Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 26:2 - Sindhi Bible

2 اي اگرپا بادشاهہ، آئون پاڻ کي نصيب وارو ٿو سمجهان، جو اڄ تنهنجي اڳيان انهن ڳالهين جو بچاءُ ڏيڻو اٿم، جن بابت يهودين مون تي تهمت رکي آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 ”اي راجا اگرپا! آءٌ پاڻ کي ڀاڳ وارو ٿو سمجھان جو اڄ اوهان جي اڳيان انهن ڳالهين جي صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻو اٿم جن جي يهودين مون تي تهمت هنئي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”اي بادشاهہ اگرپا! آءٌ پاڻ کي خوش‌نصيب ٿو سمجھان جو اڄ اوهان جي اڳيان انهن ڳالهين جي صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻو اٿم جن جي يهودين مون تي تهمت هنئي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ”اي بادشاھہ اگرپا! آءٌ پاڻ کي خوش⁠نصيب ٿو سمجھان جو اڄ اوھان جي اڳيان انھن ڳالھين جي بچاءَ ۾ بيان ڏيڻو اٿم جن جي يھودين مون تي تھمت ھنئي آھي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 26:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ بادشاهن جي اڳيان تنهنجين شاهدين جو بيان ڪندس، ۽ ڦڪو ڪين ٿيندس.


پر جڏهن هو اوهان کي جهلائين، تڏهن اهو فڪر نہ ڪجو تہ ڪيئن يا ڇا ڳالهايون، ڇالاءِ جو جيڪي اوهان کي ڳالهائڻو هوندو سو اُنهيءَ گهڙيءَ پاڻهي اوهان کي ٻڌايو ويندو.


۽ جڏهن اُهي اوهان کي عبادتخانن، ۽ حاڪمن، ۽ اختياريءَ وارن اڳيان کڙو ڪن، تڏهن متان فڪر ڪيو اٿوَ، تہ ڪيئن يا ڪهڙي وراڻي ڏيون، يا ڇا چئون:


پر اُهي ڳالهيون ٿين، تنهن کان اڳي اهي اوهان کي اچي جهليندا، ۽ اوهان کي ستائيندا، ۽ عبادتخانن جي عدالت جي حوالي ڪندا، ۽ قيد خانن ۾ وجهندا، ۽ منهنجي نالي بادشاهن ۽ حاڪمن اڳيان اوهان کي کڙو ڪندا.


مگر سندس بابت مون کي ڪابہ پڪي خبر ڪانهي جا پنهنجي مالڪ ڏانهن لکي موڪليان. تنهنڪري مون هن کي اوهان جي اڳيان، خاص ڪري، اي اگرپا بادشاهہ، تنهنجي اڳيان، حاضر ڪيو آهي، تہ هن تحقيقات مان ڪا لکڻ جهڙيءَ ڳالهہ جي خبر پويم.


۽ اگرپا پولس کي چيو تہ هاڻي توکي ڳالهائڻ جي موڪل آهي. تڏهن پولس پنهنجو هٿ ڊگهيري، هن طرح پنهنجو بچاءُ ڏيڻ لڳو، تہ


سو، اي بادشاهہ، آسمان مان جو اهو رويا ڏٺم، تنهن کان منهن نہ موڙيم.


ڇالاءِ جو بادشاهہ جنهن سان صاف صاف بيٺو ڳالهايان، تنهن کي اها بہ خبر آهي، ۽ پڪ اٿم تہ انهن مان ڪابہ ڳالهہ کانئس لڪل ڪانهي؛ ڇو جو اها ڳالهہ ڪنڊ پاسي ۾ ڪانہ ٿي آهي.


خاص هن ڪري، جو تون يهودين جي سڀني ريتن ۽ رسمن کان خوب واقف آهين: تنهنڪري منهنجو عرض آهي، تہ تون تحمل ڪري منهنجي ٻُڌ.


۽ انهي واعدي جي پوري ٿيڻ جي اُميد تي اسان جا ٻارهن ئي قبيلا ڏاڍي دل سان رات ڏينهن خدا جي عبادت پيا ڪن. انهيءَ ئي اميد جي ڪري، بادشاهہ سائين، يهودين مون تي هيءَ تهمت رکي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ