Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 27:34 - Sindhi Bible

34 تنهنڪري آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ ڪجهہ کائو، ڇالاءِ تہ انهي ۾ اوهان جو بچاءُ آهي: ڇو جو اوهان مان ڪنهن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 آءٌ اوهان کي وينتي ٿو ڪريان تہ مهرباني ڪري ڪجھہ کائو، تہ جيئن اوهان جي جان بچي. هاڻ اوهان جو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ مهرباني ڪري ڪجھہ کائو، تہ جيئن اوهان جي جان بچي. هاڻ اوهان جو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 آءٌ اوھان کي عرض ٿو ڪريان تہ مھرباني ڪري ڪجھہ کائو، تہ جيئن اوھان جي جان بچي. ھاڻ اوھان جو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 27:34
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سليمان چيو تہ جيڪڏهن هو لائق ماڻهو ٿي هلندو تہ هن جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو: پر جي هن ۾ ڪا شرارت لڀندي تہ هو مرندو.


بلڪ اوهان جي مٿي جا وار بہ سڀ ڳڻيا پيا آهن.


پوءِ يسوع پنهنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ مون کي خلق تي رحم ٿو اچي، ڇالاءِ جو هو مون سان ٽي ڏينهن ساندهہ رهيا آهن، ۽ کاڌي لاءِ ڪي بہ ڪين اٿن: ۽ منهنجي مرضي نہ آهي تہ کين بکيو روانو ڪريان تہ متان رستي ۾ ماندا ٿي پون.


بلڪ اوهان جي مٿي جا وار بہ سڀ ڳڻيا پيا آهن. متان ڊنا آهيو: اوهان جو ملهہ تہ گهڻين جهرڪين کان مٿي آهي.


پر اوهان جي مٿي جو هڪ وار بہ ونگو نہ ٿيندو.


اڃا صبح ٿيڻ تي هو تہ پولس سڀني کي عرض ڪيو تہ ڪجهہ کائو، ۽ چيائين تہ اوهان کي انتظار ڪندي ڪندي، ۽ بکون ڪڍندي اڄ ڏهون ڏينهن اچي ٿيو آهي، جو ڪي بہ ڪين کاڌو اٿوَ.


اهڙي ئي طبيعت رکو جهڙي مسيح يسوع جي هئي؛


اڳتي رڳو پاڻي نہ پيءُ، پر معدي ۽ پنهنجي اڪثر بيمار رهڻ جي ڪري ٿوري مئي ڪم آڻ.


۽ ماڻهن سائول کي چيو تہ يونتن، جنهن اسرائيل ۾ هي وڏو ڇوٽڪاري جو ڪم ڪيو آهي، ماريو ويندو ڇا؟ شل خدا ائين نہ ڪري. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ هن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ زمين تي ڪونہ ڪرندو؛ ڇالاءِ جو هن اڄ خدا سان گڏجي ڪم ڪيو آهي. انهي طرح ماڻهن يونتن کي ڇڏايو جنهنڪري هو ڪين مئو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ