Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 20:7 - Sindhi Bible

7 ۽ هفتي جي پهرئين ڏينهن جڏهن اسين ماني ڀڃڻ لاءِ گڏ ٿياسين، تڏهن پولس ٻئي ڏينهن اُتان نڪرڻ جي ارادي سان، ڳالهہ ٻولهہ ڪرڻ لڳو، ۽ آڌيءَ رات تائين تقرير ڪندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 ڇنڇر جي شام جو اسين رسوئي کائڻ لاءِ گڏ ٿياسين. تڏهن اتي پولس ماڻهن سان ڳالهائڻ لڳو. جيئن تہ هو ٻئي ڏينهن تي روانو ٿيڻ وارو هو، تنهنڪري سندس ڳالهائڻ رات جو دير تائين جاري رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ڇنڇر جي شام جو اسين ماني کائڻ لاءِ گڏ ٿياسين. تڏهن اتي پولس ماڻهن سان ڳالهائڻ لڳو. جيئن تہ هو ٻئي ڏينهن تي روانو ٿيڻ وارو هو، تنهنڪري سندس ڳالهائڻ رات جو دير تائين جاري رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 ڇنڇر جي شام جو اسين ماني کائڻ لاءِ گڏ ٿياسين. پولس ماڻھن سان ڳالھائيندو رھيو ۽ سندس تقرير اڌ رات تائين جاري رھي، ڇالاءِ⁠جو ھو ٻئي ڏينھن تي روانو ٿيڻ وارو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 20:7
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪو ڪشادو ميدان پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان هو، اُتي سوير صبح کان وٺي ٻنپهرن تائين مردن، ۽ زالن، ۽ سمجهہ وارن جي اڳيان، اُنهيءَ ڪتاب مان هن پڙهيو؛ ۽ سڀني ماڻهن ڌيان سان ڪن ڏيئي اُهو شريعت جو ڪلام پئي ٻڌو.


۽ هنن پنهنجي جاءِ تي بيهي خداوند پنهنجي خدا جي شريعت جو ڪتاب ڏينهن جي هڪڙي پهر تائين پڙهيو؛ ۽ ٻئي پهر ۾ هنن پنهنجا گناهہ قبول ڪيا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪيائون.


هاڻ سويرو هفتي جي پهرئين ڏينهن، جڏهن هو جي اُٿيو، تڏهن پهرين مريم مگدليني، جنهن مان ست ڀوت ڪڍيا هئائين، تنهن کي ڏيکاري ڏنائين.


پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري اُها ڀڳائين، ۽ هنن کي ڏيئي چيائين، تہ هيءُ منهنجو بدن آهي، جو اوهان لاءِ ڏنو ٿو وڃي، منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ئي ڪندا رهجو.


تنهن تي رستي تي جيڪي ٿي گذريو هو، ۽ ڪيئن هنن مانيءَ ڀڃڻ مهل سڃاتس، سو هنن سربستو بيان ڪري ٻڌاين.


هاڻي هفتي جي پهرئين ڏينهن اڃا اونداهي هئي، تہ ڍڪيءَ جو مريم مگدليني قبر تي آئي، ۽ ڏسي تہ قبر تان پهڻ هٽيو پيو آهي.


پوءِ اُنهي ڏينهن، يعني هفتي جي پهرئين ڏينهن جڏهن سانجهي ٿي، ۽ اُها جاءِ جتي شاگرد هئا، تنهن جا دروازا يهودين جي خوف کان بند هئا، تڏهن يسوع اچي وچ ۾ بيٺو، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم.


۽ اٺن ڏينهن کانپوءِ شاگرد وري اندر ويٺا هئا، ۽ توما بہ ساڻن هو ۽ دروازا بند هئا، تہ يسوع اچي وچ ۾ بيٺو، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم.


هن جي انهي رويا ڏسندي شرط اسان هڪدم مڪدونيہ ۾ وڃڻ جو سعيو ڪيو؛ جو سمجهيوسين تہ خدا هنن کي خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ اسان کي ڪوٺيو آهي.


۽ اهي رسولن جي تعليم ۽ شراڪت ۾، ۽ ماني ڀڃڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.


۽ روزبروز هڪ دل ٿي هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا، ۽ پنهنجن گهرن ۾ ماني ڀڃي خوشيءَ ۽ دل جي صفائيءَ سان کائيندا هئا،


۽ جڏهن هو مٿي ويو، تڏهن ماني ڀڳائين، ۽ کائڻ ويٺو، ۽ گهڻي وقت تائين هنن سان ويٺي ڳالهايائين، تان جو اچي پرهہ ڦٽي؛ پوءِ هو اُٿي روانو ٿيو.


تنهنڪري اوهين سجاڳ رهجو، ۽ ياد رکجو، تہ ٽي ورهيہ برابر مون رات ڏينهن ڳوڙها ڳاڙي هر ڪنهن کي سمجهائڻ کان بس نہ ڪئي.


پر اهي اڳيئي وڃي تروآس ۾ اسان جي لاءِ ترسي ويٺا.


۽ دريءَ تي هڪڙو جوان يوتخس نالي ويٺو هو، جنهن کي ڏاڍي گهري ننڊ کڻي ويئي، ۽ جيئن پولس اڃا بہ وڌيڪ وقت تقرير ڪندو رهيو، تيئن هو ننڊ جي خمار ۾ ٽماڙ تان هيٺ ڪِري پيو، جو مُئل اچي کنيائونس.


۽ جڏهن انهن ساڻس هڪڙو ڏينهن ٺهرايو، تڏهن گهڻائي گڏ ٿي سندس رهڻ واري هنڌ آيا، پوءِ هو خدا جي بادشاهت بابت شاهدي ڏيئي، ۽ يسوع جي بابت موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي ڪتابن مان دليل ڏيئي، صبح کان وٺي شام تائين کين سمجهائيندو رهيو.


جنهن برڪت جي پيالي تي اسين برڪت ٿا گهُرون، سو مسيح جي رت جي شراڪت ناهي ڇا؟ جيڪا ماني اسين ڀڃون ٿا، سا مسيح جي بدن جي شراڪت ناهي ڇا؟


پر جيڪي آهيان سو خدا جي فضل سان آهيان، ۽ سندس فضل، جيڪو مون کي مليو، سو اجايو نہ ٿيو. پر مون پاڻ هنن سڀني کان گهڻي محنت ڪئي، انهي هوندي بہ اهو آئون ڪين هوس، پر خدا جو فضل هو، جو مون سان هو.


هفتي جي پهرئين ڏينهن اوهان مان هرڪو پنهنجي وسعت آهر، ڪجهہ بچائي گڏ ڪري رکي، انهي لاءِ تہ جڏهن آئون اچان، تڏهن ڪوبہ چندو گڏ ڪرڻو نہ پوي.


تہ تون ڪلام جي منادي ڪر، وقت بي وقت تيار رهہ؛ هر طرح جي تحمل ۽ تعليم سان سمجهائي، ملامت ۽ نصيحت سان قائل ڪر.


خداوند جي ڏينهن آئون روح ۾ اچي ويس، ۽ پنهنجي پٺيان تريءَ جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻُڌم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ