Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 19:8 - Sindhi Bible

8 پوءِ هو عبادتخاني ۾ وڃي ٽن مهينن جي عرصي تائين همت سان ڳالهائيندو رهيو، ۽ خدا جي بادشاهت جي ڳالهين بابت بحث ڪندو ۽ ماڻهن کي مڃائيندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 پولس ٽن مهينن تائين يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي بي‌ڊپو ٿي ڳالهائيندو هو. هو ماڻهن سان ايشور جي راڄ بابت بحث ڪندو هو ۽ کين مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پولس ٽن مهينن تائين يهودين جي عبادت‌خاني ۾ وڃي بي‌ڊپو ٿي ڳالهائيندو هو. هو ماڻهن سان خدا جي بادشاهيءَ بابت بحث ڪندو هو ۽ کين مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 پولس ٽن مھينن تائين يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويندو رھيو ۽ انھن ماڻھن سان بي⁠ڊپو ٿي مضبوط دليلن سان خدا جي بادشاھت بابت بحث ڪندو ۽ کين مڃائيندو رھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 19:8
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن کين پنهنجي ڏک سهڻ کان پوءِ ڪيترين ئي ثابتين سان پاڻ کي جيئرو ڏيکاريو، جيئن تہ چاليهن ڏينهن تائين هنن کي پاڻ ڏيکاريندو رهيو، ۽ خدا جي بادشاهت جون ڳالهيون ڪندو رهيو:


پر هو پرگا مان لنگهي پسديہ واري انتاڪيہ شهر ۾ آيا، ۽ سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ وڃي ويٺا.


سو پولس ۽ برناباس همت جهلي ڳالهائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ضرور هو تہ خدا جو ڪلام پهريائين اوهان کي ٻُڌائجي: پر جيئن تہ اوهان اهو ريٽي ڇڏيو آهي، ۽ هميشہ جي زندگيءَ جو پاڻ کي لائق ئي نٿا سمجهو، تنهنڪري ڏسو، اسين ڦري غير قومن ڏانهن ٿا وڃون.


۽ اڪونيم ۾ هيئن ٿيو جو هو گڏجي يهودين جي عبادتخاني ۾ ويا، ۽ اهڙي تقرير ڪيائون جو يهودين توڙي يونانين جي هڪڙي وڏي جماعت ايمان آندو.


تنهنڪري هو عبادتخاني ۾، يهودين ۽ ديندار ماڻهن سان، ۽ بازار ۾ جيڪي گڏبا هئس تن سان، هر روز بحث ڪندو هو.


پوءِ هو افسس ۾ اچي پهتا؛ ۽ کين اتي ڇڏي، عبادتخاني ۾ وڃي يهودين سان بحث ڪرڻ لڳو.


هو همت جهلي عبادتخاني ۾ ڳالهائڻ لڳو؛ پر جڏهن پرسڪلہ ۽ اڪولہ هن جي تقرير ٻُڌي، تڏهن هن کي پاڻ وٽ وٺي آيا، ۽ خدا جي واٽ جي وڌيڪ چڱيءَ طرح سمجهاڻي ڏنائونس.


۽ هو هر ڪنهن سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ وڃي بحث ڪندو هو، ۽ يهودين توڙي يونانين کي مڃائيندو هو.


۽ اهڙيءَ طرح ٻہ ورهيہ گذري ويا؛ انهي ڪري جيڪي آسيہ ۾ رهندا هئا، يهودي توڙي يوناني، تن سڀني خدا جو ڪلام ٻُڌو.


۽ هو مڙيئي اٽڪل ٻارهن ڄڻا هئا.


پر جڏهن ڪن سخت دل ٿي نہ مڃيو، ۽ ماڻهن جي اڳيان انهي طريقي جي گلا ڪرڻ لڳا، تڏهن هن کانئن پاسو ڪيو، ۽ شاگردن کي بہ ڌار ڪيائين، ۽ هر روز ترونس جي مدرسي ۾ بحث ڪندو رهيو.


تنهنڪري اوهين سجاڳ رهجو، ۽ ياد رکجو، تہ ٽي ورهيہ برابر مون رات ڏينهن ڳوڙها ڳاڙي هر ڪنهن کي سمجهائڻ کان بس نہ ڪئي.


۽ جڏهن انهن ساڻس هڪڙو ڏينهن ٺهرايو، تڏهن گهڻائي گڏ ٿي سندس رهڻ واري هنڌ آيا، پوءِ هو خدا جي بادشاهت بابت شاهدي ڏيئي، ۽ يسوع جي بابت موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي ڪتابن مان دليل ڏيئي، صبح کان وٺي شام تائين کين سمجهائيندو رهيو.


اي پيارو، جڏهن مون اوهان ڏانهن اُنهيءَ نجات بابت لکڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ اسين سڀيئي شريڪ آهيون، تڏهن مون ضروري سمجهيو تہ اوهان کي اها نصيحت ڪريان تہ جيڪو ايمان هڪ ئي ڀيري پاڪ ٿيلن کي سونپيو ويو، تنهن جي لاءِ ڏاڍي جانفشاني ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ