Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 3:16 - Sindhi Bible

16 سو انهي نالي ڪري ۽ انهي جي نالي تي ايمان رکڻ جي ڪري، هي ماڻهو جنهن کي اوهين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا، سَگهو ٿيو آهي: هائو، سندس ايمان جو هن تي آهي، تنهن جي ئي ڪري اوهان سڀني جي اڳيان هو بلڪل چڱو ڀلو ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 اها يسوع تي وشواس آڻڻ جي ڪري سندس نالي جي شڪتي ئي آهي جنهن هن معذور ماڻهوءَ کي گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني، جنهن کي اوهين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. هائو، يسوع جي نالي تي وشواس آڻڻ ڪري ئي هي ماڻهو پوريءَ طرح چڱو ڀلو ٿيو ۽ اوهين پاڻ هن کي ڏسي سگھو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اها عيسيٰ تي ايمان آڻڻ جي ڪري سندس نالي جي قدرت ئي آهي جنهن هن معذور ماڻهوءَ کي گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني، جنهن کي اوهين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. هائو، عيسيٰ جي نالي تي ايمان آڻڻ ڪري ئي هي ماڻهو پوريءَ طرح چڱو ڀلو ٿيو ۽ اوهين پاڻ هن کي ڏسي سگھو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 اھا عيسيٰ جي نالي جي قدرت ۽ مٿس ايمان ئي آھي جنھن ھن منڊي ماڻھوءَ کي گھمڻ جي طاقت ڏني، جنھن کي اوھين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. اھو عيسيٰ جو نالو ۽ مٿس ايمان ئي آھي، جنھن ھن کي چڱو ڀلو ڪيو ۽ اوھين پاڻ ھن کي چڱيءَ طرح ڏسي سگھو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 3:16
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيس تہ اچ. سو پطرس ٻيڙيءَ مان لهي يسوع وٽ اچڻ جي لاءِ پاڻيءَ تي هلڻ لڳو.


پر يسوع پٺتي ڦري هن کي ڏسي چوڻ لڳو، تہ ڌيءَ دلجاءِ ڪر؛ تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي. ۽ اُها زال اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي چڱي ڀلي ٿي پيئي.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، سو بہ اُهي ئي ڪم ڪندو، جي آئون ٿو ڪريان، ۽ انهن کان بہ وڏا ڪم ڪندو؛ ڇالاءِ تہ آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان.


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو سبت جي ڏينهن ختنو ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي شريعت جو حڪم نٿو ڀڄي؛ تہ پوءِ مون سان ڇو ڪاوڙيا آهيو، جو مون هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن سڄو سارو ڪري ڇڏيو؟


تنهن پولس کي ڳالهائيندو ٻُڌو: ۽ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ سهي ڪيائين تہ کيس اهڙو ايمان آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگهندو؛


۽ گهڻن ڏينهن تائين هن ائين پي ڪيو، سو پولس کي ڏاڍو رنج ٿيو، تنهن ڦري اُنهي ڀوت کي چيو، تہ آئون توکي يسوع مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ هن مان نڪري وڃ. ۽ اوڏيءَ مهل ئي اُهو نڪري ويو.


پر پطرس چيس تہ رپو ۽ سون تہ مون وٽ ڪونهي؛ پر جيڪي اٿم سو توکي ڏيان ٿو. يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي اُٿي گهُم ڦر.


پوءِ هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ هلڻ لڳو، ۽ ساڻن گڏ هلندو، ۽ ٽپندو، ۽ خدا جي تعريف ڪندو هيڪل ۾ ويو.


تہ اوهان سڀني کي، ۽ اسرائيل جي ساريءَ اُمت کي معلوم هجي، تہ يسوع مسيح ناصري، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، ۽ جنهن کي خدا وري مُئلن مان جياريو، تنهن جي نالي تي، ۽ تنهن جي ڪري هي ماڻهو هتي اوهان جي اڳيان چڱو ڀلو ٿيو بيٺو آهي.


۽ جڏهن تون شفا ڏيڻ لاءِ پنهنجو هٿ ڊگهيرين، تڏهن تنهنجي پاڪ بندي يسوع جي نالي معجزا ۽ ڪرامتون ٿين.


۽ اهي رسولن کي وچ ۾ بيهاري پڇڻ لڳا تہ ڪهڙي قدرت سان، يا ڪنهن جي نالي تي اوهان ائين ڪيو آهي.


يعني خدا جي اُها راستبازي جا يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري سڀني ايماندارن کي حاصل ٿي ٿئي، ڇالاءِ جو ڪوبہ فرق ڪونهي،


۽ جي مون کي نبوت مليل هجي، ۽ سڀيئي راز ۽ سڀ علم ڄاڻندو هجان، ۽ جي منهنجو ايمان اهڙو ڪامل هجي جو جبلن کي هٽائي پاسي ڪري ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ آئون ڪي ڪين آهيان.


اهو ٽڪر آهي، ۽ سندس ڪم ڪامل آهي؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ رستا انصاف وارا آهن: هو سچو ۽ گناهہ کان پاڪ آهي، هو عادل ۽ راستباز آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ