Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 22:5 - Sindhi Bible

5 جيئن تہ سردار ڪاهن ۽ بزرگ منهنجا شاهد آهن، جو اُنهن مون کي ڀائرن لاءِ خط ڏنا، جي وٺي آئون دمشق ڏانهن روانو ٿيس، تہ جيڪي اُتي هجن تن کي بہ ٻڌرائي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 وڏو سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي پئنچائت هن ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي سگھي ٿي تہ آءٌ سچ ٿو ڳالهايان. انهن ئي مون کي دمشق جي يهودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانهن روانو ٿيس تہ جيئن اتي بہ يسوع جي رستي تي هلڻ وارن کي ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 وڏو سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي ڪائونسل هن ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي سگھي ٿي تہ آءٌ سچ ٿو ڳالهايان. انهن ئي مون کي دمشق جي يهودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانهن روانو ٿيس تہ جيئن اتي بہ عيسيٰ جي رستي تي هلڻ وارن کي ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 وڏو سردار ڪاھن ۽ سڄي ڪائونسل ھن ڳالھہ جي شاھدي ڏيئي سگھن ٿا تہ آءٌ سچ ٿو ڳالھايان. انھن ئي مون کي دمشق جي يھودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانھن روانو ٿيس تہ جيئن اتي وارن کي بہ ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 22:5
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اڃا ڏينهن ٿيو ئي ڪين، تہ اُمت جا بزرگ، يعني سردار ڪاهن ۽ فقيهہ اچي گڏ ٿيا ۽ هن کي پنهنجي صدر مجلس ۾ وٺي ويا، ۽ چيائونس تہ


۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو،


اي ڀائرو، ابراهيم جا اولاد، ۽ اي خدا ترس ماڻهو، اسان وٽ اِهو نجات جو ڪلام موڪليو ويو آهي.


اي ڀائرو، آئون اوهان کي کُليو کُلايو بابي دائود بابت ٻُڌائي ٿو سگهان تہ هو برابر مري ويو ۽ دفن بہ ٿيو، ۽ سندس قبر اڄ تائين موجود آهي.


اي ڀائرو ۽ بزرگو، جيڪو پنهنجو بچاءُ هاڻ آئون اوهان کي ڏيان ٿو، سو ٻُڌو.


تڏهن پولس مجلس ڏانهن غور سان چتائي نهاريو ۽ چيائين، تہ اي ڀائرو، اڄ تائين مون پنهنجي عمر خدا جي حضور ۾ پوريءَ نيڪ نيتيءَ سان پئي گذاري آهي.


پر جڏهن پولس سهي ڪيو تہ هنن ۾ ڪي صدوقي آهن، ۽ ڪي فريسي، تڏهن مجلس ۾ وڏي سڏ چيائين، تہ اي ڀائرو، آئون فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان؛ ۽ انهيءَ اُميد لاءِ تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جي اُٿندا، مون تي هي مقدمو ٿو هلي.


۽ يروشلم ۾ آئون ائين ڪندو هوس، ۽ سردار ڪاهنن کان اختياري وٺي گهڻن ئي پاڪ ٿيلن کي قيد ۾ بہ وجهائيندو هوس، ۽ سندن قتل ٿيڻ وقت سندن برخلاف پنهنجي راءِ ڏنيم.


۽ سڀني عبادتخانن ۾، گهڻائي ڀيرا کين سزا ڏياري، زورازوريءَ کانئن ڪفر بڪائيندو هوس؛ بلڪ سندن برخلاف اهڙو ڇتو ٿي پيس، جو کين ٻين شهرن ۾ بہ وڃي ستائيندو هوس.


انهيءَ لاءِ سردار ڪاهن کان اختياري ۽ پروانو وٺي، جڏهن آئون دمشق ڏانهن پئي ويس،


۽ هيئن ٿيو جو ٽن ڏينهن کانپوءِ هن يهودين جي مکيہ ماڻهن کي پاڻ وٽ گهُرايو: ۽ جڏهن اهي اچي گڏ ٿيا، تڏهن انهن کي چيائين تہ اي ڀائرو، جيتوڻيڪ مون اُمت يا اباڻين رسمن جي برخلاف ڪجهہ نہ ڪيو هو، تہ بہ يروشلم مان قيد ڪرائي مون کي رومين جي حوالي ڪيو اٿن.


تڏهن هنن چيس تہ نڪي اسان کي يهوديہ مان تنهنجي بابت خط پٽ آيو آهي، نڪي ڀائرن مان ڪنهن هتي اچي خبر ڏني آهي، يا ڪا بري ڳالهہ ڪئي آهي.


۽ هاڻي اي ڀائرو، آئون سمجهان ٿو تہ اوهان جو هي ڪيو، سو اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري؛ ۽ اوهان جي حاڪمن بہ ائين ئي ڪيو.


۽ هيئن ٿيو جو ٻئي ڏينهن صبح جو انهن جا حاڪم، ۽ بزرگ، ۽ فقيهہ يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا.


۽ اها ڳالهہ ٻُڌي هو پرهہ ڦٽيءَ ڌاري هيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳا. پر جڏهن سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي آيا، تڏهن صدر مجلس ۽ بني اسرائيل جي سڀني بزرگن کي گڏ ڪيائون، ۽ قيدخاني ۾ چوائي موڪليائون تہ انهن کي وٺي اچو.


۽ هتي بہ سردار ڪاهن کان هن کي اختيار مليو آهي، تہ جيڪي ماڻهو تنهنجو نالو وٺن ٿا، تن سڀني کي گرفتار ڪري.


هن ڪري جو يهودين جي مذهب ۾، گذريل وقت ۾ منهنجي هلت چلت اوهان ٻُڌي آهي، تہ ڪهڙيءَ طرح خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو ۽ ڦٽائيندو هوس:


ديني جوش جي ڪري ڪليسيا کي ستائيندو هوس؛ شريعت جي راستبازيءَ جي ڪري بي عيب هوس.


جيڪا بخشش توکي نبوت جي وسيلي، بزرگن جي هٿن رکڻ سان ملي، تنهن کان غافل نہ رهہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ