Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 21:9 - Sindhi Bible

9 هاڻي انهيءَ ماڻهوءَ کي چار ڪنواريون ڌيئرون هيون، جي نبوت ڪنديون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 انهيءَ کي چار ڪنواريون ڌيئر هيون جيڪي ايشور جو سنديش ڏينديون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ کي چار ڪنواريون ڌيئر هيون جيڪي خدا جو پيغام ڏينديون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 انھيءَ کي چار ڪنواريون ڌيئر ھيون جيڪي اڳڪٿيون ڪنديون ھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 21:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خلقياہ ڪاهن، ۽ اخيقام، ۽ عڪبور، ۽ سافن، ۽ عساياہ، اُهي سڀيئي خلدہ نبيہ ڏانهن ويا، جا سلوم، بن تقوہ، بن خرخس، توشہ خاني جي داروغي جي زال هئي؛ (هاڻي اُها يروشلم جي ٻئي ڀاڱي ۾ رهندي هئي؛) ۽ انهن وڃي هن سان حال ڪيو.


اي منهنجا خدا، طوبياہ ۽ سنبلط کي سندن ڪمن موافق ياد ڪر، ۽ نوعيدياہ نبياڻي، ۽ باقي ٻين نبين کي بہ، جن مون کي ڊيڄارڻ ٿي گهريو.


۽ مريم نبيہ، جا هارون جي ڀيڻ هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دف کنيو؛ ۽ سڀ زالون دف کڻي نچنديون انهيءَ جي پٺيان هليون.


اي آدمزاد، تون پنهنجي قوم جي ڌيئرن ڏانهن منهن ڪر، جي پنهنجي دل مان نبوت ٿيون ڪن؛ ۽ تون انهن جي برخلاف نبوت ڪر.


۽ انهي کانپوءِ هيئن ٿيندو تہ آءٌ پنهنجو روح سڀني انسانن تي اوتي وجهندس؛ ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون نبوت ڪنديون، اوهان جا ٻڍا ماڻهو خواب لهندا، ۽ اوهان جا جوان ماڻهو رويا ڏسندا.


۽ حنا نالي هڪڙي نبياڻيءَ، فنوئيل جي ڌيءَ، آشير جي قبيلي مان هئي، جا عمر رسيدہ هئي، ۽ پنهنجي ڪنوارپڻي کان پوءِ ست ورهيہ مڙس سان رهي هئي؛


هاڻي انتاڪيہ ۾ جيڪا ڪليسيا هئي، تنهن ۾ نبي ۽ معلم هوندا هئا، جيئن تہ برناباس ۽ شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، ۽ ڪيرين جو رهاڪو لوسيس، ۽ منائين، جو ملڪ جي چوٿين پتيءَ جي حاڪم هيروديس جي درٻار ۾ رهندو هو، ۽ شائول.


تہ ”خدا ٿو فرمائي تہ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو، جو آئون پنهنجو روح انسان ذات تي نازل ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون نبوت ڪنديون، ۽ اوهان جا جوان رويا ڏسندا، ۽ اوهان جا پير مرد خواب ڏسندا:


انهيءَ طرح جيڪو پنهنجي مَڱ سان شادي ٿو ڪري، سو چڱو ٿو ڪري، ۽ جيڪو شادي نٿو ڪري، سو وڌيڪ چڱو ٿو ڪري.


پر تنهنجي برخلاف مون کي هي چوڻو آهي تہ اها زال ازبيل، جا پاڻ کي نبياڻي ٿي سڏائي، تنهن جي تون برداشت ٿو ڪرين؛ ۽ اها منهنجن ٻانهن کي زنا ڪرڻ، ۽ بُتن جي قربانيءَ جي شين کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراهہ ٿي ڪري.


هاڻي دبورہ، جا هڪڙي نبيہ هئي، ۽ لفيدوت جي زال هئي، سا انهن ڏينهن ۾ اسرائيل جو انصاف ڪندي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ