7 پر لوسياس سردار اچي زوريءَ اسان جي هٿان هن جي ٻانهن کسي ويو.
ڇالاءِ جو حرڪت ڪرڻ کان سواءِ هو سمهن نٿا؛ ۽ جيستائين هو ڪنهن کي نٿا ڪيرائين تيستائين هنن کي ننڊ نٿي اچي.
۽ هو کيس ماري وجهڻ جي سعيي ۾ هئا، تہ پلٽڻ جي سردار کي خبر وڃي پهتي تہ ساري يروشلم ۾ وڳوڙ پئجي ويو آهي.
جڏهن پولس ڏاڪڻ وٽ آيو، تڏهن هيئن ٿيو جو ايترا ماڻهو ڪاهي اچي مٿانئس پيا جو سپاهين کي کيس کڻڻو پيو؛
جڏهن ڏاڍو تڪرار ٿي پيو، تڏهن پلٽڻ جي سردار کي اهو ڊپ ٿيو تہ متان پولس کي ڏاري ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏين، تنهنڪري سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ وڃي گوڙ مان هن کي زوريءَ قلعي ۾ وٺي اچو.
پوءِ ٻن صوبيدارن کي پاڻ گهُرائي چيائين تہ ٻہ سؤ سپاهي، ۽ ستر گهوڙي سوار، ۽ ٻہ سؤ نيزي بردار تيار ڪريو تہ پهر رات گذري قيصريہ ۾ وڃن.
۽ هيءَ بہ ڪوشش ڪئي اٿس تہ هيڪل جي بي عزتي ڪري: پر اسان پڪڙي ورتس، (۽ اسان جي مرضي هئي تہ پنهنجي شريعت موجب هن جو انصاف ڪريون،
۽ هن جي مدعين کي حڪم ڏنائين تہ تو وٽ اچن)، ۽ جن ڳالهين جو اسين مٿس ڏوهہ ٿا مڙهيون، تن جي پڇا جڏهن تون پاڻ پنهنجي سر ڪندين، تڏهن توکي معلوم ٿيندو.