Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:36 - Sindhi Bible

36 تنهنڪري اسرائيل جو سارو گهراڻو اهو يقين ڪري، تہ خدا انهي يسوع کي، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، خداوند ۽ مسيح بہ ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36 سو بني اسرائيل جي پوري قوم يقيني طور ڄاڻي ڇڏي تہ اهو يسوع، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهي ماري ڇڏيو، ايشور تنهن کي پرڀو بہ ڪيو آهي ۽ مسيح بہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 سو بني اسرائيل جي پوري قوم يقيني طور ڄاڻي ڇڏي تہ اهو عيسيٰ، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهي ماري ڇڏيو، خدا تنهن کي خداوند بہ ڪيو آهي ۽ مسيح بہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

36 اي بني اسرائيل قوم! پڪ ڄاڻو تہ خدا انھيءَ عيسيٰ کي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا، خداوند بہ ڪيو آھي ۽ مسيح بہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:36
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي يعقوب جا گهراڻا، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا سڀ قبيلا، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو:


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اسرائيل جي گهراڻي سان ۽ يهوداہ جي گهراڻي سان نئون عهد اقرار ڪندس:


ڏس، خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اها چڱي ڳالهہ پوري ڪندس، جا مون اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي نسبت ۾ ڪئي آهي.


مصر، ۽ يهوداہ، ۽ ادوم کي، ۽ بني عمون ۽ موآب کي، ۽ انهن سڀني کي جن جي وارن جون ڪنڊون ڪتريل آهن، ۽ جي بيابان ۾ ٿا رهن: ڇالاءِ جو سڀ قومون اڻ طهريل آهن، ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو دل ۾ اڻ طهريل آهي.


۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند، سندن خدا، ساڻن آهيان، ۽ هو، يعني اسرائيل جو گهراڻو منهنجي قوم آهي.


تنهنڪري اسرائيل جي گهراڻي کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ هي اوهان جي لاءِ نٿو ڪريان، پر پنهنجي پاڪ نالي جي لاءِ ٿو ڪريان، جنهن جي، جتي جتي اوهين ويا آهيو، اوهان قومن ۾ بي ادبي ڪئي آهي.


خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهان کي خبر هجي تہ اهو ڪم آءٌ اوهان جي ڪمن ڪري نٿو ڪريان: اي اسرائيل جا گهراڻا، پنهنجي ڪمن جي ڪري شرمندا ۽ لڄي ٿيو.


۽ شهر جو حصو اوهين پنج هزار ويڪرو ۽ پنجويهہ هزار ڊگهو، وقف واري پاڪ حصي سان لڳولڳ مقرر ڪجو: اُهو اسرائيل جي سڄي گهراڻي لاءِ ٿيندو.


انهيءَ ڏينهن دائود جي گهراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ، گناهہ ۽ ناپاڪائيءَ جي ڌوئڻ لاءِ هڪڙو چشمو کُلندو.


ڇوتہ اڄ دائود جي شهر ۾ اوهان لاءِ هڪڙو نجات ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جو مسيح خداوند آهي.


جيسين ڪ آئون تنهنجن دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي ڪريان.“


تہ اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪئي هئي تہ انهي نالي تعليم نہ ڏيو: پر ڏسو، اوهان سڄي يروشلم کي پنهنجيءَ تعليم سان ڀري ڇڏيو آهي، ۽ ڀانئيو ٿا تہ انهي جو خون اسان جي سر تي هڻو.


ڇالاءِ جو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت جي تخت جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي؛ انهي لاءِ تہ هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي جي هن بدن ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ