Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 21:1 - Sindhi Bible

1 نيٺ جڏهن کانئن ڌار ٿياسين، ۽ جهاز تي چڙهي روانا ٿياسين، تڏهن سنئون رستو وٺي قوس ۾ آياسين، ۽ ٻئي ڏينهن روڊس ۾ پهتاسين، ۽ اُتان وري پطرا ۾ آياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 اِفسس جي اڳواڻن کان مشڪل سان موڪلائي اسين سامونڊي جهاز ۾ چڙهي سڌا قوس ٻيٽ وٽ آياسين ۽ ٻئي ڏينهن تي رُدس ٻيٽ کان ٿيندا پترا نالي بندرگاهہ تي پهتاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اِفسس جي اڳواڻن کان مشڪل سان موڪلائي اسين سامونڊي جهاز ۾ چڙهي سڌا قوس ٻيٽ وٽ آياسين ۽ ٻئي ڏينهن تي رُدس ٻيٽ کان ٿيندا پترا نالي بندرگاهہ تي پهتاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 انھن کان موڪلائي اسين جھاز ۾ چڙھي سڌا قوس ۾ آياسين ۽ ٻئي ڏينھن تي روڊس ۾ پھتاسين، جتان پوءِ وري پترا ۾ آياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 21:1
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن تعليم ڏيئي چڪو، تڏهن شمعون کي چيائين، تہ تار پاڻيءَ ۾ هل، ۽ اوهين هڪ ڀن لاءِ پنهنجا ڄار وجهو.


۽ انهن ڏينهن ۾ هڪڙي ڀيري هيئن ٿيو، تہ هو پاڻ ۽ سندس شاگرد ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، ۽ اُنهن کي چيائين تہ هلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر هلون: ۽ اهي ٻيڙي ڇوڙي اُٿي هليا.


۽ ادرموتيم جو هڪڙو جهاز، جو آسيہ جي ڪناري وارن شهرن ڏانهن وڃڻو هو، تنهن تي چڙهي اسين روانا ٿياسين، ۽ ٿسلونيڪيءَ جو هڪڙو مڪدوني ارسترخس نالي اسان سان هو.


۽ اُتان جهاز اڳتي هلائي ڪپرس جي آڙ وٺي لنگهياسين، جو واءُ اڻائو هو.


پر اي ڀائرو، جڏهن اسين ٿوري عرصي جي لاءِ جسم جي ڪري، نہ دل جي ڪري، اوهان کان جدا ٿياسين، تڏهن ڏاڍي سڪ سان اوهان جي منهن ڏسڻ لاءِ نهايت گهڻي ڪوشش ڪئي سون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ