Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 24:1 - Sindhi Bible

1 ۽ پنجن ڏينهن کانپوءِ سردار ڪاهن حنانياہ، ڪن بزرگن سان گڏجي، ۽ طرطلس نالي هڪڙو وڪيل ساڻ ڪري آيو؛ پوءِ اُنهن حاڪم جي اڳيان پولس تي فرياد ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 پنجن ڏينهن کان پوءِ وڏو سردار ڪاهن حننياہ يهودي پئنچائت جي ڪن ٻين چڱن مڙسن ۽ ترطلس نالي هڪ وڪيل سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اهي گورنر فِيلڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تهمتون هڻڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پنجن ڏينهن کان پوءِ وڏو سردار ڪاهن حننياہ يهودي ڪائونسل جي ڪن ٻين چڱن مڙسن ۽ ترطلس نالي هڪ وڪيل سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اهي گورنر فِيلڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تهمتون هڻڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 پنجن ڏينھن کان پوءِ وڏو سردار ڪاھن حنانياہ ڪن بزرگن ۽ ھڪ وڪيل طرطلس سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اھي گورنر فِيلِڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تھمتون ھڻڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 24:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو ڏس، بڇڙا پنهنجي ڪمان ڪشي تير زهہ تي چاڙهين ٿا، تہ سچيءَ دل وارن کي اوندهہ ۾ هڻن.


پنجاهہ جو سردار، ۽ عزت وارو ماڻهو، ۽ مشير ۽ استاد ڪاريگر، ۽ جادوگر.


پوءِ هيروديس هڪڙو ڏينهن مقرر ڪري بادشاهي پوشاڪ ڍڪي تخت تي اچي ويٺو، ۽ سندن اڳيان هڪڙي تقرير ڪيائين.


۽ جڏهن اُهي ست ڏينهن پوري ٿيڻ تي آيا، تڏهن آسيہ جي يهودين هن کي هيڪل ۾ ڏسي سڀني ماڻهن کي چوريو ۽ وڃي پڪڙيائونس،


تنهن تي سردار ڪاهن حنانياہ، جيڪي سندس ڀرسان بيٺا هئا، تن کي حڪم ڏنو تہ ٻُوٿ وارو ڌڪ هڻوس.


۽ هي بہ حڪم ڏنائين تہ وهٽ موجود رکجو تہ پولس کي چاڙهي فيلڪس حاڪم وٽ صحيح سلامت وٺي وڃن.


۽ جڏهن مون کي خبر پيئي تہ هن ماڻهوءَ جي برخلاف هڪڙو منصوبو کڙو ٿيڻو آهي، تڏهن هڪدم کيس تو ڏانهن ڏياري موڪليم ۽ سندس مدعين کي بہ حڪم ڏنم تہ جيڪي سندس برخلاف چوڻو اٿن، سو تو وٽ اچي چَون.


۽ جڏهن هو قيصريہ ۾ اچي پهتا ۽ حاڪم کي خط ڏنائون، تڏهن پولس کي بہ سندس اڳيان حاضر ڪيائون.


تڏهن چوڻ لڳو تہ جڏهن تنهنجا مدعي ايندا تہ پوءِ آئون تنهنجو مقدمو هلائيندس: ۽ حڪم ڏنائين تہ هيروديس جي درٻار واريءَ جاءِ ۾ پهري هيٺ رکوس.


ڀلي تہ جاچ ڪري ڏس تہ ٻارهن ڏينهن مس ٿيندا جو آئون يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ ويو هوس؛


۽ جڏهن اُنهي کي سڏ ٿيو، تڏهن طرطلس مٿس تهمت آڻي چوڻ لڳو، تہ جناب فيلڪس صاحب بهادر! اسين حضور جن جي وسيلي ڏاڍي امن ۾ ٿا گذاريون، ۽ تنهنجي دور انديشيءَ جي ڪري هن قوم جي لاءِ ڪيترائي سڌارا ٿيندا وڃن ٿا،


جنهن تي، جڏهن آئون يروشلم ۾ هوس، تڏهن سردار ڪاهنن ۽ يهودين جي بزرگن مون وٽ فرياد ڪيو، ۽ عرض ڪيائون تہ سزا ڏينس.


۽ سردار ڪاهنن ۽ يهودين جي بزرگن وٽس پولس تي دانهن ڪئي؛ ۽ عرض ڪيائونس تہ


اي ڀائرو، جڏهن آئون اوهان وٽ آيس، تڏهن اعليٰ درجي جي تقرير ۽ ڏاهپ سان خدا جي راز جي منادي ڪين ڪيم.


۽ منهنجي تقرير ۽ منهنجي منادي ڏاهپ جي دلڪش لفظن ۾ نہ هئي، مگر روح ۽ قدرت جي ڪري ثابت ٿي ويئي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ