ۽ جيئن ارادو ڪيو اٿم تيئن ئي ڳالهہ اچي بيهندي:


اهو بہ لشڪرن جي خداوند وٽان ٿو اچي، جو مصلحت ۾ عجيب، ۽ ڏاهپ ۾ عظيم آهي.


تو ٻڌو نہ آهي ڇا تہ اڳوڻي وقت ۾ مون ڇا ڪيو، ۽ قديم زماني ۾ انهي جي رٿ ڪري ڇڏي اٿم؟ هاڻي مون اها پوري ڪئي آهي، تہ تون ڪوٽ وارن شهرن کي ڦٽائي ويرانيءَ جا ڍڳ ڪرين.


ڪنهن خداوند جي روح جي هدايت ڪئي آهي، يا ان جو مشير ٿي کيس تعليم ڏني آهي؟


جو شروع کان پڇاڙيءَ جو احوال ٻڌائي، ۽ قديم زماني ۾ انهن ڳالهين جو بيان ڪري، جي اڃا نہ ٿيون آهن؛ منهنجي مصلحت قائم رهندي، ۽ آءٌ پنهنجا سڀ ارادا پورا ڪندس:


جي چون ٿا تہ ڀلي تہ هو جلدي ڪري، ڀلي تہ هو تڪڙو ٿي پنهنجو ڪم ڪري تہ اسين اهو ڏسون: ۽ ڀلي تہ اسرائيل جي پاڪ خدا جي عدالت ويجهي ٿئي ۽ اچي پهچي، تہ اسين اها معلوم ڪريون!


انهي هوندي بہ خداوند جي مرضي ٿي تہ هن کي چٿي؛ انهيءَ هن کي ڏکي ڪيو: جڏهن هن جي جان گناهہ جي لاءِ قربان ڪئي ويندي، تڏهن هو پنهنجو نسل ڏسندو ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، ۽ خداوند جي مرضي هن جي هٿان پوري ٿيندي.


ابن آدم بابت جيئن لکيل آهي تيئن هو وڃي ٿو: پر افسوس آهي انهي ماڻهوءَ تي، جنهن جي هٿان ابن آدم جهلائجي ٿو! اهو ماڻهو جي پيدا ئي نہ ٿئي ها تہ چڱو.


تڏهن پاڪ لکيتون ڪيئن پوريون ٿينديون، تہ ائين ضرور ٿيڻ گهرجي؟


پر جيئن ابن آدم لاءِ ٺهرايل آهي، تيئن هو سچ پچ وڃي ٿو، پر افسوس آهي انهي ماڻهوءَ تي، جنهن جي هٿان هو جهلجي ٿو وڃي!


۽ جڏهن هو خدا جي مقرر انتظام ۽ پيش بينيءَ جي ڪري جهلايو ويو، تڏهن هن کي اوهان بي دين ماڻهن جي هٿان صليب تي چاڙهي مارايو:


پر جي ڳالهيون خدا پنهنجن سڀني نبين جي واتان اڳيئي ڏيکاريون هيون، تہ سندس مسيح ڏک سهندو، سي انهيءَ طرح پوريون ڪيائين.


انهي ۾، جيڪو پنهنجيءَ مرضيءَ جي مصلحت موجب سڀ ڪجهہ ٿو ڪري، اسين بہ سندس ارادي موافق اڳيئي مقرر ٿي ميراث ٿياسين؛


تنهنڪري خدا جڏهن واعدي جي وارثن کي زيادہ صفائيءَ سان ڏيکارڻ گهُريو تہ سندس ارادي ۾ ڪا ڦير گهير ڪانہ ٿيندي، تڏهن قسم کنيائين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ