Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 26:16 - Sindhi Bible

16 پر اُٿي بيهہ: ڇالاءِ جو مون انهي مطلب لاءِ توکي ڏيکاري ڏني آهي تہ توکي انهن سڀني ڳالهين جو خدمتگار ۽ شاهد مقرر ڪريان، جن لاءِ تو مون کي ڏٺو آهي، ۽ جن لاءِ آئون توکي ڏيکاري ڏيندس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 پر هاڻي اُٿ ۽ سڌو ٿي بيهہ. مون هن مقصد لاءِ تو کي درشن ڏنو آهي تہ آءٌ تو کي پنهنجو داس ۽ شاهد مقرر ڪريان، تہ جيئن ٻين کي ٻڌائين تہ ڪيئن تو اڄ مون کي ڏٺو آهي ۽ آئيندہ جيڪي ڳالهيون تو کي ڏيکاريندو رهندس سي بہ کين ٻڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 پر هاڻي اُٿ ۽ سڌو ٿي بيهہ. مون هن مقصد لاءِ تو کي ڏيکاري ڏني آهي تہ آءٌ تو کي پنهنجو ٻانهو ۽ شاهد مقرر ڪريان، تہ جيئن ٻين کي ٻڌائين تہ ڪيئن تو اڄ مون کي ڏٺو آهي ۽ آئيندہ جيڪي ڳالهيون تو کي ڏيکاريندو رهندس سي بہ کين ٻڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 پر ھاڻي اٿ ۽ سڌو ٿي بيھہ. مون ھن مقصد لاءِ تو کي ڏيکاري ڏني آھي تہ آءٌ تو کي پنھنجو ٻانھو ۽ شاھد مقرر ڪريان، تہ جيئن ٻين کي ٻڌائين تہ ڪيئن تو اڄ مون کي ڏٺو آھي ۽ آئيندہ جيڪي ڳالھيون تو کي ڏيکاريندو رھندس سي بہ کين ٻڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 26:16
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ مون کي چيو تہ اي آدمزاد، پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ تہ آءٌ توسان ڳالهايان.


۽ هن مون کي چيو تہ اي داني ايل، گهڻو پيارا شخص، جيڪي ڳالهيون آءٌ توکي ٻڌايان ٿو سي سمجهي وٺ، ۽ اُٿي سنئون ٿي بيهہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو ڏانهن موڪليو ويو آهيان: ۽ جڏهن هن مون کي ائين چيو، تڏهن آءٌ ڏڪندو اُٿي بيٺس.


۽ جهڙيءَ طرح جن شروع کان ئي پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو، ۽ ڪلام جا خادم هئا، تن اهي اسان کي سونپي ڏنيون،


ڇالاءِ جو هو اسان مان ئي هڪڙو ليکبو هو، ۽ هن خدمت جي ڪم ۾ حصو هوس.


انهيءَ لاءِ تہ اهو هن خدمت ۽ رسالت ۾ اُها جاءِ وٺي، جنهن تان يهوداهہ خارج ٿيو، ۽ پنهنجي جاءِ ڏانهن هليو ويو.


پر مون کي پنهنجي جان جو فڪر ڪونهي، نڪي اُنهيءَ سان اهڙي دل اٿم، فقط اِهو فڪر اٿم تہ آئون پنهنجو دور پورو ڪريان، ۽ جيڪا خدمت خداوند يسوع کان مون کي ملي آهي، سا پوري ڪريان؛ يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


۽ جڏهن هو اُنهن کي سلام ڪري رهيو، تڏهن جيڪي خدا سندس خدمت جي وسيلي غير قومن ۾ ڪيو هو، سو ترتيب وار ٻُڌايائين.


تڏهن مون چيو، تہ اي خداوند، آئون ڇا ڪريان؟ خداوند مون کي چيو تہ اُٿي دمشق ۾ وڃ، ۽ جيڪي تنهنجي ڪرڻ لاءِ ٺهرايو ويو آهي، سو سڀ توکي ٻُڌايو ويندو.


جڏهن رات ٿي، تڏهن خداوند وٽس اچي بيٺو ۽ چيائينس تہ دلجاءِ ڪر، ڇالاءِ جو جيئن تو يروشلم ۾ منهنجي بابت شاهدي ڏني آهي، تيئن روما ۾ بہ توکي شاهدي ڏيڻي پوندي.


۽ مون چيو تہ اي خداوند، تون ڪير آهين؟ تڏهن خداوند چيو، تہ آئون يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.


پر اسين دعا ۽ ڪلام جي خدمت ۾ مشغول رهنداسين.


جنهن جي معرفت اسان کي فضل ۽ رسالت ملي، انهي لاءِ تہ سندس نالي جي خاطر سڀني قومن مان ماڻهو ايمان جا تابعدار ٿين،


تہ آئون غير قومن لاءِ مسيح يسوع جو خادم ٿيان، ۽ ڪاهنت وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي خدمت ڪريان، انهي لاءِ تہ غير قومون نذر جي طور پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي قبول پون.


سو جنهن صورت ۾ اسان کي هيءَ خدمت خدا جي رحمت سان ملي آهي، تنهن صورت ۾ اسين همت نٿا هاريون.


پر سڀ شيون خدا کان آهن، جنهن مسيح جي وسيلي اسان کي پاڻ سان ملايو، ۽ ميل ميلاپ جي خدمت اسان جي حوالي ڪئي.


ڇالاءِ جو، اُها مون کي انسان کان نہ ملي، نہ اها ڪنهن مون کي سيکاري، پر يسوع مسيح جي وسيلي مون تي ظاهر ٿي.


۽ منهنجو وڃڻ الهام موجب ٿيو؛ ۽ جنهن خوشخبريءَ جي مون غير قومن ۾ منادي ٿي ڪئي، سا مون خانگي طور هنن جي اڳيان، جيڪي معزز سمجهيا ويندا هئا، پيش ڪئي تہ متان ائين نہ ٿئي تہ منهنجي هاڻوڪي يا اڳوڻي ڊوڙ ڊڪ اجائي ٿئي.


تہ ڪهڙيءَ طرح الهام جي رستي اهو راز مون کي معلوم ٿيو، جيئن مون اڳي مختصر طور لکيو آهي،


بشرطيڪ اوهين ايمان ۾ مضبوط ۽ قائم رهو، ۽ جيڪا خوشخبري اوهان ٻُڌي آهي، تنهن جي اُميد ڇڏي نہ ڏيو، جنهن جي منادي آسمان جي هيٺان ساري زمين تي ڪل مخلوقات ۾ ڪئي ويئي آهي، ۽ آئون پولس انهي جو خادم آهيان.


جنهن جو آئون خادم مقرر ٿيس، خدا جي انهي انتظام موجب، جو اوهان جي واسطي مون کي ڏنو ويو؛ انهي لاءِ تہ آئون خدا جي ڪلام جي منادي پوري طرح ڪريان،


جهڙيءَ طرح ڪ اوهان کي اسان جي پياري هم خدمت اپفراس کان تعليم ملي. هو اسان جي پاران مسيح جو ايماندار خادم آهي،


۽ تيمٿيس، جو اسان جو ڀاءُ، ۽ مسيح جي خوشخبريءَ ۾ خدا جو خادم آهي، تنهن کي موڪليوسين تہ اوهان کي قائم ڪري، ۽ اوهان جي ايمان جي نسبت ۾ اوهان کي تسلي ڏئي؛


آئون انهي جو شڪر ٿو ڪريان، يعني اسان جي خداوند مسيح يسوع جو، جنهن مون کي اهڙي طاقت ڏني، ۽ مون کي ايماندار سمجهي پنهنجي خدمت جي لاءِ مقرر ڪيو؛


جيڪڏهن تون ڀائرن کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندين تہ تون مسيح يسوع جو چڱو خادم ٿيندين، ۽ انهي ايمان ۽ چڱي تعليم جي وسيلي پرورش پائيندين، جن تي اڄ تائين تون پئي هليو آهين.


پر تون سڀني ڳالهين ۾ هوشيار رهہ، سختي سهہ، بشارت جو ڪم ڪر، ۽ پنهنجي خدمت پوري ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ