Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 19:34 - Sindhi Bible

34 پر جڏهن ڏٺائون تہ هي يهودي آهي، تڏهن سڀني گڏجي ٻن ڪلاڪن تائين وڏي سڏ پڪاري پئي چيو، تہ ”افسين جي ديوي ارتمس جي جئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 پر جڏهن انهن کي خبر پيئي تہ هي يهودي آهي تڏهن سڀيئي گڏجي اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ساڳيا ئي نعرا هڻندا رهيا تہ ”اِفسين جي ديوي ارتمس مهان آهي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 پر جڏهن انهن کي خبر پيئي تہ هي يهودي آهي تڏهن سڀيئي گڏجي اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ساڳيا ئي نعرا هڻندا رهيا تہ ”اِفسين جي ديوي ارتمس عظيم آهي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 پر جڏھن انھن سڃاتو تہ ھي يھودي آھي تہ سڀني گڏجي اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ساڳئي قسم جون رڙيون ڪيون تہ ”اِفسس جي ديوي ارتميس زندہ آباد.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 19:34
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا، ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”افسين جي ديوي ارتمس جي جيءَ.“


۽ ڇالاءِ جو ازدها پنهنجو اختيار انهي حيوان کي ڏنو هو، تنهنڪري انهن ازدها جي پرستش ڪئي؛ ۽ انهي حيوان جي بہ پرستش ڪيائون، ۽ چيائون تہ هن حيوان جهڙو ڪير آهي؟ ۽ ڪير هن سان وڙهي ٿو سگهي؟


۽ کين عملدارن وٽ آڻي چوڻ لڳا، تہ هي ماڻهو جي يهودي آهن، تن اسان جي شهر ۾ گوڙ کڻي مچايو آهي،


۽ دعا گهرڻ مهل اجايا لفظ وري وري نہ چئو، جيئن غير قومن وارا ڪندا آهن؛ ڇالاءِ جو هو ڀائين ٿا تہ گهڻي چوڻ ڪري اسان جي ٻُڌڻ ۾ ايندي.


تون جو چوين ٿو، تہ زنا نہ ڪر، سو پاڻ زنا ٿو ڪرين ڇا؟ تون جو بُتن کان نفرت ٿو ڪرين، سو مندرن کي ڦرين ٿو ڇا؟


۽ اوهين ڏسو توڙي ٻُڌو ٿا تہ نہ رڳو افسس ۾، پر ساري آسيہ ۾، هن پولس گهڻن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح سيکاريو آهي جو هو ڦري ويا آهن؛ هو چوي ٿو تہ هي جي هٿ جا ٺهيل آهن، سي ديوتا نہ آهن.


۽ جيڪو ڍڳو هنن کي ڏنو ويو سو هنن ورتو ۽ اُنهيءَ کي تيار ڪيائون، ۽ صبح کان وٺي ٻن پهرن تائين بعل جو نالو وٺي پئي سڏيائون، ۽ پئي چيائون تہ اي بعل اسان جي ٻڌ. پر ڪوبہ آواز ڪونہ آيو ۽ نہ ڪنهن جواب ڏنو. ۽ جيڪا قربانگاهہ جوڙي هئائون تنهن جي چوڌاري ٽپڻ لڳا.


ڇالاءِ جو هڪڙو ماڻهو دميتريس نالي سونارو، جو ارتمس ديوي جا ننڍڙا روپا مندر جوڙيندو هو، سو انهي ڌنڌي وارن لاءِ گهڻوئي ڪم ڪڍي وجهندو هو:


پوءِ سڪندر، جنهن کي يهودي گوڙ مان ڪڍي آيا، تنهن کي کڻي اڳواڻ ڪيائون. ۽ سڪندر هٿ سان اشارو ڏنو، ۽ مرضي هيس تہ ماڻهن جي اڳيان بچاءُ ڏيان.


پوءِ شهر جي مکيہ عملدار ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو، تہ ”اي افسيو، اُهو ڪهڙو ماڻهو آهي جنهن کي خبر نہ آهي تہ افسس شهر مهاديوي ارتمس جي مندر جو، ۽ جيڪو پتلو زيوس مان ڪِريو هو، تنهن جو پوڄاري آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ