Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 26:5 - Sindhi Bible

5 ۽ مرضي هجين تہ شاهدي ڏيئي سگهندا، ڇو جو منهنجي بابت ايتري خبر اٿن تہ شروع کان ئي، آئون پنهنجي مذهب جي سڀني کان سخت پابند فرقي موجب، ڪيئن نہ فريسي ٿي گذاريندو هوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 هائو، گھڻي عرصي کان وٺي اهي مون کي ڄاڻين ٿا ۽ جيڪڏهن مرضي هجين تہ شاهدي ڏين تہ ڪيئن آءٌ پنهنجي ڌرم جي سڀني کان سخت پابند پنٿ فريسيءَ موجب جيون گذاريندو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 هائو، گھڻي عرصي کان وٺي اهي مون کي ڄاڻين ٿا ۽ جيڪڏهن مرضي هجين تہ شاهدي ڏين تہ ڪيئن آءٌ پنهنجي مذهب جي سڀني کان سخت پابند فرقي فريسيءَ موجب زندگي گذاريندو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 گھڻي وقت کان وٺي اھي مون کي ڄاڻين ٿا ۽ جيڪڏھن مرضي ھجين تہ شاھدي ڏين تہ ڪيئن آءٌ پنھنجي مذھب جي سڀني کان سخت پابند فرقي فريسيءَ موجب زندگي گذاريندو ھوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 26:5
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر فريسين جي فرقي مان جن ايمان آندو هو، تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ضرور آهي تہ هنن جو ختنو ٿئي، ۽ کين حڪم ڏنو وڃي تہ موسيٰ جي شريعت تي هلن.


آئون يهودي آهيان جو ڪليڪيہ جي ترسس شهر ۾ پيدا ٿيس؛ ۽ هن شهر ۾ گميليل جي قدمن ۾ علم حاصل ڪيم، ۽ ابن ڏاڏن جي شريعت جي پوري پوري تعليم ملي اٿم، ۽ جهڙيءَ طرح اوهين مڙيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آئون بہ هوندو هوس:


جيئن تہ سردار ڪاهن ۽ بزرگ منهنجا شاهد آهن، جو اُنهن مون کي ڀائرن لاءِ خط ڏنا، جي وٺي آئون دمشق ڏانهن روانو ٿيس، تہ جيڪي اُتي هجن تن کي بہ ٻڌرائي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.


پر جڏهن پولس سهي ڪيو تہ هنن ۾ ڪي صدوقي آهن، ۽ ڪي فريسي، تڏهن مجلس ۾ وڏي سڏ چيائين، تہ اي ڀائرو، آئون فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان؛ ۽ انهيءَ اُميد لاءِ تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جي اُٿندا، مون تي هي مقدمو ٿو هلي.


پر هيترو آئون تنهنجي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ جنهن طريقي کي هي بدعتي ٿا سڏين، اُنهي ۾ آئون پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت ٿو ڪريان؛ ۽ جيڪي ڳالهيون شريعت موجب آهن، ۽ جي نبين جي ڪتابن ۾ لکيل آهن، سي سڀيئي مڃان ٿو.


ڇالاءِ جو اسان جي نظر ۾ هيءُ ماڻهو هڪڙي وڏي آفت آهي، ۽ دنيا جي سڀني يهودين ۾ فساد مچائيندڙ، ۽ ناصرين جي بدعتي فرقي جو هڪڙو مهندار آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ