Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:47 - Sindhi Bible

47 ۽ خدا جي تعريف ڪندا هئا؛ ۽ سڀني ماڻهن وٽ عزت هُين، ۽ جن کي نجات ٿي ملي، تن کي خداوند روزبروز آڻي ساڻن شامل ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

47 هو ايشور جي مهما ڪندا هئا ۽ سڀني ماڻهن جو مٿن راضپو هو. پرڀو يسوع ڏينهون ڏينهن مڪتي حاصل ڪندڙن جي منڊليءَ ۾ واڌارو ڪندو ٿي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

47 هو خدا جي واکاڻ ڪندا هئا ۽ سڀني ماڻهن جو مٿن راضپو هو. خداوند عيسيٰ ڏينهون ڏينهن ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙن جي جماعت ۾ واڌارو ڪندو ٿي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

47 ھو خدا جي واکاڻ ڪندا ھئا ۽ سڀني ماڻھن ۾ عزت ھين. سو خدا سندن ٽولي ۾ روزانو انھن کي شامل ڪندو رھندو ھو جن کي ڇوٽڪارو ملندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:47
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر وس ڪونہ ٿي پُڳن؛ ڇالاءِ جو ماڻهو هن جي ڳالهين ٻُڌڻ لاءِ آتا هئا.


۽ يسوع سياڻپ ۽ قد، ۽ خدا ۽ انسان جي مقبوليت ۾ وڌندو ويو.


۽ خداوند جو هٿ مٿن هو: ۽ گهڻائي جن ايمان آندو سي خداوند ڏانهن ڦريا.


ڇالاءِ جو هو پاڻ نيڪ شخص هو، ۽ پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو: ۽ گهڻائي ماڻهو خداوند جي ڪليسيا ۾ اچي شامل ٿيا.


۽ جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن خوش ٿيا، ۽ خدا جي ڪلام جي وڏائي ڪرڻ لڳا، ۽ جيڪي هميشہ جي زندگيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، تن سڀني ايمان آندو.


۽ اڪونيم ۾ هيئن ٿيو جو هو گڏجي يهودين جي عبادتخاني ۾ ويا، ۽ اهڙي تقرير ڪيائون جو يهودين توڙي يونانين جي هڪڙي وڏي جماعت ايمان آندو.


۽ جڏهن هو انهي شهر ۾ خوشخبري ٻُڌائي رهيا، ۽ گهڻا شاگرد ڪيائون، تڏهن موٽي لسترہ، ۽ اڪونيم، ۽ انتاڪيہ ۾ آيا.


سو ڪليسيائون روز بروز ايمان ۾ مضبوط ٿينديون ۽ تعداد ۾ وڌنديون ويون.


تنهنڪري اُنهن مان گهڻن ايمان آندو؛ ۽ يونانين مان بہ گهڻين ئي عزت وارين زالن توڙي مردن ايمان آندو.


ڇو جو اهو واعدو اوهان جي لاءِ ۽ اوهان جي ٻارن جي لاءِ، ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جي پري آهن، جن کي خداوند اسان جو خدا پاڻ ڏانهن سڏيندو.


تنهن تي جن هن جي ڳالهہ مڃي، تن کي بپتسما ملي: ۽ انهي ڏينهن اٽڪل ٽي هزار ماڻهو اچي ساڻن شامل ٿيا.


۽ هنن وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنن؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جي سببان کين سُجهيو ئي ڪين ٿي تہ ڪهڙيءَ طرح سزا ڏيون؛ جو جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن جي ڪري سڀني ماڻهن خدا جي وڏائي پئي ڪئي.


۽ رسول ڏاڍيءَ قدرت سان خداوند يسوع جي جِي اُٿڻ جي شاهدي ڏيندا هئا: ۽ سڀني تي گهڻو فضل هوندو هو.


پر منجهانئن گهڻا، جن اهو ڪلام ٻُڌو، تن ايمان آندو، ۽ ماڻهن جو تعداد اٽڪل پنج هزار اچي ٿيو.


هاڻي انهن ڏينهن ۾، جڏهن شاگردن جو شمار وڌندو ويو، تڏهن يونان جا يهودي عبرانين جي شڪايت ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو روزمرہ جي کاڌي جي ورڇ وقت، سندن بيوهہ زالن جي پوري پوئواري ڪانہ ٿيندي هئي.


۽ خداوند جو ڪلام پکڙندو ويو، ۽ شاگردن جو شمار يروشلم ۾ تمام گهڻو وڌندو ويو؛ ۽ ڪاهنن جي وڏي جماعت ايمان جي تابع ٿي.


تنهن کانپوءِ ساري يهوديہ، ۽ گليل، ۽ سامريہ ۾ ڪليسيا کي امن مليو، ۽ اُها قائم ٿيندي ويئي؛ ۽ خداوند جي ڊپ ۾ هلندي ۽ پاڪ روح جي تسلي ۾ وڌندي ويئي.


۽ جيڪي لدہ ۽ شارون ۾ رهندا هئا، تن سڀني هن کي ڏٺو، ۽ خداوند ڏانهن ڦريا.


۽ جيڪو انهيءَ طرح مسيح جي خدمت ٿو ڪري سو خدا کي پسند آهي، ۽ ماڻهن وٽ قبول پيل آهي.


۽ جن کي هن اڳيئي مقرر ڪيو، تن کي سڏيائين بہ؛ ۽ جن کي سڏيائين، تن کي راستباز بہ ٺهرايائين؛ ۽ جن کي راستباز ٺهرايائين، تن کي جلال بہ بخشيائين.


۽ يسعياہ، اسرائيل جي نسبت ۾ پڪاري چوي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو هوندو، تہ بہ اُنهن مان ڪي ٿورا ئي بچندا.


ڇالاءِ جو صليب جو پيغام اُنهن لاءِ بيوَقوفي آهي جي برباد پيا ٿين، پر اسين جي نجات حاصل پيا ڪريون، تن جي لاءِ اهو خدا جي قدرت آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ