Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 28:4 - Sindhi Bible

4 جڏهن جهنگلين اها بلا هن جي هٿ مان لڙڪندي ڏٺي، تڏهن هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ بيشڪ هيءُ ماڻهو خوني آهي، ۽ جيتوڻيڪ سمنڊ کان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف هن کي جيئرو رهڻ نٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 جڏهن اتان جي رهاڪن ڏٺو تہ پولس جي هٿ ۾ نانگ چنبڙيل آهي، تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ هي ماڻهو خوني آهي. جيتوڻيڪ هو سمنڊ مان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف واري ديوي هن کي جيوت رهڻ نہ ٿي ڏئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن اتان جي رهاڪن ڏٺو تہ پولس جي هٿ ۾ نانگ چنبڙيل آهي، تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ هي ماڻهو خوني آهي. جيتوڻيڪ هو سمنڊ مان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف واري ديوي هن کي جيئرو رهڻ نہ ٿي ڏئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 جڏھن اتان جي رھاڪن ڏٺو تہ پولس جي ھٿ ۾ نانگ چنبڙيل آھي، تڏھن ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ ھي ماڻھو خوني آھي. جيتوڻيڪ ھو سمنڊ مان بچي نڪتو آھي، پر خدا جو قھر ھن کي جيئرو رھڻ نہ ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 28:4
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي خداوند خدا جيڪي جهنگ جا جانور جوڙيا هئا، تن ۾ نانگ سڀني کان وڌيڪ چالاڪ هو. هن زال کي چيو تہ ڇا اهو سچ آهي، تہ خدا چيو آهي تہ اوهين باغ جي ڪنهن بہ وڻ جو ميوو نہ کائجو؟


جنهن ماڻهو جي سر تي ٻئي جو خون آهي، سو ڀڄي وڃي کڏ ۾ پوندو: انهي کي ڪوبہ نہ روڪي.


ڇالاءِ جو، ڏس، خداوند پنهنجي مڪان مان زمين جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ اچي ٿو: زمين بہ اُنهي رت کي ظاهر ڪندي جو منجهس آهي، ۽ جيڪي مٿس قتل ٿيا آهن تن کي نہ لڪائيندي.


جهنگلي جانور، گدڙ ۽ اٺ پکي بہ منهنجي عزت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي اُمت، پنهنجي چونڊيلن کي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ پاڻي ۽ رڻ پٽ ۾ نديون ٿو ڏيان.


هي اُهو خوشي ڪندڙ شهر آهي جو بي فڪر رهندو هو، ۽ جو پنهنجي دل ۾ چوندو هو، تہ آءٌ ئي آهيان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوئي ڪونهي: ڪيئن نہ هو ويران ۽ جانورن جي سمهڻ جي جاءِ ٿي پيو آهي! جيڪو انهيءَ جي پاسي کان لنگهندو سو شوڪارا ڀريندو ۽ پنهنجو هٿ لوڏيندو.


انهيءَ لاءِ تہ سڀني راستبازن جو رت، جو زمين تي وهايو ويو هو، يعني راستباز هابيل جي رت کان وٺي، برڪياہ جي پٽ ذڪرياہ جي رت تائين، جنهن کي اوهان پاڪ جاءِ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ قتل ڪيو، سو سڀ اوهان جي گردن تي پوي.


۽ سڀني ماڻهن ورندي ڏيئي چيو، تہ ڀلي تہ هن جو خون اسان تي، ۽ اسان جي اولاد تي هجي.


هن جواب ڏيئي چين، تہ اوهين ڀانئيو ٿا ڇا تہ اُهي گليلي ٻين سڀني گليلين کان وڏا گنهگار هئا، ڇالاءِ جو هنن سان ههڙي جُٺ ٿي؟


يا اوهين ڀانئيو ٿا ڇا تہ اُهي ارڙهن ڄڻا جن تي شيلوخ منجهہ ٺلهہ ڪِري پيو، ۽ دٻجي مُئا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ ڏوهاري هئا؟


منهن ڏسي انصاف نہ ڪريو، پر حقي انصاف ڪريو.


۽ اُتي جي جهنگلي ماڻهن اسان تي ڏاڍي مهرباني ڪئي، جو مينهن ۽ سيءَ جي ڪري باهہ ٻاري اسان جي خاطرداري ڪيائون.


پر جڏهن پولس ڪاٺين جي ڀري گڏ ڪري باهہ ۾ ٿي وڌي، تڏهن هڪڙو نانگ گرمائش جي ڪري نڪري آيو ۽ هن جي هٿ کي چنبڙي پيو.


پر هن اها بلا اُڇلائي باهہ ۾ ڇنڊي ڇڏي، ۽ کيس ڪوبہ ايذاءُ ڪونہ پهتو.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي ايمان، ناپاڪ، خوني، زناڪار، جادوگر، بُت پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جو حصو انهيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندو، جا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري؛ اهو ٻيو موت آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ