Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 3:21 - Sindhi Bible

21 هو تيستائين ضرور آسمان ۾ رهندو، جيستائين ڪ سڀني ڳالهين جي بحال ٿيڻ جا ڏينهن اچن، جن بابت خدا پنهنجي پاڪ نبين جي واتان دنيا جي شروع کان وٺي چيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 هو تيستائين ضرور آڪاش تي رهندو، جيستائين سڀني ڳالهين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينهن اچن، جن بابت ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ پوِتر سنتن جي معرفت گھڻو اڳي چيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 هو تيستائين ضرور آسمان تي رهندو، جيستائين سڀني ڳالهين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينهن اچن، جن بابت خدا پنهنجي پاڪ نبين جي معرفت گھڻو اڳي چيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 ھو تيستائين ضرور آسمان ۾ رھندو، جيستائين سڀني ڳالھين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينھن اچن، جن بابت خدا پنھنجي پاڪ نبين جي معرفت گھڻو اڳي چيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 3:21
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ تنهنجا قاضي موٽائي آڻيندس، جيئن اڳي هو: ۽ تنهنجا مشير وري آڻيندس، جيئن شروعات ۾ هو، تنهن کان پوءِ تون سچائيءَ وارو ۽ ايماندار شهر سڏبين.


(جيئن ڪ اُنهي پنهنجن پاڪ نبين جي واتان فرمايو هو، جي جهان جي شروعات کان وٺي ٿيندا آيا آهن.)


۽ چيائون تہ اي گليليو، اوهين آسمان ڏانهن ڇو بيٺا نهاريو؟ اِهو يسوع، جو اوهان وٽان آسمان ۾ چاڙهيو ويو آهي، سو جيئن اوهان هن کي آسمان ڏانهن ويندو ڏٺو، تيئن وري بہ اوهان وٽ ايندو.


سڀ نبي انهي جي شاهدي ٿا ڏين تہ جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، تنهن کي سندس نالي گناهن جي معافي ملندي.


تنهنڪري اوهين توبهہ ڪريو، ۽ ڦري اچو، تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن، ۽ انهي طرح خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن؛


تہ هو، مسيح يعني يسوع کي موڪلي، جو اوهان جي لاءِ مقرر ٿيل آهي.


ڇالاءِ جو مخلوقات بہ فنا جي غلاميءَ کان ڇُٽي، خدا جي فرزندن جي جلال جي آزاديءَ ۾ داخل ٿيندي.


قديم زماني ۾ خدا ابن ڏاڏن سان نبين جي معرفت، ڪيترائي ڀيرا ۽ ڪيترن ئي نمونن سان ڪلام ڪيو،


ڇالاءِ جو ڪابہ پيشنگوئي ڪڏهن بہ ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي؛ پر ماڻهو پاڪ روح جي چورڻ تي خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.


تہ جيڪي ڳالهيون پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آهن، ۽ خداوند ۽ نجات ڏيندڙ جو حڪم، جو اوهان کي رسولن جي معرفت ڏنو ويو، تن کي ياد رکو.


اي آسمان، ۽ سڀيئي پاڪ ٿيل، ۽ رسول، ۽ نبي، اوهين انهي تي خوشي ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا انصاف ڪري هن کان اهو بدلو ورتو.


۽ هن مون کي چيو تہ هي ڳالهيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آهن: ۽ خداوند، نبين جي روحن جي خدا، پنهنجو ملائڪ انهي لاءِ موڪليو تہ پنهنجن ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ