Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 24:3 - Sindhi Bible

3 ۽ اسين هر طرح ۽ هر هنڌ ڏاڍي شڪرگذاريءَ سان تنهنجا ٿورا مڃيندا ٿا رهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 جنابِ اعليٰ! اسين هر طرح ۽ هر جاءِ وڏي شڪرگذاريءَ سان اوهان جا ٿورائتا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جنابِ اعليٰ! اسين هر طرح ۽ هر جاءِ وڏي شڪرگذاريءَ سان اوهان جا احسانمند آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 اسين ھر طرح ۽ ھرھنڌ اوھان جا شڪرگذار ۽ ٿورائتا آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 24:3
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري مون کي پڻ ائين سهڻو نظر آيو، تہ جن ڳالهين جي مون شروع کان پوري پوري جاچ ڪئي آهي، سي سموريون سلسلي وار تو ڏانهن لکي موڪليان؛


۽ هي بہ حڪم ڏنائين تہ وهٽ موجود رکجو تہ پولس کي چاڙهي فيلڪس حاڪم وٽ صحيح سلامت وٺي وڃن.


جناب فيلڪس صاحب بهادر حاڪم کي ڪلوديس لوسياس جا سلام پهچن.


۽ جڏهن هو قيصريہ ۾ اچي پهتا ۽ حاڪم کي خط ڏنائون، تڏهن پولس کي بہ سندس اڳيان حاضر ڪيائون.


۽ جڏهن اُنهي کي سڏ ٿيو، تڏهن طرطلس مٿس تهمت آڻي چوڻ لڳو، تہ جناب فيلڪس صاحب بهادر! اسين حضور جن جي وسيلي ڏاڍي امن ۾ ٿا گذاريون، ۽ تنهنجي دور انديشيءَ جي ڪري هن قوم جي لاءِ ڪيترائي سڌارا ٿيندا وڃن ٿا،


پر توکي وڌيڪ تڪليف نہ ڏيان، تنهنڪري توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون مهرباني ڪري اسان جون ٻہ ٽي ڳالهيون ٻُڌ:


پر پولس چيو، تہ جناب فيستس بهادر، آئون ديوانو نہ آهيان، پر سچ ۽ عقل جون ڳالهيون ٿو ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ