Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 22:22 - Sindhi Bible

22 ايستائين هو سندس ٻُڌندا رهيا، پوءِ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ههڙي ماڻهوءَ کي زمين تان چٽ ڪري ڇڏيو، جو سندس جيئرو رهڻ ئي واجب نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 ايستائين تہ ميڙ وارا پولس جي ڳالهہ ٻڌندا رهيا، پر هاڻ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن ماڻهوءَ کي ختم ڪري ڇڏيو! اهڙو ماڻهو سنسار ۾ رهڻ جي لائق نہ آهي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 ايستائين تہ ميڙ وارا پولس جي ڳالهہ ٻڌندا رهيا، پر هاڻ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن ماڻهوءَ کي ختم ڪري ڇڏيو! اهڙو ماڻهو دنيا ۾ رهڻ جي لائق نہ آهي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 ايستائين ھو پولس جي ڳالھہ ٻڌندا رھيا ۽ پوءِ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن ماڻھوءَ کي ختم ڪري ڇڏيو، ڇالاءِ⁠جو اھڙو ماڻھو دنيا ۾ رھڻ جي لائق نہ آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 22:22
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اُنهن سڀني گڏجي هُل مچايو، ۽ چوڻ لڳا تہ هن ماڻهوءَ کي ڪڍ، ۽ برابا کي اسان جي خاطر ڇڏي ڏي.


تنهن تي هنن رڙيون ڪري چيو تہ ڪڍينس! ڪڍينس! صليب تي چاڙهينس! پلاطس چين تہ اوهان جي بادشاهہ کي صليب تي چاڙهيان؟ سردار ڪاهنن جواب ڏنو تہ قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو بادشاهہ آهي ئي ڪونہ.


ڇالاءِ جو ماڻهن جو گوڙ پٺيان واڪا ڪندي پئي آيو، تہ ”ماري وجهوس.“


پوءِ فيستس چوڻ لڳو، تہ اي اگرپا بادشاهہ، ۽ اوهين سڀيئي جي هتي موجود آهيو، هن شخص کي ڏسو، جنهن بابت يهودين جي سڄي خلق يروشلم ۾ توڙي هتي مون وٽ فرياد ڪيو، ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ههڙي ماڻهوءَ کي جيئرو ئي رهڻ نہ ڏجي.


۽ اسان کي منع ٿا ڪن تہ غير قومن کي سندن نجات جي لاءِ ڪلام نہ ٻُڌايون؛ تہ ڀلي تہ هنن جي گناهن جا گهڙا هميشہ ڀرپور ٿيندا وڃن: پر انهن تي نهايت گهڻو غضب اچي ڪڙڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ