Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 3:22 - Sindhi Bible

22 جيئن موسيٰ چيو تہ ”خداوند خدا اوهان لاءِ اوهان جي ڀائرن مان مون جهڙو هڪڙو نبي کڙو ڪندو؛ اهو جيڪي بہ ڳالهيون اوهان کي ٻُڌائي، سي سڀ ٻُڌجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 جيئن موسيٰ نيم ۾ چيو هو تہ ’پرڀو اوهان جو ايشور اوهان لاءِ اوهان مان مون جهڙو هڪ سنت موڪليندو. اهو جيڪي بہ ڳالهيون اوهان کي ٻڌائي سي سڀ ٻڌجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 جيئن موسيٰ شريعت ۾ چيو هو تہ ’خداوند اوهان جو خدا اوهان لاءِ اوهان مان مون جهڙو هڪ نبي موڪليندو. اهو جيڪي بہ ڳالهيون اوهان کي ٻڌائي سي سڀ ٻڌجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 ڇاڪاڻ⁠تہ موسيٰ چيو ھو تہ ’خداوند اوھان جو خدا اوھان لاءِ اوھان مان مون جھڙو ھڪ نبي موڪليندو. اھو جيڪي ⁠بہ ڳالھيون اوھان کي ٻڌائي سي سڀ ٻڌجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 3:22
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ميڙاڪن چيو تہ هي گليل جي ناصرت وارو نبي يسوع آهي.


پر اڄ ۽ سڀاڻ ۽ پرينهن تہ مون کي پنهنجي واٽ هلڻي آهي: ڇالاءِ جو اها اڻ ٿيڻي آهي تہ ڪوبہ نبي يروشلم کان ٻاهر تباهہ ٿئي.


۽ هن چين تہ ڪهڙيون؟ تڏهن هنن چيس تہ يسوع ناصريءَ بابت، جو خدا توڙي ساري خلق اڳيان رهڻيءَ توڙي ڪهڻيءَ ۾ پهچ وارو نبي هو.


ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا.


آئون نُور ٿي جهان ۾ آيو آهيان، تہ جيڪو مون تي ايمان آڻي، سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو منهنجو ڪلام ٻُڌي ٿو، ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي مڃي ٿو، تنهن جي ئي هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اُهو عدالت ۾ نٿو اچي، پر موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آهي.


وري يسوع کين چيو تہ جهان جو سوجهرو آئون آهيان، جيڪو منهنجي پيروي ٿو ڪري، سو اونداهيءَ ۾ ڪين هلندو، بلڪ زندگيءَ جو سوجهرو ملندس.


هيءُ اهوئي موسيٰ آهي، جنهن بني اسرائيل کي چيو تہ خداوند اوهان جي ڀائرن منجهان اوهان جي لاءِ مون جهڙو هڪڙو نبي کڙو ڪندو.


هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني:


۽ جسم جي لاڳاپي ڪري مسيح بہ اُنهن ئي جو آهي، جو سڀني جي مٿان هميشہ تائين سڳورو خدا آهي. آمين.


پر جڏهن وقت اچي پورو ٿيو، تڏهن خدا پنهنجو فرزند موڪليو، جو زال مان پيدا ٿيو، ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو،


تنهنڪري جيڪي ڳالهيون ٻُڌيون اٿئون، تن تي اسان کي زيادہ ڌيان ڏيڻ گهرجي، تہ متان انهن کان پري ڇڪجي وڃون.


۽ ڪامل بڻجي پنهنجن سڀني فرمانبردارن لاءِ ابدي نجات جو باني ٿيو؛


يسوع مسيح جو مڪاشفو، جو خدا هن کي انهي لاءِ ڏنو تہ پنهنجن بندن کي اُهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن: ۽ هن پنهنجو ملائڪ موڪلي انهي جي معرفت پنهنجي بندي يوحنا تي اُهي ظاهر ڪيون؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ