Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 21:34 - Sindhi Bible

34 ۽ گوڙ مان واڪا ڪري ڪن هڪڙي ڳالهہ پئي ڪئي، ۽ ڪن ٻي ڳالهہ، ۽ ايترو هُل هو جو خبر ڪانہ ٿي پيئي تہ حقيقت ڇا آهي. تڏهن حڪم ڏنائين تہ هن کي قلعي ۾ وٺي اچو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 انهيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون هيون، ڪن واڪو ڪري هڪ ڳالهہ پئي ڪئي تہ ڪن وري ٻي ڳالهہ. ايترو تہ گوڙ هو جو حقيقت جي خبر ئي نہ پئي پيس. تنهنڪري هن حڪم ڏنو تہ ”هن کي قلعي ۾ وٺي هلو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 انهيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون هيون، ڪن واڪو ڪري هڪ ڳالهہ پئي ڪئي تہ ڪن وري ٻي ڳالهہ. ايترو تہ گوڙ هو جو حقيقت جي خبر ئي نہ پئي پيس. تنهنڪري هن حڪم ڏنو تہ ”هن کي قلعي ۾ وٺي هلو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 انھيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون ھيون، ڪن واڪو ڪري ھڪ ڳالھہ پئي ڪئي تہ ڪن وري ٻي ڳالھہ. ايترو تہ گوڙ ھو جو حقيقت جي خبر ئي ڪانہ ٿي پيئي، تنھنڪري ھن حڪم ڏنو تہ کيس قلعي ۾ بند ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 21:34
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ڏاڍو تڪرار ٿي پيو، تڏهن پلٽڻ جي سردار کي اهو ڊپ ٿيو تہ متان پولس کي ڏاري ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏين، تنهنڪري سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ وڃي گوڙ مان هن کي زوريءَ قلعي ۾ وٺي اچو.


سو ڪن واڪا ڪري هڪڙي ڳالهہ پي ڪئي، ڪن ٻي؛ ڇالاءِ جو جيڪي اچي گڏ ٿيا هئا، تن ۾ گڙٻڙ پئجي ويئي، ۽ منجهانئن گهڻن کي تہ اها بہ خبر ڪانہ هئي تہ هتي ڇو اچي گڏ ٿيا آهيون.


پر پولس جي ڀاڻيجي جڏهن ٻُڌو تہ هو هن جي لاءِ اڳ جهليو بيٺا آهن، تڏهن قلعي ۾ اچي پولس کي ٻَڌايائين.


تڏهن پلٽڻ جي سردار حڪم ڏنو تہ قلعي ۾ وٺي وڃوس، ۽ چيائين تہ چهبڪ هڻي سندس زباني وٺو تہ مون کي خبر پوي تہ مٿس جو اهڙا واڪا ٿا ڪن سو ڇو.


جڏهن پولس کي قلعي منجهہ وٺي وڃڻ تي هئا، تڏهن هن پلٽڻ جي سردار کي چيو تہ مون کي موڪل آهي تہ توکي ڪجهہ چوان؟ تنهن تي هن چيس تہ توکي يوناني ٻولي اچي ٿي ڇا؟


پر ٻئي ڏينهن اِنهي لاءِ تہ پڪي خبر پويس تہ يهودي مٿس ڪهڙو ڏوهہ ٿا مڙهين؛ هن کيس ڇوڙائي ڇڏيو ۽ سردار ڪاهن، ۽ ساري صدر مجلس کي گڏ ٿيڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ پولس کي هيٺ وٺي آيو ۽ سندن وچ ۾ بيهاريائين.


مگر سندس بابت مون کي ڪابہ پڪي خبر ڪانهي جا پنهنجي مالڪ ڏانهن لکي موڪليان. تنهنڪري مون هن کي اوهان جي اڳيان، خاص ڪري، اي اگرپا بادشاهہ، تنهنجي اڳيان، حاضر ڪيو آهي، تہ هن تحقيقات مان ڪا لکڻ جهڙيءَ ڳالهہ جي خبر پويم.


پر ٻئي ڏينهن هو پاڻ قلعي ڏانهن موٽيا، ۽ گهوڙي سوارن کي اتي ڇڏيائون تہ ساڻس گڏجي وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ