Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:14 - Sindhi Bible

14 ۽ جيڪو ماڻهو چڱو ڀلو ٿيو، تنهن کي بہ ساڻن بيٺو ڏسي هنن جي برخلاف ڪي بہ چئي نہ سگهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 جيئن تہ اهو ماڻهو جيڪو چڱو ڀلو ٿيو هو سو بہ اتي انهن سنتن سان گڏ بيٺل هو، تنهنڪري اهي وڌيڪ ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 جيئن تہ اهو ماڻهو جيڪو چڱو ڀلو ٿيو هو سو بہ اتي انهن رسولن سان گڏ بيٺل هو، تنهنڪري اهي وڌيڪ ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ھو رسولن جي خلاف ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا، ڇالاءِ⁠جو جيڪو ماڻھو چڱو ڀلو ٿيو ھو سو بہ ساڻن گڏ بيٺل ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:14
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن هنن ڳالهين جو انڪار ڪري نہ ٿو سگهجي، تڏهن اوهان کي گهرجي تہ ٿڌا ٿيو، ۽ اُٻهرا ٿي ڪجهہ بہ نہ ڪريو.


تہ اوهان سڀني کي، ۽ اسرائيل جي ساريءَ اُمت کي معلوم هجي، تہ يسوع مسيح ناصري، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، ۽ جنهن کي خدا وري مُئلن مان جياريو، تنهن جي نالي تي، ۽ تنهن جي ڪري هي ماڻهو هتي اوهان جي اڳيان چڱو ڀلو ٿيو بيٺو آهي.


هاڻي جڏهن هنن پطرس ۽ يوحنا جي همت ڏٺي، ۽ خبر پين تہ هو اڻ پڙهيل ۽ بي علم ماڻهو آهن، تڏهن عجب لڳن؛ ۽ کين سڃاتائون تہ هو يسوع ساڻ هوندا هئا.


پر جڏهن کين حڪم ڏنائون تہ صدر مجلس مان ٻاهر نڪري وڃو، تڏهن هو پاڻ ۾ صلاح مشورت ڪرڻ لڳا،


۽ چيائون تہ اسين هنن ماڻهن کي ڇا ڪريون؟ ڇالاءِ جو انهيءَ ڳالهہ جي يروشلم جي سڀني رهاڪن کي خبر پئجي ويئي آهي، تہ هنن جي هٿان تحقيق هڪڙو وڏو معجزو ٿيو آهي، جنهن جو اسين انڪار ڪري ڪين سگهنداسين.


۽ هنن وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنن؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جي سببان کين سُجهيو ئي ڪين ٿي تہ ڪهڙيءَ طرح سزا ڏيون؛ جو جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن جي ڪري سڀني ماڻهن خدا جي وڏائي پئي ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ