Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:1 - Sindhi Bible

1 اڃا هنن ماڻهن سان بيٺي ڳالهايو تہ ڪاهن ۽ هيڪل جو صوبيدار ۽ صدوقي مٿن ڪاهي آيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 پطرس ۽ يوحنا اڃا ماڻهن سان بيٺي ڳالهايو ئي پئي تہ هيڪل جي صوبيدار ۽ ڪاهنن سميت ڪي صدوقي انهن تي چڙهي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پطرس ۽ يوحنا اڃا ماڻهن سان بيٺي ڳالهايو ئي پئي تہ هيڪل جي صوبيدار ۽ ڪاهنن سميت ڪي صدوقي انهن تي چڙهي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 پطرس ۽ يوحنا اڃا ماڻھن سان ڳالھايو ئي بيٺي تہ ڪاھن، ھيڪل جو صوبيدار ۽ صدوقي انھن تي چڙھي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:1
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هنن کي سمجهہ ۾ آيو تہ هن کين مانيءَ جي خمير کان نہ، پر فريسين ۽ صدوقين جي تعليم کان خبردار رهڻ لاءِ ٿي چيو.


۽ انهن پنهنجن شاگردن کي هيرودين سان گڏي ڏانهنس موڪليو، جن وڃي چيس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ خدا جو رستو سچائيءَ سان ٿو سيکارين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين.


هاڻي سردار ڪاهنن ۽ بزرگن خلق کي چوري انهيءَ تي بيهاريو تہ هو برابا جي لاءِ عرض ڪن، ۽ يسوع کي مارائين.


هن ٻين کي ٿي بچايو، پر پاڻ کي نٿو بچائي سگهي. هو اسرائيل جو بادشاهہ آهي؛ هاڻ ڀلي تہ صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ پوءِ اسين مٿس ايمان آڻيون.


پر جڏهن هن ڏٺو تہ گهڻا فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ مون وٽ پيا اچن، تڏهن انهن کي چوڻ لڳو، تہ اي نانگن جا ٻچا، اوهان کي ڪنهن خبردار ڪيو تہ جيڪو غضب اچڻ وارو آهي تنهن کان ڀڄو؟


۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو، جو هن ماڻهن کي هيڪل ۾ ويٺي تعليم ڏني، ۽ انجيل جي منادي پئي ڪيائين؛ تہ سردار ڪاهن ۽ فقيهہ، بزرگن سان گڏجي وٽس آيا.


۽ هن وڃي سردار ڪاهنن ۽ صوبيدارن سان صلاح ڪئي، تہ ڪهڙيءَ طرح هو کيس سندن حوالي ڪري.


اها ڳالهہ جا مون اوهان کي ٻُڌائي آهي، تہ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان مٿي نہ آهي، سا ياد رکجو. جيڪڏهن اُنهن مون کي ستايو آهي، تہ اوهان کي بہ ستائيندا، جيڪڏهن منهنجين ڳالهين تي هليا آهن، تہ اوهان جي ڳالهين تي بہ هلندا.


پوءِ يهوداهہ پلٽڻ جي سپاهين جي ٽولي هٿ ڪري، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فريسين کان حوالدار وٺي، شمعدانن ۽ مشعلن ۽ هٿيارن پنوهارن سان اُتي آيو.


۽ سردار ڪاهن حنا، ۽ قائفا، ۽ يوحنا، ۽ سڪندر، ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاهن جا مٽ مائٽ هئا، سي بہ اتي موجود هئا.


پر سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي (جي صدوقين جي فرقي جا هئا)، تن کي ڏاڍا ساڙ لڳا ۽ هو اُٿي کڙا ٿيا،


هاڻي جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن هي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن انهن بابت اچي ڏاڍي فڪر ۾ پيا، تہ هن جو نتيجو ڪهڙو ٿيندو؟


تڏهن صوبيدار سپاهين سان گڏجي وڃي هنن کي وٺي آيو، پر زورازوريءَ نہ: ڇالاءِ جو هو ماڻهن کان ڊنا ٿي تہ متان اسان کي سنگسار ڪن.


سو خلق کي، ۽ بزرگن ۽ فقيهن کي وٺي چوريائون، ۽ مٿس ڪاهي آيا ۽ جهلي صدر مجلس ۾ وٺي ويا؛


۽ خداوند جو ڪلام پکڙندو ويو، ۽ شاگردن جو شمار يروشلم ۾ تمام گهڻو وڌندو ويو؛ ۽ ڪاهنن جي وڏي جماعت ايمان جي تابع ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ