Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 3:20 - Sindhi Bible

20 تہ هو، مسيح يعني يسوع کي موڪلي، جو اوهان جي لاءِ مقرر ٿيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 انهيءَ لاءِ تہ پرميشور جي شرڻ مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن ۽ هو اوهان لاءِ اڳي ئي مقرر ٿيل مسيح، يعني يسوع کي ٻيهر موڪلي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن ۽ هو اوهان لاءِ اڳي ئي مقرر ٿيل مسيح، يعني عيسيٰ کي ٻيهر موڪلي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 تان تہ خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينھن اچن ۽ ھو عيسيٰ کي موڪلي جيڪو اوھان لاءِ اڳي ئي مسيح مقرر ٿيل آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 3:20
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو جڏهن ابن آدم پنهنجي پيءُ جي جلال ۾ پنهنجن ملائڪن سان گڏ ايندو، تڏهن هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


۽ جڏهن هو زيتونن جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن شاگردن وٽس خلاصو اچي کيس چيو، تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ ۽ تنهنجي اچڻ جي، ۽ دنيا جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني ٿيندي؟


۽ انهي وقت هو ابن آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان سان ڪڪرن ۾ ايندو ڏسندا.


۽ هنن اهي ڳالهيون پئي ٻُڌيون، تہ هڪڙو مثال بہ ڏنائين ڇو جو هو يروشلم کي اچي ويجهو ٿيو هو، ۽ ڇالاءِ جو هو ائين سمجهي ويٺا هئا تہ خدا جي بادشاهت اِجها ٿي ظاهر ٿئي.


تڏهن اُهي ابن آدم کي قدرت ۽ شان شوڪت سان ڪڪر ۾ ايندو ڏسندا.


ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.


تنهنڪري اوهين توبهہ ڪريو، ۽ ڦري اچو، تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن، ۽ انهي طرح خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن؛


هو تيستائين ضرور آسمان ۾ رهندو، جيستائين ڪ سڀني ڳالهين جي بحال ٿيڻ جا ڏينهن اچن، جن بابت خدا پنهنجي پاڪ نبين جي واتان دنيا جي شروع کان وٺي چيو هو.


تہ روح، يا ڪلام، يا خط جي ڪري جو اسان وٽان آيل سمجهو، اوهين پنهنجن خيالن ۾ ڊانوان ڊول نہ ٿيو، نڪي پريشان ٿيو، جو ڄڻ تہ خداوند جو ڏينهن هاڻي اچي پهتو آهي.


تنهن کانپوءِ اُهو بي دين پڌرو ٿيندو، ۽ خداوند يسوع پنهنجي وات جي ڦوڪ سان هن کي ماري وجهندو، ۽ پنهنجي اچڻ جي ظهور سان چٽ ڪري ڇڏيندو،


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گهڻن جي گناهن کڻڻ لاءِ قربان ٿي، ٻيو ڀيرو نہ گناهہ جي فيصلي لاءِ پر نجات جي لاءِ، انهن کي ڏيکاري ڏيندو، جي سندس انتظار ۾ آهن.


ڏسو، هو بادلن ۾ ٿو اچي؛ ۽ سڀڪا اک اُنهي کي ڏسندي، ۽ اُهي بہ ڏسندا جن هن کي چُڀائي ماريو؛ ۽ زمين جون سڀ قومون اُنهي لاءِ ماتم ڪنديون. بيشڪ. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ