Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:10 - Sindhi Bible

10 تہ اوهان سڀني کي، ۽ اسرائيل جي ساريءَ اُمت کي معلوم هجي، تہ يسوع مسيح ناصري، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، ۽ جنهن کي خدا وري مُئلن مان جياريو، تنهن جي نالي تي، ۽ تنهن جي ڪري هي ماڻهو هتي اوهان جي اڳيان چڱو ڀلو ٿيو بيٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهيو ۽ ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو ۽ خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 پوءِ اوھان ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن کي ڄاڻڻ کپي تہ ھي ماڻھو، جيڪو اوھان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آھي سو عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آھي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھيو ۽ خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:10
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جي نہ، تہ بہ اي بادشاهہ توکي خبر هجي تہ اسين تنهنجن معبودن جي عبادت ڪين ڪنداسين، ۽ نہ جيڪا سوني مورت تو بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪنداسين.


۽ اچي ناصرت نالي هڪڙي شهر ۾ رهيو، انهي لاءِ تہ جيڪي نبين جي معرفت چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏبو“.


۽ هنن چيس تہ يسوع ناصري ٿو لنگهي.


اُنهي يسوع کي خدا جياريو، جنهن جا اسين سڀ شاهد آهيون.


تنهنڪري اسرائيل جو سارو گهراڻو اهو يقين ڪري، تہ خدا انهي يسوع کي، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، خداوند ۽ مسيح بہ ڪيو آهي.


سو اوهان کي معلوم هجي، تہ هي خدا جو ڇوٽڪارو غير قومن وٽ موڪليو ٿو وڃي؛ ۽ اُهي ٻُڌندا.


پر پطرس چيس تہ رپو ۽ سون تہ مون وٽ ڪونهي؛ پر جيڪي اٿم سو توکي ڏيان ٿو. يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي اُٿي گهُم ڦر.


پر پاڪيزگيءَ جي روح جي ڪري، مُئلن مان جي اُٿڻ جي سببان قدرت سان خدا جو فرزند ثابت ٿيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ