Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:22 - Sindhi Bible

22 اي اسرائيليو، هي ڳالهيون ٻُڌو؛ يسوع ناصري هڪڙو شخص هو، ۽ جيڪي ڪرامتون ۽ نشانيون خدا سندس هٿان ڪيون، جن جي خود اوهان کي خبر آهي، تن مان ثابت ٿيو تہ هو خدا وٽان آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 پطرس وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هي ڌيان سان ٻڌو تہ ايشور اوهان جي اڳيان يسوع ناصريءَ کي پنهنجي طرفان موڪليل طور ثابت ڪيو. ڏسو، ايشور انهيءَ جي هٿان چمتڪار، نشانيون ۽ عجب جهڙا ڪم اوهان جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. اوهين اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 پطرس وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هي ڌيان سان ٻڌو تہ خدا اوهان جي اڳيان عيسيٰ ناصريءَ کي پنهنجي طرفان موڪليل طور ثابت ڪيو. ڏسو، خدا انهيءَ جي هٿان معجزا، نشانيون ۽ عجب جهڙا ڪم اوهان جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. اوهين اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 اي بني اسرائيل وارؤ! ھي ڌيان سان ٻڌو تہ عيسيٰ ناصري اھو ماڻھو ھو جنھن کي خدا اوھان لاءِ مقرر ڪيو ۽ اوھان ھن کي معجزا، نشانيون ۽ عجب جھڙا ڪم ڪندي ڏٺو، جيڪي خدا ھن جي ھٿان ڪرايا. توھين اھو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:22
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي ڪينئين جهڙا يعقوب، ۽ اي اسرائيل جا رهاڪو، اوهين نہ ڊڄو؛ خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس، ۽ تنهنجو ڇڏائيندڙ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي.


پر جيڪڏهن آئون خدا جي روح جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تڏهن خدا جي بادشاهي اوهان وٽ اچي سهڙي آهي.


۽ اچي ناصرت نالي هڪڙي شهر ۾ رهيو، انهي لاءِ تہ جيڪي نبين جي معرفت چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏبو“.


پر جڏهن خلق هيءُ حال ڏٺو، تڏهن سڀ ڊڄي ويا، ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا، جنهن انسان کي اهڙي طاقت ڏني آهي.


پر جيڪڏهن آئون خدا جي قدرت سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ تڏهن خدا جي بادشاهت اوهان وٽ اچي سهڙي آهي.


۽ هنن چيس تہ يسوع ناصري ٿو لنگهي.


پوءِ اُنهن مان ڪليوپاس نالي هڪڙي شخص جواب ڏيئي چيس، تہ يروشلم ۾ تون ئي هڪڙو آهين ڇا، جنهن کي خبر ڪانهي تہ اڄ ڪلهہ اُتي ڪهڙيون ڳالهيون ٿي گذريون آهن؟


فلپس نتن ايل کي وڃي ڳولي لڌو، ۽ چيائينس تہ جنهن جو ذڪر موسيٰ توريت ۾، ۽ نبين پڻ ڪيو آهي، سو اسان لڌو آهي، يعني يوسف جو پٽ يسوع ناصري.


جيڪڏهن آئون پنهنجي پيءُ جا ڪم نہ ڪندو هجان تہ مون تي ايمان نہ آڻيو.


تنهن تي سردار ڪاهن ۽ فريسي صدر مجلس گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ اسين ڪريون ڇا ٿا؟ هيءُ ماڻهو تہ گهڻيئي معجزا پيو ڪري.


تڏهن جنهن مهل هن لعزر کي قبر مان سڏيو ۽ مُئلن مان جيئاريو هو، تنهن مهل جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن پئي شاهدي ڀري.


جيڪڏهن آئون منجهن اهڙا ڪم نہ ڪريان ها، جي ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، تہ مٿن ڏوهہ ڪونہ هجي ها: پر هاڻي تہ مون کي ۽ منهنجي پيءُ کي ڏٺو بہ اٿن، ۽ اسان ٻنهي سان نفرت ڪئي اٿن.


پلاطس هڪ سرنامو بہ لکي کڻي صليب تي هنيو. اُن تي هي حرف هئا، ”يسوع ناصري، يهودين جو بادشاهہ.“


سو رات جو وٽس آيو ۽ چيائينس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون خدا جي طرفان اُستاد ٿي آيو آهين: ڇالاءِ تہ جيڪي معجزا تون ڏيکارين ٿو، سي جيڪر ڪوبہ ڏيکاري نہ سگهي، جيڪڏهن خدا ساڻس نہ هجي.


يسوع چيس تہ جيستائين اوهين نشانيون ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا، تيستائين هرگز نہ مڃيندا.


پر مون وٽ جا شاهدي آهي، سا يوحنا جي شاهدي کان بہ مٿي آهي: ڇالاءِ تہ جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اُهي ساڳيا ڪم جي آئون پيو ڪريان، سي منهنجي بابت شاهدي ٿا ڀرين تہ پيءُ مون کي موڪليو آهي.


پوءِ اهو معجزو جو هن ڪيو، سو ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ جيڪو نبي جهان ۾ اچڻو آهي، سو سچ پچ اهو ئي آهي.


جيڪو کاڄ فاني آهي، تنهن لاءِ محنت نہ ڪريو، پر اُنهي کاڄ لاءِ، جو هميشہ جي زندگيءَ تائين هلي ٿو، جو ابن آدم اوهان کي ڏيندو: ڇالاءِ تہ پيءُ يعني خدا، هن تي ئي مهر هنئي آهي.


پر انهن مان گهڻن مٿس ايمان آندو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ مسيح جڏهن ايندو، تڏهن جيڪي معجزا هن ڪيا آهن، تن کان وڌيڪ ڪندو ڇا؟


جيڪڏهن هيءُ ماڻهو خدا وٽان نہ هجي ها، تہ ڪي بہ ڪري نہ سگهي ها.


تنهن تي پولس اُٿي بيٺو ۽ هٿ سان اشارو ڏيئي چوڻ لڳو تہ اي اسرائيليو! ۽ اوهين جن کي خدا جو ڊپ آهي، سي ڪَن ڏيئي ٻُڌو،


۽ اُتي اچي جڏهن ڪليسيا کي گڏ ڪيائون، تڏهن جيڪي خدا سندن معرفت ڪيو هو ۽ ڪهڙيءَ طرح غير قومن جي لاءِ ايمان جو در کوليو هئائين، سو سڀ بيان ڪري ٻُڌايائون.


۽ آئون مٿي آسمان ۾ عجائب غرائب، ۽ هيٺ زمين تي نشان ڏيکاريندس، جيئن تہ رت، باهہ ۽ دونهين جو غبار:


پوءِ هر ڪنهن کي ڊپ ٿيڻ لڳو: ۽ رسول گهڻائي عجب جهڙا ڪم ۽ معجزا ڪندا هئا.


۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ اي اسرائيل جا رهاڪو، مدد ڪريو: هيءُ اُهو ماڻهو آهي جو جتي ڪٿي سڀني ماڻهن کي اُمت، ۽ شريعت، ۽ هن مڪان جي برخلاف سيکاريندو وتي. تنهن کانسواءِ هي يونانين کي بہ هيڪل ۾ وٺي آيو آهي ۽ هن پاڪ مڪان کي پليت ڪيو اٿس.


تڏهن مون جواب ڏنو، تہ اي خداوند تون ڪير آهي؟ هن مون کي چيو، تہ آئون يسوع ناصري آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.


ڇالاءِ جو اسان جي نظر ۾ هيءُ ماڻهو هڪڙي وڏي آفت آهي، ۽ دنيا جي سڀني يهودين ۾ فساد مچائيندڙ، ۽ ناصرين جي بدعتي فرقي جو هڪڙو مهندار آهي:


ڇالاءِ جو بادشاهہ جنهن سان صاف صاف بيٺو ڳالهايان، تنهن کي اها بہ خبر آهي، ۽ پڪ اٿم تہ انهن مان ڪابہ ڳالهہ کانئس لڪل ڪانهي؛ ڇو جو اها ڳالهہ ڪنڊ پاسي ۾ ڪانہ ٿي آهي.


۽ آئون پاڻ ڀائيندو هوس تہ يسوع ناصري جي نالي جي برخلاف مون کي گهڻو ئي ڪي ڪرڻ گهرجي.


جڏهن پطرس اهو حال ڏٺو، تڏهن ماڻهن کي ورندي ڏيئي چيائين، تہ اي اسرائيليو، هن ماڻهوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ يا اسان ۾ اکيون پائي ڇو بيٺا آهيو، ڄڻ تہ اسان پنهنجيءَ قدرت ۽ دينداريءَ ڪري هن کي هلڻ جي طاقت ڏني آهي؟


پر پطرس چيس تہ رپو ۽ سون تہ مون وٽ ڪونهي؛ پر جيڪي اٿم سو توکي ڏيان ٿو. يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي اُٿي گهُم ڦر.


تہ اوهان سڀني کي، ۽ اسرائيل جي ساريءَ اُمت کي معلوم هجي، تہ يسوع مسيح ناصري، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، ۽ جنهن کي خدا وري مُئلن مان جياريو، تنهن جي نالي تي، ۽ تنهن جي ڪري هي ماڻهو هتي اوهان جي اڳيان چڱو ڀلو ٿيو بيٺو آهي.


پوءِ انهن کي چيائين، تہ اي اسرائيليو، جيڪي اوهين هنن ماڻهن سان ڪريو سو سنڀالي ڪريو؛


ڇوتہ اسان هن کي هيئن چوندو ٻُڌو آهي، تہ اِهو يسوع ناصري هن جاءِ کي برباد ڪندو، ۽ جيڪي رسمون موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي، تن کي بدلائي ڇڏيندو.


حقيقت ڪري رسول هئڻ جون نشانيون اوهان اڳيان گهڻي صبر سان، نشانن ۽ عجيب ڪمن ۽ معجزن سان، ظاهر ڪيون ويون.


خدا بہ انهن سان گڏ پنهنجي مرضيءَ موافق، نشانين ۽ عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي قدرتن، ۽ پاڪ روح جي نعمتن جي وسيلي، انهن جي شاهدي ڏيندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ