Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 26:13 - Sindhi Bible

13 تڏهن اي بادشاهہ، ٻنپهرن جي وقت واٽ تي ڏٺم تہ آسمان مان هڪڙو سوجهرو، جو سج کان بہ وڌيڪ روشنائيءَ وارو هو، سو مون تي ۽ منهنجي سنگتين تي اچي چمڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 اهو منجھند جو وقت هو، تڏهن، اي راجا اگرپا! رستي ويندي مون آڪاش مان هڪڙي روشني ڏٺي جيڪا سج کان بہ وڌيڪ تجليدار هئي، سا مون تي ۽ منهنجي ساٿين تي اچي چمڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اهو منجھند جو وقت هو، تڏهن، اي بادشاهہ اگرپا! رستي ويندي مون آسمان مان هڪڙي روشني ڏٺي جيڪا سج کان بہ وڌيڪ تجليدار هئي، سا مون تي ۽ منهنجي ساٿين تي اچي چمڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 اي بادشاھہ سلامت! ٻنپھرن جو وقت ھو جو رستي ويندي مون آسمان مان ھڪڙي روشني ڏٺي جيڪا سج کان بہ وڌيڪ تجليدار ھئي، سا مون تي ۽ منھنجي ساٿين تي اچي چمڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 26:13
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهي وقت چنڊ لڄي ٿيندو، ۽ سج شرمندو ٿيندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند صيون جبل ۾، ۽ يروشلم ۾، ۽ پنهنجي بزرگن جي اڳيان تجمل سان بادشاهي ڪندو.


انهي ڏينهن، جڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت جي ڦٽ تي پٽي ٻڌندو، ۽ انهيءَ جي زخم جو ڌڪ ڇُٽائيندو، تڏهن چنڊ جي روشنائي سج جي روشنائي جهڙي ٿيندي، ۽ سج جي روشنائي ستوڻي، بلڪ ستن ڏينهن جي روشنائيءَ جهڙي ٿيندي.


۽ هنن جي روبرو سندس شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو، ۽ سندس پوشاڪ روشنيءَ جهڙي نوراني ٿي پيئي.


۽ هيئن ٿيو جو جڏهن آئون سفر ڪندو دمشق کي ويجهو آيس، تڏهن ٻنپهرن ڌاري اوچتو ئي اوچتو هڪڙي وڏي روشنائي آسمان مان منهنجي چوڌاري اچي چمڪڻ لڳي.


۽ جيڪي مون سان هئا، تن اها روشنائي برابر ڏٺي، پر جنهن مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن جو آواز ڪونہ ٻُڌو.


انهيءَ لاءِ سردار ڪاهن کان اختياري ۽ پروانو وٺي، جڏهن آئون دمشق ڏانهن پئي ويس،


۽ جڏهن اسين سڀ زمين تي ڪِري پياسين، تڏهن مون هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن عبراني ٻوليءَ ۾ مون کي چيو تہ اي شائول، اي شائول، تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ پڻياٺيءَ تي لت هڻڻ تنهنجي لاءِ ڏکيو آهي.


۽ واٽ ويندي جڏهن هو دمشق جي ويجهو آيو، تڏهن اوچتو آسمان مان هڪڙي روشني اچي سندس چوڌاري چمڪڻ لڳي:


۽ انهي جي ساڄي هٿ ۾ ست تارا هئا: ۽ هن جي وات مان هڪڙي ٻہ منهين ترار ٿي نڪتي: ۽ اُنهي جي شڪل چمڪندڙ سج جهڙي هئي.


۽ انهي شهر کي روشنيءَ لاءِ سج جي گهُرج ڪانہ هئي، نڪا چنڊ جي؛ ڇالاءِ جو خدا جو جلال کيس روشن ٿو ڪري، ۽ گهيٽو سندس چراغ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ