Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:3 - Sindhi Bible

3 ۽ هنن کي باهہ جهڙيون ڄڀون ڌار ڌار ٿينديون ڏسڻ ۾ آيون؛ ۽ انهن مان هرهڪ تي هڪڙي ڄڀ اچي ويٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 تڏهن انهن کي باهہ جهڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي هر هڪ تي اچي ويٺيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن انهن کي باهہ جهڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي هر هڪ تي اچي ويٺيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 انھن کي باھہ جھڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي ھر ھڪ تي اچي ويٺيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند چيو تہ ڏسو، هي سڀ هڪڙي قوم آهن، ۽ سندن ٻولي بہ هڪڙي آهي، ۽ اهي جو هيئن ڪرڻ لڳا آهن، سو هو جيڪو ڪم ڪرڻ گهرندا، تنهن ۾ کين روڪ ڪانہ ٿيندي.


اي خداوند انهن کي برباد ڪر، ۽ انهن جي ٻوليءَ ۾ رولو وجهہ: ڇو جو مون شهر ۾ ظلم ۽ جهيڙو ڏٺو آهي.


تڏهن مون چيو تہ افسوس آهي منهنجي حال تي! ڇالاءِ جو آءٌ ناس ٿي ويس؛ هن ڪري جو آءٌ ناپاڪ چپن وارو ماڻهو آهيان، ۽ ناپاڪ چپن واري قوم جي وچ ۾ رهان ٿو: ڇالاءِ جو منهنجن اکين بادشاهہ، لشڪرن جو خداوند ڏٺو آهي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجو ڪلام باهہ جي مثل ناهي ڇا؟ ۽ انهي مترڪي جي مثل جو ٽڪر کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏي؟


آئون تہ اوهان کي توبهہ جي لاءِ پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، مگر اُهو جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، سو مون کان وڌيڪ طاقت وارو آهي، جنهن جي جُتيءَ کڻڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان: اُهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو.


مگر يسوع ورندي ڏيئي چيس هاڻي تہ ائين ڪر، ڇالاءِ جو اسان کي ائين ئي سڀ راستبازي پوري ڪرڻي آهي. تنهن کانپوءِ هن سندس ڳالهہ قبول ڪئي.


تنهن تي هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ جنهن مهل رستي تي اسان سان ڳالهيون پئي ڪيائين، ۽ پاڪ لکيتن جا راز اسان کي پي سمجهايائين، تنهن مهل اسان جي دل اندر ۾ ڪين پئي اُڇلون کاڌيون؟


۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو،


اسين انهن کي پنهنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندو ٿا ٻُڌون.


۽ اوچتو ئي آسمان مان هڪڙو آواز آيو، جو سخت طوفان جي گهوگهٽ جهڙو هو، ۽ جنهن جاءِ ۾ هو ويٺا هئا، سا سڄي انهي سان ڀرجي ويئي.


۽ اهي سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا، جيئن ڪ روح سندن هدايت ڪئي.


۽ ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جون طاقتون، ڪنهن کي نبوت، ڪنهن کي روحن جي سياڻپ، ڪنهن کي طرح طرح جون ٻوليون، ۽ ڪنهن کي ٻولين جو ترجمو ڪرڻ،


۽ زبان بہ هڪڙي باهہ آهي: اسانجن عضون ۾ شرارت جو عالم اها زبان آهي، جا ساري بدن کي ڪِنو ٿي ڪري، ۽ دنيا جي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي ۽ دوزخ جي باهہ سان پيئي سڙي.


۽ آئون پنهنجن ٻن شاهدن کي اختياري ڏيندس، ۽ هو کٿو ڍڪي هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن نبوت ڪندا.


۽ مون هڪڙو ملائڪ آسمان ۾ اُڏامندو ڏٺو، جنهن وٽ زمين جي رهاڪن، ۽ سڀ ڪنهن قوم، ۽ قبيلي، ۽ ٻوليءَ ۽ اُمت کي ٻُڌائڻ لاءِ هميشہ جي خوشخبري هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ