Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 20:4 - Sindhi Bible

4 ۽ بريہ واري پورس جي پٽ سوپترس، ۽ ٿسلونيڪي وارن مان ارسترخس، ۽ سڪندس، ۽ دربي وارو گيوس، ۽ تيمٿيس، ۽ آسيہ مان تخڪس ۽ تروفيمس، اهي ساڻس گڏ آسيہ تائين ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 آسيا صوبي تائين پولس سان گڏ سفر ڪرڻ وارا ساٿي هي هئا: بيريا واري پُرس جو پٽ سوپترس، ٿِسلُنيڪي وارن مان ارسترخس ۽ سڪندُس، دربيءَ وارو گيُس، آسيا صوبي وارن تخڪُس ۽ تروفيمس کان علاوہ تيمٿيس پڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 آسيا صوبي تائين پولس سان گڏ سفر ڪرڻ وارا ساٿي هي هئا: بيريا واري پُرس جو پٽ سوپترس، ٿِسلُنيڪي وارن مان ارسترخس ۽ سڪندُس، دربيءَ وارو گيُس، آسيا صوبي وارن تخڪُس ۽ تروفيمس کان علاوہ تيمٿيس پڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 بيريا واري پورس جو پٽ سوپترس، ٿسلونيڪيءَ وارن مان ارسترخس ۽ سڪندس، دربيءَ وارو گايس، ايشيا پرڳڻي وارا تُخِڪُس ۽ تروفيمس ۽ تيمٿيس پڻ ايشيا پرڳڻي تائين ساڻس گڏجي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 20:4
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اڃا شاگرد سندس آسپاس بيٺا هئا، تہ هو اُٿي بيٺو، ۽ شهر ۾ آيو؛ ۽ ٻئي ڏينهن برناباس سان گڏجي دربي ڏانهن ويو.


تڏهن کين هن ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي، ۽ هو لڪائونيہ جي شهرن، لسترہ ۽ دربي ۽ اُنهي جي آسپاس واري ملڪ ڏانهن ڀڄي ويا.


۽ هو دربي ۽ لسترہ ۾ بہ آيو: ۽ ڏسو، هڪڙو شاگرد تيمٿيس نالي اُتي هو. هو هڪڙيءَ يهودڻ جنهن ايمان آندو هو، تنهن جو پٽ هو، پر سندس پيءُ يوناني هو،


۽ هو فروگيہ ۽ گلتيہ جي ملڪن مان لنگهي ويا، جو پاڪ روح هنن کي آسيا ۾ ڪلام ٻُڌائڻ کان منع ڪئي هئي؛


هاڻي هو امفپلس ۽ اپلونيہ مان لنگهي ٿسلونيڪيءَ ۾ آيا، جتي يهودين جو عبادتخانو هو:


پر جڏهن ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريہ ۾ خدا جي ڪلام جي منادي پيو ڪري، تڏهن اُتي بہ وڃي ماڻهن کي چوريائون، ۽ منجهن گوڙ مچايائون.


۽ سڄي شهر ۾ گوڙ مچي ويو ۽ هو سڀ گڏجي گيوس ۽ ارسترخس، جي مڪدونيہ جا ماڻهو هئا، ۽ سفر ۾ پولس جا ساٿي هئا، تن کي پڪڙي تماشگاهہ ۾ وٺي آيا.


جيتوڻيڪ اسين پارٿي، ۽ ميدي ۽ عيلامي ۽ ميسپتاميا ۽ يهوديہ ۽ ڪپدڪيا ۽ پنطس ۽ آسيا


ڇالاءِ جو پولس ارادو ڪيو هو تہ افسس وٽان ٿيندو وڃي، متان آسيہ ۾ دير لڳيس؛ ۽ اها تڪڙ هن ڪري ٿي ڪيائين تہ جي ٿي سگهيس تہ پنتيڪوست جو ڏينهن وڃي يروشلم ۾ گذاري.


۽ جڏهن اهي وٽس آيا، تڏهن چيائين، تہ اوهان کي خبر آهي تہ پهرئين ڏينهن جڏهن مون آسيہ ۾ پير پاتو، تنهن ڏينهن کان وٺي ڪهڙيءَ طرح سارو وقت اوهان سان گذاريو اٿم.


ڇالاءِ جو هنن افسس واري تروفمس کي ساڻس گڏ شهر ۾ ڏٺو هو، ۽ ڀانيائون تہ پولس انهي کي هيڪل ۾ وٺي آيو آهي.


۽ ادرموتيم جو هڪڙو جهاز، جو آسيہ جي ڪناري وارن شهرن ڏانهن وڃڻو هو، تنهن تي چڙهي اسين روانا ٿياسين، ۽ ٿسلونيڪيءَ جو هڪڙو مڪدوني ارسترخس نالي اسان سان هو.


منهنجو هم خدمت تيمٿيس، منهنجا مائٽ لوڪيس ۽ ياسون ۽ سوسيپطرس اوهان کي سلام ٿا ڏين.


منهنجو ۽ ساريءَ ڪليسيا جو مهماندار گيس اوهان کي سلام ٿو ڏئي. ارستس، شهر جو خزانچي ۽ ڪوارتس اسان جو ڀاءُ، اوهان کي سلام ٿا ڏين.


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، انهي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان، خدا جي اُنهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا ڪرنٿيس ۾ آهي، ۽ انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي ساري اخيہ ۾ آهن:


ڇالاءِ جو خدا جو فرزند يسوع مسيح، جنهن جي اسان اوهان ۾ منادي ڪئي، يعني مون ۽ سلوانس ۽ تيمٿيس، سو هائو ۽ نہ ٻئي نہ هو؛ پر انهي ۾ رڳو هائو آهي.


تخڪس، جو پيارو ڀاءُ ۽ خداوند ۾ ايماندار خادم آهي، سو اوهان کي منهنجون سڀ ڳالهيون ٻُڌائيندو، انهي لاءِ تہ اوهان کي معلوم ٿئي تہ آئون ڪيئن ٿو گذاريان.


مون کي خداوند يسوع مسيح ۾ اُميد آهي تہ تيمٿيس کي سگهو ئي اوهان ڏانهن موڪليندس، تہ اوهان جو حال معلوم ڪري مون کي دلجاءِ ٿئي.


ارسترخس، جو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، ۽ برناباس جي سوٽ مرقس (جنهن جي بابت اوهان کي حڪم مليو، اهو جي اوهان وٽ اچي تہ انهي جو استقبال ڪجو.)


منهنجو سارو احوال اوهان کي تخڪس کان معلوم ٿيندو، جو پيارو ڀاءُ، ۽ ايماندار خادم، ۽ خداوند ۾ اسان جو هم خدمت آهي؛


پولس، جو اسان جي نجات ڏيندڙ خدا ۽ اسان جي اُميد، مسيح يسوع جي حڪم موجب، مسيح يسوع جو رسول آهي،


تيمٿيس ڏانهن، جو منهنجو پيارو فرزند آهي، خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند مسيح يسوع جي طرفان فضل ۽ رحم ۽ اطمينان توکي حاصل ٿيندو رهي.


پر تخڪس کي مون افسس ڏانهن موڪليو آهي.


اراستس ڪرنٿس ۾ رهيو: پر تروفيمس کي مون مليتس ۾ بيمار ڇڏيو.


جڏهن ارتماس يا تخڪس کي آئون تو وٽ موڪليان، تڏهن تون سعيو ڪري نڪوپلس ۾ مون وٽ اچج؛ جو مون ارادو ڪيو آهي تہ سيارو اتي گذاريان.


۽ مرقس ۽ ارسترخس ۽ ديماس، ۽ لوقا، جي منهنجا هم خدمت آهن، سي توکي سلام ٿا ڏين.


هن بزرگ جي طرفان پياري گايس ڏانهن، جنهن کي آئون دل و جان سان پيار ٿو ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ