Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 26:10 - Sindhi Bible

10 ۽ يروشلم ۾ آئون ائين ڪندو هوس، ۽ سردار ڪاهنن کان اختياري وٺي گهڻن ئي پاڪ ٿيلن کي قيد ۾ بہ وجهائيندو هوس، ۽ سندن قتل ٿيڻ وقت سندن برخلاف پنهنجي راءِ ڏنيم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 سو يروشلم ۾ آءٌ ائين ئي ڪندو هئس. سردار ڪاهنن کان اختياري وٺي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ڪيترن ئي ماڻهن کي جيل ۾ وجھرائيندو هئس ۽ کين قتل ڪرائڻ لاءِ انهن جي خلاف پنهنجو رايو بہ ڏيندو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 سو يروشلم ۾ آءٌ ائين ئي ڪندو هئس. سردار ڪاهنن کان اختياري وٺي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ڪيترن ئي ماڻهن کي جيل ۾ وجھرائيندو هئس ۽ کين قتل ڪرائڻ لاءِ انهن جي خلاف پنهنجو رايو بہ ڏيندو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 سو يروشلم ۾ آءٌ ائين ئي ڪندو ھوس. سردار ڪاھنن کان اختياري وٺي ڪيترن ئي خدا جي ماڻھن کي جيل ۾ وجھرائيندو ھوس ۽ کين قتل ڪرائڻ لاءِ انھن جي خلاف پنھنجو رايو بہ ڏيندو ھوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 26:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ملڪ ۾ جيڪي پاڪ آهن، اُهي ئي وڏا آهن، انهن ۾ ئي منهنجي پوري خوشي آهي.


۽ کيس شهر کان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا؛ ۽ شاهدن پنهنجا ڪپڙا شائول نالي هڪڙي جوان جي پيرن وٽ وڃي رکيا.


۽ شائول هن جي قتل ڪرڻ تي راضي هو. ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪا ڪليسيا يروشلم ۾ هئي، تنهن تي ڏاڍو ظلم ٿيڻ لڳو؛ ۽ رسولن کانسواءِ باقي ٻيا سڀ يهوديہ ۽ سامريہ جي ملڪن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا.


پر شائول ڪليسيا کي تباهہ ڪندو رهيو، ۽ گهر گهر ۾ گهڙي مردن ۽ زالن کي گهلي قيد ڪرائيندو هو.


۽ جن هن جي اها ڳالهہ ٻُڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ هي اهو ناهي ڇا، جو جيڪي يروشلم ۾ هي نالو وٺي دعا گهُرندا هئا، تن کي ستائيندو هو، ۽ هتي بہ انهي ارادي سان آيو هو تہ انهن کي ٻَڌي سردار ڪاهنن وٽ وٺي وڃي؟


۽ جڏهن هو يروشلم ۾ آيو، تڏهن ڀانيائين تہ شاگردن سان وڃي گڏجان، پر اهي سڀيئي کانئس ڊنا ٿي، جو اعتبار ئي نٿي آين تہ هو بہ ڪو شاگرد آهي.


۽ هيئن ٿيو جو جيئن پطرس سڀ ڪنهن هنڌ پي گشت ڪيو، تيئن انهن پاڪ ٿيلن وٽ بہ وڃي پهتو جي لدہ ۾ رهندا هئا.


پوءِ هن هٿ ڏيئي اُٿاريس، ۽ انهن پاڪ ٿيلن ۽ بيوهن کي سڏي اُها جيئري جاڳندي سندن حوالي ڪيائين.


ڇالاءِ جو آئون رسولن ۾ سڀني کان ننڍو آهيان ۽ رسول سڏجڻ جو لائق نہ آهيان، ڇو جو مون خدا جي ڪليسيا کي ستايو هو.


هن ڪري جو يهودين جي مذهب ۾، گذريل وقت ۾ منهنجي هلت چلت اوهان ٻُڌي آهي، تہ ڪهڙيءَ طرح خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو ۽ ڦٽائيندو هوس:


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، تنهن جي طرفان انهن پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي افسس ۾ آهن ۽ مسيح يسوع ۾ ايماندار آهن؛


۽ مون انهي زال کي پاڪ ٿيلن جي رت، ۽ يسوع جي شهيدن جي رت سان مست ڏٺو. ۽ کيس ڏسي آئون ڏاڍو حيران ٿي ويس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ