Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 21:8 - Sindhi Bible

8 ٻئي ڏينهن روانا ٿي ڪري قيصريہ ۾ آياسين، ۽ فلپس مبشر جو انهن ستن مان هو، تنهن جي گهر وڃي ساڻس گڏ رهڻ لڳاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 ٻئي ڏينهن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پهتاسون، جتي اسين خوشخبري ٻڌائيندڙ فلپس جي گھر وڃي رهياسين، جيڪو انهن ستن ماڻهن مان هڪ هو جن کي يروشلم ۾ سيوا لاءِ چونڊيو ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ٻئي ڏينهن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پهتاسون، جتي اسين خوشخبري ٻڌائيندڙ فلپس جي گھر وڃي رهياسين، جيڪو انهن ستن ماڻهن مان هڪ هو جن کي يروشلم ۾ خدمت لاءِ چونڊيو ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 ٻئي ڏينھن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پھتاسون، جتي اسين فلپس مبشر جي گھر وڃي ٽڪياسين، جيڪو انھن ستن ماڻھن مان ھڪ ھو جن کي يروشلم ۾ چونڊيو ويو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 21:8
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي قيصريہ ۾ ڪرنيليس نالي هڪڙو ماڻهو هوندو هو، جو انهيءَ پلٽڻ جو صوبيدار هو، جنهن کي اطالياني پلٽڻ ڪري سڏيندا هئا.


هن جي انهي رويا ڏسندي شرط اسان هڪدم مڪدونيہ ۾ وڃڻ جو سعيو ڪيو؛ جو سمجهيوسين تہ خدا هنن کي خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ اسان کي ڪوٺيو آهي.


۽ سبت جي ڏينهن شهر جي دروازي کان ٻاهر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جتي اسان ڀانئيو تہ دعا گهُرڻ جي ڪا جاءِ هوندي؛ ۽ اُتي ويهي جيڪي زالون اچي گڏ ٿيون هيون، تن سان گفتگو ڪرڻ لڳاسين.


۽ هيئن ٿيو تہ جيئن اسين اُنهيءَ دعا گهُرڻ واري جاءِ ڏانهن پئي وياسين، تيئن اسان کي هڪڙي ٻانهي گَڏِي، جنهن ۾ غيب دان ڀوت هوندو هو، سا اڳڪٿيون ڪري پنهنجي ڌڻين کي گهڻو ئي ڪمائي ڏيندي هئي.


۽ جڏهن قيصريہ ۾ اچي لٿو، تڏهن وڃي ڪليسيا کي سلام ڪيائين، ۽ پوءِ انتاڪيہ ڏانهن ويو.


پر اسين اڳيئي وڃي جهاز تي چڙهي اسس ڏانهن روانا ٿياسين، انهي مراد سان تہ اُتي پولس کي بہ چاڙهينداسين: جو ائين ٺهراءُ ڪيو هئائين تہ پاڻ پيرين پنڌ اُتي ايندو.


۽ فطيري مانيءَ وارن ڏينهن کانپوءِ، اسين فلپيءَ مان جهاز تي چڙهي روانا ٿياسين، ۽ پنجن ڏينهن ۾ تروآس ۾ اچي وٽن پهتاسين؛ ۽ اتي ست ڏينهن ٽڪي پياسين.


۽ قيصريہ جي شاگردن مان بہ ڪي اسان سان گڏجي هليا، ۽ هنن ڪپرس جي هڪڙي رهاڪو مناسون کي بہ ساڻ کنيو، جو جهونو شاگرد هو، ۽ جنهن وٽ اسان کي ٽڪڻو هو.


پوءِ ٻن صوبيدارن کي پاڻ گهُرائي چيائين تہ ٻہ سؤ سپاهي، ۽ ستر گهوڙي سوار، ۽ ٻہ سؤ نيزي بردار تيار ڪريو تہ پهر رات گذري قيصريہ ۾ وڃن.


۽ جڏهن اهو ٺهراءُ ٿيو تہ اسين جهاز ۾ چڙهي اطاليہ ڏانهن وڃون، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي شهنشاهي پلٽڻ جي هڪڙي يوليس نالي صوبيدار جي حوالي ڪيو.


۽ ٽن مهينن کانپوءِ سڪندريہ جي هڪڙي جهاز تي چڙهي اسين روانا ٿياسين. انهيءَ جهاز سڄو سيارو انهي ٻيٽ ۾ گذاريو هو، ۽ اُن جو نشان ”ڊئيسڪوري“ يعني جاڙا ديوتا هو.


۽ جڏهن روم ۾ پهتاسين، تڏهن پولس کي خلاصو رهڻ جي موڪل ملي، پر هڪڙو سپاهي مٿس پهرو ڏيندو هو.


اها ڳالهہ ساريءَ جماعت کي پسند آئي، ۽ هنن استيفنس نالي شخص، جو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀرپور هو، ۽ فلپس، ۽ پرخرس، ۽ نيڪانور، ۽ تيمون، ۽ پرمناس، ۽ نيڪلاس جو انتاڪيہ جو نو مريد هو، تن کي چونڊي ڪڍيو:


۽ جڏهن ڀائرن کي خبر پيئي تڏهن هن کي قيصريہ ۾ وٺي آيا، ۽ اُتان ترسس ڏانهن روانو ڪيائونس.


۽ هن ڪن کي رسول، ۽ ڪن کي نبي، ۽ ڪن کي مبشر، ۽ ڪن کي پاسبان، ۽ ڪن کي اُستاد مقرر ڪري ڏنو؛


پر تون سڀني ڳالهين ۾ هوشيار رهہ، سختي سهہ، بشارت جو ڪم ڪر، ۽ پنهنجي خدمت پوري ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ