Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 22:30 - Sindhi Bible

30 پر ٻئي ڏينهن اِنهي لاءِ تہ پڪي خبر پويس تہ يهودي مٿس ڪهڙو ڏوهہ ٿا مڙهين؛ هن کيس ڇوڙائي ڇڏيو ۽ سردار ڪاهن، ۽ ساري صدر مجلس کي گڏ ٿيڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ پولس کي هيٺ وٺي آيو ۽ سندن وچ ۾ بيهاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 تنهن هوندي بہ ڪپتان جي مرضي هئي تہ هو ڏسي پڪ ڪري تہ يهودي پولس تي ڪهڙا الزام هڻن ٿا. سو هن ٻئي ڏينهن تي پولس جون هٿڪڙيون لهرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سڀ سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي پئنچائت گڏ ٿئي.“ پوءِ هن پولس کي وٺي انهن جي اڳيان آڻي بيهاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 تنهن هوندي بہ ڪپتان جي مرضي هئي تہ هو ڏسي پڪ ڪري تہ يهودي پولس تي ڪهڙا الزام هڻن ٿا. سو هن ٻئي ڏينهن تي پولس جون هٿڪڙيون لهرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سڀ سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي ڪائونسل گڏ ٿئي.“ پوءِ هن پولس کي وٺي انهن جي اڳيان آڻي بيهاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 ڪپتان جي مرضي ھئي تہ ھو ڏسي پڪ ڪري تہ يھودي پولس تي ڪھڙا الزام ھڻن ٿا. سو ھن ٻئي ڏينھن تي پولس جون ھٿڪڙيون لھرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سردار ڪاھن ۽ سڄي ڪائونسل گڏ ٿئي.“ پوءِ ھن پولس کي وٺي انھن جي اڳيان آڻي بيھاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 22:30
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ماڻهن کان سنڀالجو، ڇالاءِ جو هو اوهان کي صدر مجلس جي حوالي ڪندا، ۽ پنهنجن عبادتگاهن ۾ اوهان کي چهبڪ هڻندا.


۽ هن کي ٻَڌي وٺي ويا، ۽ وڃي پلاطس حاڪم جي حوالي ڪيائونس.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان ڪاوڙجي ٿو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ اي ديوانا، سو صدر عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو چوندو تہ اي احمق، سو جهنم جي باهہ جوڳو ٿيندو.


۽ اسان وٽ اچي، پولس جو ڪمربند کڻي، پنهنجا هٿ پير ٻَڌي چوڻ لڳو، تہ پاڪ روح هيئن ٿو چوي، تہ جنهن شخص جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يهودي يروشلم ۾ هن طرح ٻَڌندا، ۽ غير قومن جي حوالي ڪري ڇڏيندا.


پوءِ پلٽڻ جي سردار ويجهو اچي هن کي گرفتار ڪيو، ۽ حڪم ڏنائين تہ ٻن زنجيرن سان ٻَڌوس؛ ۽ پڇا ڪرڻ لڳو تہ هي ڪير آهي ۽ ڇا ڪيو اٿس؟


جيئن تہ سردار ڪاهن ۽ بزرگ منهنجا شاهد آهن، جو اُنهن مون کي ڀائرن لاءِ خط ڏنا، جي وٺي آئون دمشق ڏانهن روانو ٿيس، تہ جيڪي اُتي هجن تن کي بہ ٻڌرائي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.


تڏهن پولس مجلس ڏانهن غور سان چتائي نهاريو ۽ چيائين، تہ اي ڀائرو، اڄ تائين مون پنهنجي عمر خدا جي حضور ۾ پوريءَ نيڪ نيتيءَ سان پئي گذاري آهي.


تنهنڪري هاڻي اوهين صدر مجلس وارن سان گڏجي پلٽڻ جي سردار کي چئو تہ هن کي اوهان وٽ وٺي اچي، ڄڻ تہ اوهان جي مرضي آهي تہ سندس معاملي جي اڃا بہ وڌيڪ تپاس ڪريو؛ ۽ اڃا هو پهچندو ئي ڪين تہ اسين ماري وجهنداسونس.


تنهن تي هن چيو تہ يهودين پاڻ ۾ صلاح ڪئي آهي تہ توکي عرض ڪن تہ سڀاڻي پولس کي مجلس ۾ وٺي اچ، ڄڻ تہ کين سندس بابت اڃا بہ وڌيڪ تپاس ڪرڻي آهي.


پوءِ کيس سندن صدر مجلس ۾ وٺي آيس، تہ خبر پويم تہ هو جو مٿس ڏوهہ ٿا مڙهين، سو ڇو؟


پر جڏهن پولس سهي ڪيو تہ هنن ۾ ڪي صدوقي آهن، ۽ ڪي فريسي، تڏهن مجلس ۾ وڏي سڏ چيائين، تہ اي ڀائرو، آئون فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان؛ ۽ انهيءَ اُميد لاءِ تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جي اُٿندا، مون تي هي مقدمو ٿو هلي.


پولس چيو، تہ شل خدا ڪري تہ ٿوريءَ سان يا گهڻيءَ سان، نہ رڳو تون، پر جيڪي ماڻهو اڄ منهنجي بيٺا ٻُڌن، سي سڀيئي اهڙا ٿين جهڙو آئون آهيان، سواءِ هنن زنجيرن جي.


۽ اها ڳالهہ ٻُڌي هو پرهہ ڦٽيءَ ڌاري هيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳا. پر جڏهن سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي آيا، تڏهن صدر مجلس ۽ بني اسرائيل جي سڀني بزرگن کي گڏ ڪيائون، ۽ قيدخاني ۾ چوائي موڪليائون تہ انهن کي وٺي اچو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ