Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 19:4 - Sindhi Bible

4 تنهن تي پولس چيو، تہ يوحنا توبهہ جي بپتسما ڏيندو هو، ۽ ماڻهن کي چوندو هو تہ جيڪو مون کانپوءِ اچڻ وارو آهي، يعني يسوع، تنهن تي ايمان آڻجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 تنهن تي پولس کين چيو تہ ”يوحنا تہ ماڻهن کي توبهہ واري بپتسما ڏيندي هي چوندو هو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو تنهن تي وشواس آڻجو،‘ يعني يسوع تي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تنهن تي پولس کين چيو تہ ”يحيٰ تہ ماڻهن کي توبهہ واري بپتسما ڏيندي هي چوندو هو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو تنهن تي ايمان آڻجو،‘ يعني عيسيٰ تي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 تنھن تي پولس چيو تہ ”يحيٰ انھن کي بپتسما ڏيندو ھو جن توبھہ ڪئي ھئي ۽ ھو ماڻھن کي چوندو ھو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو ان تي ايمان آڻجو،‘ يعني عيسيٰ تي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 19:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوحنا هن بابت شاهدي ڀري پڪاري چيو، تہ هي اُهو آهي جنهن بابت مون چيو هو تہ جيڪو منهنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان اڳي ٿيو آهي: ڇالاءِ جو هو مون کان اڳي هو.


يوحنا جواب ڏيئي چين، تہ آئون پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اوهان جي وچ ۾ هڪڙو بيٺو آهي، جنهن کي اوهين نٿا سڃاڻو،


اُهو ئي آهي جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، جنهن جي جُتيءَ جي ڌاڳن ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان.


اُهو شاهديءَ لاءِ آيو، تہ نُور بابت شاهدي ڀري، تہ سڀيئي هن جي ڪري ايمان آڻين.


ڇالاءِ جو يوحنا تہ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني؛ پر اوهان کي ٿورن ئي ڏينهن کانپوءِ پاڪ روح سان بپتسما ملندي.


۽ مون کي خداوند جي اُها ڳالهہ ياد آئي جا هن چئي هئي، تہ يوحنا تہ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني، پر اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ملندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ