Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 28:2 - Sindhi Bible

2 ۽ اُتي جي جهنگلي ماڻهن اسان تي ڏاڍي مهرباني ڪئي، جو مينهن ۽ سيءَ جي ڪري باهہ ٻاري اسان جي خاطرداري ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اتان جي رهاڪن اسان تي ڏاڍي ڪرپا ڪئي. انهن باهہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهل مينهُن پئي پيو ۽ گھڻي ٿڌ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اتان جي رهاڪن اسان تي ڏاڍي مهرباني ڪئي. انهن باهہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهل مينهُن پئي پيو ۽ گھڻي ٿڌ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 اتان جي رھاڪن اسان تي ڏاڍي مھرباني ڪئي. انھيءَ مھل مينھن ۽ سيءُ پئي پيو، سو انھن باھہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 28:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جا سڀ ماڻهو ٽن ڏينهن جي اندر يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا؛ اُهو نائون مهينو هو ۽ اها مهيني جي ويهين تاريخ هئي: سڀ ماڻهو خدا جي گهر جي اڳيان ميدان ۾ اچي ويٺا ۽ انهيءَ ڳالهہ ۽ مينهن جي ڪري پئي ڏڪيا.


تون پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن کان وير نہ وٺج، نڪي انهن سان ڪينو رکج، پر پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪج: آءٌ خداوند آهيان.


جيڪو پرديسي اوهان منجهہ اچي رهي، سو اوهان ۾ ملڪي ماڻهوءَ جهڙو آهي، ۽ تون انهي کي پاڻ جهڙو پيار ڪج؛ ڇالاءِ جو اوهين بہ مصر جي ملڪ ۾ مسافر هئا: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هنن ننڍڙن منجهان هڪڙي کي منهنجو شاگرد ڄاڻي رڳو ٿڌي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، سو ڪنهن بہ طرح پنهنجو اجر نہ وڃائيندو.


هاڻي نوڪر ۽ حولدار ڪوئلن جي باهہ ٻاري اتي ويٺا هئا، ڇالاءِ تہ سيءُ پئي پيو؛ ۽ پاڻ بيٺي سيڪيائون: ۽ پطرس بہ ساڻن بيٺي پاڻ سيڪيو.


۽ ٻئي ڏينهن اسين صيدون ۾ اچي پهتاسين؛ ۽ يوليس پولس تي مهرباني ڪئي، ۽ موڪل ڏنائينس تہ دوستن وٽ وڃي، ۽ تازگي حاصل ڪري.


پر جڏهن پولس ڪاٺين جي ڀري گڏ ڪري باهہ ۾ ٿي وڌي، تڏهن هڪڙو نانگ گرمائش جي ڪري نڪري آيو ۽ هن جي هٿ کي چنبڙي پيو.


جڏهن جهنگلين اها بلا هن جي هٿ مان لڙڪندي ڏٺي، تڏهن هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ بيشڪ هيءُ ماڻهو خوني آهي، ۽ جيتوڻيڪ سمنڊ کان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف هن کي جيئرو رهڻ نٿو ڏئي.


آئون يونانين توڙي غير يونانين، ڏاهن توڙي بي عقلن، ٻنهي جو قرضدار آهيان.


جنهن جو ايمان ڪمزور آهي تنهن کي پاڻ وٽ وٺي اچو، پر اجايو بحث ڪرڻ جي لاءِ نہ.


جيڪو کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي حقير نہ سمجهي، ۽ جيڪو نٿو کائي سو کائڻ واري تي الزام نہ لڳائي: ڇالاءِ جو خدا هن کي قبول ڪيو آهي.


۽ جنهن شخص جو قوميت جي ڪري ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت تي عمل ڪندو، تہ تون جو ڪلام ۽ ختني هوندي بہ شريعت تي نٿو هلين، تنهن کي اُهو قصوروار نہ ٺهرائيندو ڇا؟


پر جيڪڏهن اها ٻولي مون کي نہ ايندي هوندي تہ ڳالهائڻ واري جي نظر ۾ آئون ڌاريو ٿيندس، ۽ ڳالهائڻ وارو بہ منهنجي نظر ۾ ڌاريو ٿيندو.


محنت ۽ مشقت ۾، اڪثر اوجاڳن ۾، بک ۽ اُڃ ۾، اڪثر فاقن ۾، سرديءَ ۽ اُگهاڙپن ۾.


جتي نڪو يوناني آهي نہ يهودي، نڪو مختون آهي نڪو نامختون، نہ جهنگلي آهي نہ وحشي، نہ غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح سڀ ڪجهہ آهي ۽ سڀني ۾ آهي.


مهمان نوازي ڪرڻ کان غافل نہ رهو؛ ڇالاءِ جو انهي ڪري ڪن بي خبريءَ ۾ ملائڪن جي مهمانداري ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ