Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 21:7 - Sindhi Bible

7 ۽ اسين صور کان جهاز جو سفر پورو ڪري پطليمس ۾ اچي پهتاسين؛ ۽ ڀائرن سان خوش خير عافيت ڪئي سين، ۽ هڪڙو ڏينهن وٽن رهياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 اسان پنهنجو سفر جاري رکندي صور کان پتلميس شهر ۾ پهتاسون، جتي اسان وشواسين جي خير خيريت معلوم ڪئي ۽ انهن وٽ هڪ ڏينهن رهياسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اسان پنهنجو سفر جاري رکندي صور کان پتلميس شهر ۾ پهتاسون، جتي اسان ايمان وارن جي خيرعافيت معلوم ڪئي ۽ انهن وٽ هڪ ڏينهن رهياسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 اسان پنھنجو سفر جاري رکيو ۽ صور کان پطلميس ۾ پھتاسون، جتي اسان ڀائرن جي خوش خيرعافيت معلوم ڪئي ۽ انھن وٽ ھڪ ڏينھن ٽڪياسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 21:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪڏهن اوهين رڳو پنهنجن ڀائرن کي سلام ڪندا، تہ پوءِ ٻين کان وڌيڪ اوهان ڇا ڪيو؟ غير قومن وارا بہ ساڳيو ائين نٿا ڪن ڇا؟


۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو،


هاڻي هيروديس صور ۽ صيدون جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو؛ ۽ اُهي پاڻ ۾ صلاح ڪري وٽس آيا، ۽ بلاسطس، جو بادشاهہ جو ناظر هو، تنهن کي پنهنجي پاسي ڪري عرض ڪيائونس تہ اسان سان پرچاءُ ڪر، ڇالاءِ جو هنن کي بادشاهہ جي ملڪ مان سيڌو سامان پهچندو هو.


۽ جڏهن قيصريہ ۾ اچي لٿو، تڏهن وڃي ڪليسيا کي سلام ڪيائين، ۽ پوءِ انتاڪيہ ڏانهن ويو.


۽ جڏهن اسين اُتي گهڻا ڏينهن ٽڪي پياسين، تڏهن يهوديہ مان اگبس نالي هڪڙو نبي اچي نڪتو،


۽ جڏهن اسين يروشلم ۾ پهتاسين، تڏهن ڀائرن خوشيءَ سان اسان جو استقبال ڪيو.


۽ جڏهن هو اُنهن کي سلام ڪري رهيو، تڏهن جيڪي خدا سندس خدمت جي وسيلي غير قومن ۾ ڪيو هو، سو ترتيب وار ٻُڌايائين.


۽ جڏهن ڪپرس ڏسڻ ۾ آيو، تڏهن اُنهي کي کٻي پاسي ڇڏي اسين شام ڏانهن هلياسين، ۽ صور ۾ وڃي لٿاسين: جو اُتي جهاز کي پنهنجو مال لاهڻو هو.


هاڻي ڪن ڏينهن کانپوءِ اگرپا بادشاهہ ۽ برنيڪي قيصريہ ۾ فيستس سان ملاقات ڪرڻ آيا.


جڏهن سوراڪوسا ۾ اچي پهتاسين، تڏهن ٽي ڏينهن اُتي رهي پياسين.


جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن سڀني کي، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن کي سلام ڏجو. اطاليہ وارا اوهان کي سلام ٿا ڏين.


۽ اُهي توکي سلام ڪندا، ۽ توکي بہ نان ڏيندا؛ جي تون اُنهن جي هٿان وٺج.


۽ جڏهن هو اُها سوختني قرباني چاڙهي رهيو، تہ اوچتو سموئيل اچي نڪتو؛ ۽ سائول هن جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري ويو، تہ هن کي سلام ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ