Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 21:4 - Sindhi Bible

4 اُتي جڏهن شاگردن کي ڳولي لڌوسين، تڏهن ست ڏينهن اُتي ٽڪي پياسين، ۽ هنن روح جي هدايت سان پولس کي چيو تہ يروشلم ۾ نہ وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 سو شهر اندر وڃي اتان جي وشواسين کي ڳولي ساڻن ملياسين، جن وٽ اسين ست ڏينهن رهياسين. پوِتر آتما جي وسيلي مليل ڄاڻ جي ڪري هو پولس کي چوندا ٿي رهيا تہ ”اوهين يروشلم ڏانهن نہ وڃو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 سو شهر اندر وڃي اتان جي ايمان وارن کي ڳولي ساڻن ملياسين، جن وٽ اسين ست ڏينهن رهياسين. پاڪ روح جي وسيلي مليل ڄاڻ جي ڪري هو پولس کي چوندا ٿي رهيا تہ ”اوهين يروشلم ڏانهن نہ وڃو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 اتي اسان کي ڪي شاگرد مليا، جن وٽ اسين ست ڏينھن ٽڪياسين. انھن پاڪ روح جي ھدايت سان پولس کي چيو تہ ”اوھين يروشلم ڏانھن نہ وڃو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 21:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جنهن شهر يا ڳوٺ ۾ گهڙو، اُتي پڇا ڪجو تہ اُتي لائق ڀريو ماڻهو ڪير آهي ۽ جيسين اُتان روانا نہ ٿيو، تيسين اُتي ئي ٽڪيا رهجو.


۽ جڏهن لڌائينس، تڏهن انتاڪيہ ۾ وٺي آيس. ۽ هيئن ٿيو جو هو هڪڙو سڄو سال ڪليسيا سان گڏ رهندا آيا، ۽ گهڻن ماڻهن کي تعليم ڏيندا رهيا؛ ۽ شاگرد پهريائين انتاڪيہ ۾ مسيحي سڏجڻ لڳا.


۽ هيئن ٿيو جو اڃا اپلوس ڪرنٿيس ۾ ئي هو، تہ پولس مٿين پرڳڻي مان ٿي افسس ۾ آيو، ۽ اُتي ڪن شاگردن کي گڏيو.


۽ قيصريہ جي شاگردن مان بہ ڪي اسان سان گڏجي هليا، ۽ هنن ڪپرس جي هڪڙي رهاڪو مناسون کي بہ ساڻ کنيو، جو جهونو شاگرد هو، ۽ جنهن وٽ اسان کي ٽڪڻو هو.


جتي ڪن ڀائرن کي گڏياسين، جن اسان کي زور ڪري هفتو کن پاڻ وٽ ٽڪائي ڇڏيو، سو نيٺ روما ۾ پهتاسين.


جو آئون ڏيکاريندوسانس تہ منهنجي نالي جي صدقي کيس ڪيترا نہ ڏک سهڻا پوندا.


۽ جڏهن هو روم ۾ هو، تڏهن ڪوشش سان ڳولا ڪري مون کي لڌائين،


خداوند جي ڏينهن آئون روح ۾ اچي ويس، ۽ پنهنجي پٺيان تريءَ جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻُڌم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ