Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:20 - Sindhi Bible

20 ۽ خداوند جو ڏينهن يعني اُهو عظيم ۽ مشهور ڏينهن اچي، تنهن کان اڳيئي سج اونداهو ٿيندو، ۽ چنڊ رت ٿي پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 تڏهن سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پوندو. هائو، اهو سڀ مون پرميشور جي مهان ۽ جوت واري ڏينهن جي اچڻ کان پهريائين ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 تڏهن سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پوندو. هائو، اهو سڀ مون خداوند جي عظيم ۽ جلويدار ڏينهن جي اچڻ کان پهريائين ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 خدا جي عظيم ۽ جلويدار ڏينھن جي اچڻ کان اڳ ۾ سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ رت جھڙو ڳاڙھو ٿي پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:20
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو آسمان جا تارا ۽ ان جا برج پنهنجي روشنائي نہ ڏيندا: سج پنهنجي دوري ۾ ڪارو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشنائي نہ چمڪائيندو.


جيڪو بہ لڀندو تنهن کي ونڌيندا؛ ۽ جيڪو بہ گرفتار ٿيندو سو ترار سان ماريو ويندو.


ڏسو، خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، جو ڪاوڙ ۽ خوفناڪ غضب جي ڪري ظلم جهڙو ٿيندو؛ انهيءَ لاءِ تہ زمين کي ويران ڪري، ۽ انهيءَ منجهان گنهگار ناس ڪري ڪڍي ڇڏي.


انهي وقت چنڊ لڄي ٿيندو، ۽ سج شرمندو ٿيندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند صيون جبل ۾، ۽ يروشلم ۾، ۽ پنهنجي بزرگن جي اڳيان تجمل سان بادشاهي ڪندو.


ڇالاءِ جو اهو خداوند جو وير وٺڻ جو ڏينهن آهي، ۽ صيون سان تڪرار ڪرڻ جو ۽ بدلو وٺڻ جو سال آهي.


مون زمين ڏٺي، ۽ اُها ويران ۽ خالي ڏسڻ ۾ آئي؛ ۽ آسمان ڏٺم تہ انهن ۾ روشنائي ڪانہ هئي.


اوهين صيون ۾ قرناءِ وڄايو، ۽ منهنجي پاڪ جبل تي خوف جي خبر ڏيو؛ ڀلي تہ ملڪ جا سڀ رهاڪو ڏڪي وڃن: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، اهو تمام ويجهو آهي؛


سج ڦري اونداهي ٿي ويندو، ۽ چنڊ بدلجي رت ٿي پوندو: اهو سڀ خداوند جي وڏي ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي ٿيندو.


فيصلي واري واديءَ ۾ خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي.


۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ سج کي ٻنپهرن جو هيٺ لاهيندس، ۽ ڏينهن ڏٺي جو آءٌ زمين تي اوندهہ ڪري ڇڏيندس.


ڏسو، خداوند جي عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي آءٌ ايلياہ نبيءَ کي اوهان وٽ موڪليندس.


پر انهن ڏينهن جي مصيبت کانپوءِ هڪدم سج اونداهو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشني نہ ڏيندو، ۽ تارا آسمان مان ڪِري پوندا، ۽ آسمان جون طاقتون لُڏي وينديون.


هاڻي ٻئي پهر کان وٺي ٽئين پهر تائين سڄي زمين تي اونداهي ڇانئجي ويئي.


پر اُنهن ڏينهن ۾ انهيءَ مصيبت کان پوءِ سج ڪارو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشني نہ ڏيندو؛


۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا، ۽ زمين تي قومن مٿان مصيبت اچي ڪڙڪندي، ۽ اُهي سمنڊ ۽ لهرن جي گوڙ ڪري حيران ۽ پريشان ٿي وينديون.


۽ آئون مٿي آسمان ۾ عجائب غرائب، ۽ هيٺ زمين تي نشان ڏيکاريندس، جيئن تہ رت، باهہ ۽ دونهين جو غبار:


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو خدا جو نالو وٺندو، تنهن کي نجات ملندي.“


تڏهن اهڙي شخص کي جسم جي برباديءَ لاءِ شيطان جي حوالي ڪري ڇڏجو، تہ هن جو روح خداوند يسوع جي ڏينهن بچي پوي.


ڇالاءِ جو اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ خداوند جو ڏينهن ائين ايندو جيئن رات جو ڪو چور اچي.


پر خداوند جو ڏينهن چور وانگر اچي نڪرندو؛ انهي ۾ آسمان ڏاڍي ڪڙڪي سان هليا ويندا، ۽ عناصر سخت گرميءَ جي ڪري ڳري ويندا، ۽ زمين ۽ جيڪي مٿس آهي، سو سڙي ويندو.


۽ آسمان ۽ زمين جي موجود آهن، سي انهي ساڳئي ڪلام جي وسيلي هن لاءِ رکيا ويا آهن، تہ ساڙيا وڃن، ۽ اُهي عدالت جي ڏينهن ۽ بي دين ماڻهن جي برباديءَ تائين موجود رهندا.


۽ چوٿين پنهنجو پيالو سج تي اوتيو؛ ۽ انهي کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻهن کي باهہ سان ساڙي.


۽ جڏهن هن ڇهين مهر کولي، تڏهن مون ڏٺو تہ هڪڙو وڏو زلزلو آيو، ۽ سج ڏاس جي کٿي جهڙو ڪارو ٿي پيو، ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ٿي پيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ