Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:2 - Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو هنن ماڻهن کي تعليم پئي ڏني ۽ يسوع جو مثال ڏيئي وعظ پئي ڪيائون، تہ مُئلن جي قيامت ٿيندي؛ تنهنڪري هو ڏاڍا رنج ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اهي اچي مٿن ڪاوڙيا، ڇاڪاڻ تہ هنن يسوع جو مثال ڏيئي ماڻهن کي سکيا پئي ڏني تہ مئلن کي وري جيوت ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اهي اچي مٿن ڪاوڙيا، ڇاڪاڻ تہ هنن عيسيٰ جو مثال ڏيئي ماڻهن کي تعليم پئي ڏني تہ مئلن کي وري جيئرو ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 اھي اچي مٿن ڪاوڙيا، ڇالاءِ⁠جو ھنن عيسيٰ جو مثال ڏيئي ماڻھن کي تعليم پئي ڏني تہ مئلن کي وري جيئرو ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:2
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا رنج ٿيا تہ ڪو ماڻهو بني اسرائيل جي ڀلائي ڪرڻ لاءِ آيو هو.


پر جڏهن يهودين هيترا ماڻهو ڏٺا، تڏهن ڏاڍا ساڙ لڳن، ۽ جيڪي ڳالهيون پولس پي ڪيون، تن جي برخلاف ڳالهائڻ ۽ ڪفر بڪڻ لڳا.


۽ ڪي اپڪوري ۽ ستوئيڪي فيلسوف بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ هي ڪو ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڀانئجي؛ ڇالاءِ جو هن يسوع ۽ قيامت جي منادي پئي ڪئي.


اُنهن ڏينهن ۾ انهي طريقي جي سببان ڏاڍي گڙٻڙ ٿيڻ لڳي.


سواءِ هن ڳالهہ جي، تہ مون هنن جي وچ ۾ بيهي وڏي سڏ چيو تہ مُئلن جي جي اُٿڻ بابت اڄ اوهان جي اڳيان مون کان پڇا ٿي ٿئي.


يعني تہ مسيح ضرور ڏک سهندو، ۽ اهوئي پهرين مُئلن مان جي اُٿندو، تہ اُمت کي توڙي غير قومن کي سوجهري جي خبر ٻُڌائي.


اوهين ڇو ٿا ڀانئيو تہ اها ڳالهہ وسهڻ جهڙي نہ آهي تہ خدا مُئلن کي جياري ٿو؟


۽ زندگيءَ جي مالڪ کي ماريوَ، جنهن کي خدا مُئلن مان جياريو. ۽ انهيءَ ڳالهہ جا اسين شاهد آهيون.


پر سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي (جي صدوقين جي فرقي جا هئا)، تن کي ڏاڍا ساڙ لڳا ۽ هو اُٿي کڙا ٿيا،


جيڪڏهن اُنهي جو روح اوهان ۾ رهي ٿو، جنهن يسوع کي مُئلن مان جياريو، تہ جنهن مسيح يسوع کي مُئلن مان جياريو، سو پنهنجي روح جي وسيلي، جو اوهان ۾ ٿو رهي، اوهان جي فاني بدنن کي بہ جياريندو.


پر سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي واري سان، پهريون ڦل مسيح، پوءِ سندس اچڻ تي جيڪي مسيح جا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ