Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 22:20 - Sindhi Bible

20 ۽ جڏهن تنهنجي شهيد استيفنس جو رت ٿي وهايائون، تڏهن آئون بہ اُتي بيٺو هوس ۽ انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي هوس، ۽ جن کيس ماريو ٿي، تن جي ڪپڙن جي سنڀال پي ڪيم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 جنهن وقت تنهنجي شاهد استيفنس جو رت ٿي وهايو ويو، تنهن وقت آءٌ بہ اتي بيٺو هئس ۽ انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي هئس ۽ جن کيس ماريو پئي تن جي ڪپڙن جي مون سنڀال پئي ڪئي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جنهن وقت تنهنجي شاهد استيفنس جو رت ٿي وهايو ويو، تنهن وقت آءٌ بہ اتي بيٺو هئس ۽ انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي هئس ۽ جن کيس ماريو پئي تن جي ڪپڙن جي مون سنڀال پئي ڪئي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 جنھن وقت تنھنجي شھيد استيفنس جو رت ٿي وھايو ويو، تنھن وقت آءٌ بہ اتي بيٺو ھوس ۽ انھيءَ ڳالھہ ۾ راضي ھوس ۽ جن کيس ماريو پئي تن جي ڪپڙن جي مون سنڀال پئي ڪئي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 22:20
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اوهين شاهد آهيو، ۽ جيڪي اوهان جي ابن ڏاڏن ڪيو، سو اوهان کي پسند آهي: ڇالاءِ تہ هنن کين مارايو، ۽ اوهين سندن قبرون پيا ٺاهيو.


۽ يروشلم ۾ آئون ائين ڪندو هوس، ۽ سردار ڪاهنن کان اختياري وٺي گهڻن ئي پاڪ ٿيلن کي قيد ۾ بہ وجهائيندو هوس، ۽ سندن قتل ٿيڻ وقت سندن برخلاف پنهنجي راءِ ڏنيم.


اها ڳالهہ ساريءَ جماعت کي پسند آئي، ۽ هنن استيفنس نالي شخص، جو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀرپور هو، ۽ فلپس، ۽ پرخرس، ۽ نيڪانور، ۽ تيمون، ۽ پرمناس، ۽ نيڪلاس جو انتاڪيہ جو نو مريد هو، تن کي چونڊي ڪڍيو:


۽ کيس شهر کان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا؛ ۽ شاهدن پنهنجا ڪپڙا شائول نالي هڪڙي جوان جي پيرن وٽ وڃي رکيا.


۽ شائول هن جي قتل ڪرڻ تي راضي هو. ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪا ڪليسيا يروشلم ۾ هئي، تنهن تي ڏاڍو ظلم ٿيڻ لڳو؛ ۽ رسولن کانسواءِ باقي ٻيا سڀ يهوديہ ۽ سامريہ جي ملڪن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا.


۽ هنن کي خدا جي انهي حڪم جي خبر آهي، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي موت جي لائق آهن، انهيءَ هوندي بہ نہ رڳو هو پاڻ اُهي ساڳيا ڪم پيا ڪن، پر ٻيا جيڪي اُهي ڪن ٿا، تن سان راضي ٿا رهن.


۽ مون انهي زال کي پاڪ ٿيلن جي رت، ۽ يسوع جي شهيدن جي رت سان مست ڏٺو. ۽ کيس ڏسي آئون ڏاڍو حيران ٿي ويس.


مون کي خبر آهي تہ تون ڪٿي ٿو رهين، يعني اُتي جتي شيطان جو تخت آهي: ۽ تون منهنجي نالي تي قائم آهين، ۽ جن ڏينهن ۾ منهنجو ايماندار شاهد انتيپاس اوهان منجهہ قتل ڪيو ويو، جتي شيطان ٿو رهي، تن ڏينهن ۾ بہ اوهان منهنجي ايمان جو انڪار نہ ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ