Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 24:11 - Sindhi Bible

11 ڀلي تہ جاچ ڪري ڏس تہ ٻارهن ڏينهن مس ٿيندا جو آئون يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ ويو هوس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 اوهين جاچ ڪري سگھو ٿا تہ ٻارهن ڏينهن بہ مس گذريا هوندا جو آءٌ يروشلم ۾ ڀڳتي ڪرڻ لاءِ ويو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اوهين جاچ ڪري سگھو ٿا تہ ٻارهن ڏينهن بہ مس گذريا هوندا جو آءٌ يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ ويو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 اوھين معلوم ڪري سگھو ٿا تہ ٻارھن ڏينھن بہ مس گذريا ھوندا جو آءٌ يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ ويو ھوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 24:11
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٻئي ڏينهن پولس اسان سان گڏجي يعقوب وٽ هليو ۽ سڀ بزرگ بہ اُتي ويٺا هئا.


پر ٻئي ڏينهن اِنهي لاءِ تہ پڪي خبر پويس تہ يهودي مٿس ڪهڙو ڏوهہ ٿا مڙهين؛ هن کيس ڇوڙائي ڇڏيو ۽ سردار ڪاهن، ۽ ساري صدر مجلس کي گڏ ٿيڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ پولس کي هيٺ وٺي آيو ۽ سندن وچ ۾ بيهاريائين.


جڏهن رات ٿي، تڏهن خداوند وٽس اچي بيٺو ۽ چيائينس تہ دلجاءِ ڪر، ڇالاءِ جو جيئن تو يروشلم ۾ منهنجي بابت شاهدي ڏني آهي، تيئن روما ۾ بہ توکي شاهدي ڏيڻي پوندي.


پوءِ ٻن صوبيدارن کي پاڻ گهُرائي چيائين تہ ٻہ سؤ سپاهي، ۽ ستر گهوڙي سوار، ۽ ٻہ سؤ نيزي بردار تيار ڪريو تہ پهر رات گذري قيصريہ ۾ وڃن.


۽ پنجن ڏينهن کانپوءِ سردار ڪاهن حنانياہ، ڪن بزرگن سان گڏجي، ۽ طرطلس نالي هڪڙو وڪيل ساڻ ڪري آيو؛ پوءِ اُنهن حاڪم جي اڳيان پولس تي فرياد ڪيو.


هاڻي آئون گهڻن ورهين کان پوءِ آيس تہ پنهنجي قوم کي خيرات ڏيان ۽ نذر چاڙهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ