Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 27:1 - Sindhi Bible

1 ۽ جڏهن اهو ٺهراءُ ٿيو تہ اسين جهاز ۾ چڙهي اطاليہ ڏانهن وڃون، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي شهنشاهي پلٽڻ جي هڪڙي يوليس نالي صوبيدار جي حوالي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 پوءِ جڏهن سامونڊي جهاز ۾ چڙهي اسان جو اِٽليءَ جي شهر روم ڏانهن وڃڻ جو مقرر وقت آيو، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي مهاراجا واري پلٽڻ جي هڪ صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ جڏهن سامونڊي جهاز ۾ چڙهي اسان جو اِٽليءَ جي شهر روم ڏانهن وڃڻ جو مقرر وقت آيو، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي شهنشاهہ واري پلٽڻ جي هڪ صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 جڏھن اھو فيصلو ٿيو تہ اسين سامونڊي جھاز ۾ چڙھي اِٽليءَ ڏانھن وڃون، تڏھن ھنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي شھنشاھي پلٽڻ جي صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 27:1
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

باقي اوهان برابر مون سان برائي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر خدا کي انهيءَ مان ڀلائي ڪرڻي هئي، ۽ ائين ئي ڪرڻو هوس، جيئن اڄ ٿيو آهي، جو گهڻن ماڻهن جي حياتي بچي پيئي.


خداوند جي صلاح هميشہ تائين قائم رهندي، ۽ سندس دل جا خيال پيڙهين تائين.


بيشڪ انسان جو غضب تنهنجي تعريف جو سبب ٿيندو؛ ۽ باقي رهيل غضب سان تون پنهنجي ڪمر ٻڌندين.


ماڻهوءَ جي دل ۾ گهڻيون ئي تجويزون آهن؛ پر قائم فقط خداوند جي رٿ رهندي.


ماڻهوءَ جي لاءِ اهو چڱو آهي تہ هو پنهنجي جوانيءَ ۾ پاڃاري کڻي.


۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين.


هاڻي صوبيدار، ۽ ٻيا جن ساڻس گڏ يسوع تي نگهباني پئي ڪئي، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو جيڪي ٿيو هو سو ڏٺو، تڏهن ڏاڍا ڊڄي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ سچ پچ هي خدا جو فرزند هو.


۽ هي جيڪي ٿيو، سو صوبيدار ڏسي خدا جي تعريف ڪري چوڻ لڳو تہ بيشڪ هيءُ ماڻهو راستباز هو.


۽ هڪڙي صوبيدار جو نوڪر، جنهن سان هن جي ڏاڍي دل هئي، سو بيمار هو، ۽ مرڻ تي هو.


هاڻي قيصريہ ۾ ڪرنيليس نالي هڪڙو ماڻهو هوندو هو، جو انهيءَ پلٽڻ جو صوبيدار هو، جنهن کي اطالياني پلٽڻ ڪري سڏيندا هئا.


هنن چيس تہ ڪرنيليس صوبيدار، جو راستباز ۽ خدا ترس ماڻهو آهي، ۽ يهودين جي سڄيءَ قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس، تنهن کي خدا کان پاڪ ملائڪ جي وسيلي هدايت ملي آهي، تہ توکي پنهنجي گهر گهُرائي توکان ڪلام ٻُڌي.


هن جي انهي رويا ڏسندي شرط اسان هڪدم مڪدونيہ ۾ وڃڻ جو سعيو ڪيو؛ جو سمجهيوسين تہ خدا هنن کي خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ اسان کي ڪوٺيو آهي.


اُتي هن کي اڪولہ نالي هڪڙو يهودي مليو، جنهن جو وطن پنطس هو، ۽ پنهنجي زال پرسڪلہ سان گڏ تازو اطاليہ مان آيو هو؛ ڇالاءِ جو ڪلوديس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم مان نڪري وڃن: ۽ هو انهن وٽ آيو.


هاڻي جڏهن هي ڳالهيون ٿي رهيون، تڏهن پولس دل ۾ ارادو ڪيو تہ مڪدونيہ ۽ اخيہ مان ٿي يروشلم ۾ ويندس، ۽ چيائين تہ اتي وڃڻ کانپوءِ آئون روما بہ ضرور ڏسندس.


سو هڪدم سپاهي ۽ صوبيدار وٺي ڊوڙندو وٽن آيو، ۽ جڏهن هنن پلٽڻ جي سردار ۽ سپاهين کي ڏٺو، تڏهن پولس کي مارڻ کان بس ڪيائون.


جڏهن صوبيدار اهو ٻُڌو، تڏهن پنهنجي سردار وٽ ويو ۽ چيائينس تہ تون ڇا ٿو ڪرين؟ هي ماڻهو تہ رومي آهي.


جڏهن رات ٿي، تڏهن خداوند وٽس اچي بيٺو ۽ چيائينس تہ دلجاءِ ڪر، ڇالاءِ جو جيئن تو يروشلم ۾ منهنجي بابت شاهدي ڏني آهي، تيئن روما ۾ بہ توکي شاهدي ڏيڻي پوندي.


تنهن تي پولس صوبيدارن مان هڪڙي کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ هن جوان کي پلٽڻ جي سردار وٽ وٺي وڃو، جو کيس ڪجهہ چوڻو اٿس.


پوءِ هن صوبيدار کي حڪم ڏنو تہ هن کي نظربند رکو، مگر سُکيو رکجوس، ۽ سندس دوستن مان ڪنهن کي بہ سندس خدمت ڪرڻ کان نہ روڪجو.


آئون قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان. تڏهن فيستس صلاحڪارن سان صلاح مصلحت ڪري ورندي ڏني، تہ تو قيصر وٽ اپيل ڪئي آهي، سو توکي قيصر وٽ وڃڻو پوندو.


پر مون کي خبر پيئي تہ هن موت جي سزا جوڳو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي: پر جڏهن هن پاڻ شهنشاهہ وٽ اپيل ڪئي، تڏهن ٺهراءُ ڪيم تہ کيس اوڏانهن موڪليان.


پر صوبيدار، ناکئي ۽ جهاز جي مالڪ جون ڳالهيون، پولس جي ڳالهين کان وڌيڪ مڃيون.


پر صوبيدار جي مرضي هئي تہ پولس کي بچايان، سو هنن کي انهي ارادي کان روڪيائين؛ ۽ حڪم ڏنائين تہ جيڪي تري سگهن، سي پهرين جهاز مان ٽپو ڏيئي پاڻيءَ ۾ پون ۽ ڪناري تي وڃي پهچن:


۽ اُتي انهي صوبيدار کي سڪندريہ جو هڪڙو جهاز مليو، جو اطاليہ ڏانهن ٿي ويو؛ تنهن ۾ اسان کي کڻي چاڙهيائين.


۽ جڏهن اسين بچي نڪتاسين، تڏهن معلوم ٿيو تہ انهي ٻيٽ جو نالو مليطي آهي.


۽ جڏهن روم ۾ پهتاسين، تڏهن پولس کي خلاصو رهڻ جي موڪل ملي، پر هڪڙو سپاهي مٿس پهرو ڏيندو هو.


جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن سڀني کي، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن کي سلام ڏجو. اطاليہ وارا اوهان کي سلام ٿا ڏين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ