Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:5 - Sindhi Bible

5 هاڻي ساري زمين تي جيڪي قومون آهن، تن مان ديندار يهودي يروشلم ۾ رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 ان وقت سنسار جي هر هڪ ملڪ مان ڌرمي يهودي يروشلم ۾ رهيل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ان وقت دنيا جي هر هڪ ملڪ مان ديندار يهودي يروشلم ۾ رهيل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 دنيا جي ھر ھڪ ملڪ مان ديندار يھودي يروشلم ۾ ٽڪيل ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:5
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ لاباري جي عيد، يعني جيڪي تون پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ پوکين تنهن جي پهرئين ڦل جي عيد ڪج: ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾، جڏهن تون پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ ڪيل پورهئي جو ڦل گڏ ڪرين، تڏهن فصل کڻڻ جي عيد ڪج.


ڇالاءِ جو آءٌ انهن جا ڪم ۽ انهن جا خيال ڄاڻان ٿو: اهو وقت اچي ٿو جڏهن آءٌ سڀني قومن ۽ ٻولين وارن کي گڏ ڪندس؛ اُهي سڀ ايندا ۽ منهنجو جلال ڏسندا.


لشڪرن جي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


۽ بادشاهت جي هن خوشخبريءَ جي منادي ساري دنيا ۾ ڪئي ويندي، تہ سڀني قومن جي لاءِ شاهدي ٿئي؛ تنهن کانپوءِ پڄاڻي ٿيندي.


ڇالاءِ تہ جيئن وڄ آسمان جي هڪڙي طرف کان کنوندي ٻي طرف وڃيو چمڪاٽ ڪري، تيئن ابن آدم بہ پنهنجي ڏينهن ظاهر ٿيندو.


۽ ڏسو، يروشلم ۾ شمعون نالي، هڪڙو شخص هو، جو راستباز ۽ ديندار ماڻهو هو، سو اسرائيل جي تسليءَ لاءِ اکيون پائي ويٺو هو، ۽ پاڪ روح مٿس هو.


پوءِ اُنهن مان ڪليوپاس نالي هڪڙي شخص جواب ڏيئي چيس، تہ يروشلم ۾ تون ئي هڪڙو آهين ڇا، جنهن کي خبر ڪانهي تہ اڄ ڪلهہ اُتي ڪهڙيون ڳالهيون ٿي گذريون آهن؟


هاڻي جيڪي عيد تي عبادت لاءِ ويا هئا، تن مان ڪي يوناني هئا:


هو ديندار ماڻهو هو، ۽ پاڻ توڙي سندس گهراڻو سڀ خدا جو ڊپ رکندا هئا؛ ۽ هو اُمت کي گهڻي خيرات ڏيندو هو، ۽ هميشہ خدا کان دعا گهُرندو هو.


۽ جنهن ملائڪ ساڻس ڳالهايو، سو جڏهن هليو ويو، تڏهن هن پنهنجي ٻن نوڪرن کي، ۽ جيڪي سپاهي هميشہ سندس خدمت ۾ رهندا هئا، تن مان هڪڙي ديندار سپاهيءَ کي سڏيو،


پر يهودين خدا پرست آبروءَ وارين زالن کي، ۽ شهر جي مکيہ ماڻهن کي چوريو، ۽ پولس ۽ برناباس تي ظلم کڙو ڪرايو، ۽ هنن کي پنهنجي سرحد کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون.


هاڻي جڏهن پنتيڪوست (يا پنجاهون) ڏينهن آيو، تڏهن سڀ هڪڙي هنڌ اچي گڏ ٿيا.


۽ حنانياہ نالي هڪڙو شخص، جو شريعت موجب ديندار هو، ۽ جيڪي يهودي اُتي رهندا هئا، تن ۾ معتبر هو،


۽ ديندار ماڻهن استيفنس کي وڃي دفن ڪيو، ۽ انهي لاءِ ڏاڍو ماتم ڪيائون.


سو هو اُٿي روانو ٿيو: تہ ڏسو، حبش جو هڪڙو خوجو، جو حبشين جي راڻيءَ ڪنداڪيءَ جو هڪڙو وزير هو، ۽ سندس خزاني جو ناظر هو، ۽ يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ آيو هو؛


اڄ کان وٺي آءٌ زمين جي سڀني ماڻهن تي تنهنجو خوف، ۽ تنهنجو ڊپ وجهڻ شروع ڪندس، ۽ هو تنهنجي هاڪ ٻڌي ڏڪي ويندا، ۽ تنهنجي ڪري پريشان ٿيندا.


بشرطيڪ اوهين ايمان ۾ مضبوط ۽ قائم رهو، ۽ جيڪا خوشخبري اوهان ٻُڌي آهي، تنهن جي اُميد ڇڏي نہ ڏيو، جنهن جي منادي آسمان جي هيٺان ساري زمين تي ڪل مخلوقات ۾ ڪئي ويئي آهي، ۽ آئون پولس انهي جو خادم آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ