Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 3:11 - Sindhi Bible

11 ۽ اڃا هو پطرس ۽ يوحنا کي جهليو بيٺو هو، تہ سڀيئي ماڻهو ڏاڍي عجب ۾ پئجي انهي ورانڊي ۾ اچي گڏ ٿيا، جنهن کي سليماني ڪري سڏيندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 جڏهن هو پطرس ۽ يوحنا کي چنبڙيو بيٺو هو تڏهن سڀيئي ماڻهو ڏاڍي حيرت وچان انهيءَ ورانڊي ڏانهن ڊوڙندا وٽن آيا، جنهن کي سليماني ورانڊو ڪري سڏيندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن هو پطرس ۽ يوحنا کي چنبڙيو بيٺو هو تڏهن سڀيئي ماڻهو ڏاڍي حيرت وچان انهيءَ ورانڊي ڏانهن ڊوڙندا وٽن آيا، جنهن کي سليماني ورانڊو ڪري سڏيندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 اڃا ھو پطرس ۽ يوحنا کي جھليو بيٺو ھو تہ سڀيئي ماڻھو ڏاڍي حيرت ۾ پئجي انھيءَ ورانڊي ۾ وٽن اچي گڏ ٿيا، جنھن کي سليماني ورانڊو ڪري سڏيندا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 3:11
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ تو خداوند جي نالي سان نبوت ڪري چيو آهي تہ هي گهر سيلا جهڙو ٿيندو، ۽ هي شهر اهڙو ويران ٿيندو جو ڪوبہ منجهس رهڻ وارو ڪونہ هوندو؟ پوءِ سڀ ماڻهو يرمياہ وٽ خدا جي گهر ۾ اچي گڏ ٿيا.


تڏهن يسوع پطرس ۽ يوحنا کي موڪليو، تہ وڃي فسح تيار ڪن تہ کائين.


پر جنهن ماڻهوءَ مان ڀوت نڪري ويا هئا، تنهن کيس عرض ڪيو تہ مون کي پاڻ وٽ رهڻ ڏي: پر هن کيس روانو ڪري چيو تہ


۽ يسوع هيڪل ۾ سليمان جي ڏيڍي ۾ پئي پسار ڪيو.


سو جڏهن اهو گوڙ ٻُڌڻ ۾ آيو، تڏهن خلق اچي گڏ ٿي ۽ حيران ٿي ويئي، ڇالاءِ جو سڀني ماڻهن هنن کي پنهنجي پنهنجي ٻولي ڳالهائيندو ٻُڌو.


جڏهن پطرس اهو حال ڏٺو، تڏهن ماڻهن کي ورندي ڏيئي چيائين، تہ اي اسرائيليو، هن ماڻهوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ يا اسان ۾ اکيون پائي ڇو بيٺا آهيو، ڄڻ تہ اسان پنهنجيءَ قدرت ۽ دينداريءَ ڪري هن کي هلڻ جي طاقت ڏني آهي؟


تنهن پطرس ۽ يوحنا کي هيڪل ۾ گهڙندو ڏسي کانئن خيرات گهُري.


۽ پطرس توڙي يوحنا اکيون کُپائي چيس، تہ اسان ڏانهن نهار.


۽ رسولن جي هٿان ماڻهن ۾ گهڻيئي معجزا ۽ ڪرامتون ٿينديون رهيون؛ ۽ هو سڀ يڪ دل ٿي سليمان جي ورانڊي ۾ گڏ ٿيندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ