Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:32 - Sindhi Bible

32 اُنهي يسوع کي خدا جياريو، جنهن جا اسين سڀ شاهد آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 انهيءَ ئي يسوع کي ايشور جيوت ڪيو ۽ اسين سڀ ان ڳالهہ جا شاهد آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 انهيءَ ئي عيسيٰ کي خدا جياريو ۽ اسين سڀ ان ڳالهہ جا شاهد آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 انھيءَ ئي عيسيٰ کي خدا جياريو ۽ اسين سڀ ان ڳالھہ جا شاھد آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:32
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اوهين پاڻ شاهد آهيو، ڇالاءِ جو اوهين شروع کان وٺي مون سان رهيا آهيو.


يعني يوحنا جي بپتسما کان وٺي، انهي ڏينهن تائين جڏهن ڪ هو اسان وٽان مٿي چڙهي ويو، تن مان هڪڙو ضرور يسوع جي وري جي اُٿڻ جو شاهد رهي.


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي: ۽ اوهين يروشلم ۾ توڙي سڄي يهوديہ ۽ سامريہ، بلڪ زمين جي حدن تائين منهنجا شاهد ٿيندا.


پر خدا کيس مُئلن مان جياريو.


تہ ڪيئن خدا يسوع کي جياري، اسان جي اولاد جي لاءِ اُهو واعدو پورو ڪيو؛ جيئن ڪ ٻئي زبور ۾ لکيل آهي تہ ”تون منهنجو پٽ آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين.“


ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.


پر اُنهيءَ کي خدا موت جي عذابن کان ڇڏائي اُٿاريو: ڇو جو ٿيڻي نہ هئي تہ هو موت جي قبضي ۾ رهي.


۽ زندگيءَ جي مالڪ کي ماريوَ، جنهن کي خدا مُئلن مان جياريو. ۽ انهيءَ ڳالهہ جا اسين شاهد آهيون.


سو پهريائين خدا پنهنجو بندو کڙو ڪري اوهان ڏانهن موڪليو، تہ اوهان مان هر ڪنهن کي سندس براين کان ڦيري برڪت ڏئي.


تہ اوهان سڀني کي، ۽ اسرائيل جي ساريءَ اُمت کي معلوم هجي، تہ يسوع مسيح ناصري، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، ۽ جنهن کي خدا وري مُئلن مان جياريو، تنهن جي نالي تي، ۽ تنهن جي ڪري هي ماڻهو هتي اوهان جي اڳيان چڱو ڀلو ٿيو بيٺو آهي.


۽ رسول ڏاڍيءَ قدرت سان خداوند يسوع جي جِي اُٿڻ جي شاهدي ڏيندا هئا: ۽ سڀني تي گهڻو فضل هوندو هو.


اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا يسوع کي جياريو، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهي ماري ڇڏيو.


هائو، پوءِ اسين خدا جا ڪوڙا شاهد ثابت ٿيا آهيون؛ ڇالاءِ جو خدا جي بابت اسان شاهدي ڏني تہ هن مسيح کي جياريو: پر جي مُئل جي نٿا اُٿن تہ هن انهي کي بہ نہ جياريو.


۽ خدا اسان کي بہ پنهنجي قدرت سان اُٿاريندو، جنهن خداوند کي بہ جياري اُٿاريو.


ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جنهن خداوند يسوع کي جياريو، سو اسان کي بہ يسوع سان گڏ جياريندو، ۽ انهي سان گڏ پاڻ وٽ حاضر ڪندو.


پولس، جو نہ انسان جي پاران، نڪي انسان جي وسيلي، پر يسوع مسيح جي وسيلي، ۽ خدا پيءُ، جنهن انهي کي مُئلن مان اُٿاريو، تنهن جي طرفان رسول آهي،


جا هن مسيح ۾ ظاهر ڪئي، جڏهن هن کي مُئلن مان جياري، آسماني جاين ۾ پنهنجي ساڄي پاسي ويهاريائين،


۽ بپتسما جي ڪري انهي سان گڏ دفن ٿيا، ۽ خدا جنهن کيس مُئلن مان جياريو، تنهن جي قدرت سان، ايمان آڻڻ جي ڪري اوهين بہ ساڻس گڏ جياريا ويا.


هاڻي خدا جو اطمينان جو چشمو آهي، جنهن رڍن جي وڏي چرواهي کي، يعني اسان جي خداوند يسوع کي، هميشہ جي عهد جي رت جي وسيلي مُئلن مان وري جياري اُٿاريو،


هن جي وسيلي اوهان خدا تي ايمان آندو آهي، جنهن هن کي مُئلن مان جياريو ۽ جلال ڏنائينس؛ انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ