Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:21 - Sindhi Bible

21 ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو خدا جو نالو وٺندو، تنهن کي نجات ملندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 ان وقت جيڪو بہ مون پرميشور جو نالو وٺي ٻاڏائيندو، سو بچي ويندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 ان وقت جيڪو بہ مون خداوند جو نالو وٺي ٻاڏائيندو، سو بچي ويندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 پوءِ جيڪو ⁠بہ خدا جو نالو وٺندو، تنھن کي ئي ڇوٽڪارو ملندو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:21
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو جو تون اي خداوند نيڪ آهين، ۽ معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهين ۽ جيڪي توکي پڪارين ٿا تن تي تون ڏاڍو رحيم آهين.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو بہ خداوند جو نالو وٺي سڏيندو، انهي کي ڇوٽڪارو ملندو: ڇالاءِ جو صيون جي جبل ۾ ۽ يروشلم ۾، جيئن تہ خداوند فرمايو آهي، اُهي وڃي بچندا جي ڀڄي ڇُٽندا، ۽ باقي بچيلن ۾ اُهي جن کي خدا سڏي ٿو.


تنهنڪري اوهين وڃي پيءُ، پٽ ۽ پاڪ روح جي نالي بپتسما ڏيئي سڀني قومن کي شاگرد ڪريو:


۽ خداوند جو ڏينهن يعني اُهو عظيم ۽ مشهور ڏينهن اچي، تنهن کان اڳيئي سج اونداهو ٿيندو، ۽ چنڊ رت ٿي پوندو.


۽ هاڻي دير ڇو ٿو ڪرين؟ اُٿي سندس نالي دعا گهُري بپتسما وٺ تہ تنهنجا گناهہ ڌوپي پون.


خداوند چيس تہ اُٿ، انهيءَ گهٽيءَ ۾ وڃ، جنهن کي سنئين ڪري سڏيندا آهن، ۽ يهوداهہ جي گهر ۾، ترسس واري شائول جي وڃي پڇا ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، هو دعا پيو گهُري؛


پر خداوند چيس تہ تون وڃ: ڇالاءِ جو هو منهنجو هڪڙو چونڊيل وسيلو آهي، تہ هو غير قومن، ۽ بادشاهن، ۽ بني اسرائيل وٽ منهنجو نالو ظاهر ڪري:


خدا جي انهي ڪليسيا ڏانهن جا ڪرنٿس ۾ آهي، يعني انهن ڏانهن جي مسيح يسوع ۾ پاڪ ڪيا ويا آهن، ۽ انهي لاءِ سڏيا ويا آهن تہ انهن سڀني سان گڏجي پاڪ ٿين، جي هر ڪنهن هنڌ پنهنجي ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو نالو ٿا وٺن.


تنهنڪري اچو تہ همت رکي فضل جي تخت وٽ هلون تہ اسان تي رحم ٿئي، ۽ اُهو فضل حاصل ڪريون جو گهُرج وقت اسان جي مدد ڪري سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ