Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 18:7 - Sindhi Bible

7 پوءِ هو اتان هليو ويو، ۽ هڪڙي شخص طيطس يوستس جي گهر ويو، جو خدا پرست هو، ۽ جنهن جو گهر عبادتخاني سان لڳو لڳ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 پوءِ هو اتان روانو ٿي طيطس يوستس نالي هڪڙي شخص جي گھر اچي رهيو، جيڪو ايشور ڀڳت غير يهودي هو ۽ جنهن جو گھر يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ جي ڀرسان هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ هو اتان روانو ٿي طيطس يوستس نالي هڪڙي شخص جي گھر اچي رهيو، جيڪو خداپرست غير يهودي هو ۽ جنهن جو گھر يهودين جي عبادت‌خاني جي ڀرسان هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 پوءِ ھو اتان روانو ٿي ھڪڙي شخص طيطس يوستس جي گھر اچي ٽڪيو، جيڪو خداترس ھو ۽ جنھن جو گھر يھودي عبادت⁠خاني جي ڀرسان ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 18:7
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنهگارن جي نٿو ٻُڌي، پر جيڪڏهن ڪو خدا پرست آهي ۽ سندس مرضيءَ تي ٿو هلي، تہ انهي جي هو ٻُڌي ٿو.


هو ديندار ماڻهو هو، ۽ پاڻ توڙي سندس گهراڻو سڀ خدا جو ڊپ رکندا هئا؛ ۽ هو اُمت کي گهڻي خيرات ڏيندو هو، ۽ هميشہ خدا کان دعا گهُرندو هو.


هنن چيس تہ ڪرنيليس صوبيدار، جو راستباز ۽ خدا ترس ماڻهو آهي، ۽ يهودين جي سڄيءَ قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس، تنهن کي خدا کان پاڪ ملائڪ جي وسيلي هدايت ملي آهي، تہ توکي پنهنجي گهر گهُرائي توکان ڪلام ٻُڌي.


۽ جڏهن هو ٻاهر نڪتا، تڏهن ماڻهن کين منٿ ڪري چيو، تہ اهي ڳالهيون ورندي سبت جي ڏينهن بہ اسان کي ٻُڌائجو.


پوءِ جڏهن جماعت برخاست ٿي، تڏهن گهڻا يهودي، ۽ سندن ڪيترا ديندار نومريد، پولس ۽ برناباس جي پٺيان آيا، ۽ هنن ساڻن گفتگو ڪري کين همتايو تہ خدا جي فضل تي قائم رهندا اچو.


پر يهودين خدا پرست آبروءَ وارين زالن کي، ۽ شهر جي مکيہ ماڻهن کي چوريو، ۽ پولس ۽ برناباس تي ظلم کڙو ڪرايو، ۽ هنن کي پنهنجي سرحد کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون.


۽ ٿواتيرہ شهر جي لديہ نالي هڪڙي خدا پرست زال، جا واڱڻائي رنگ جو مال وڪڻندي هئي، تنهن بہ اسان جي ڳالهہ پئي ٻُڌي: انهيءَ جي دل خدا کولي، تہ جيڪي ڳالهيون پولس پئي ڪيون، سي ڌيان ڏيئي ٻُڌي.


۽ منجهانئن ڪن مڃيو، ۽ پولس ۽ سيلاس سان اچي گڏيا؛ ۽ گهڻا ئي ديندار يوناني ۽ ڪيتريون ئي شريف زالون بہ ساڻن گڏ شامل ٿيون.


۽ يسوع، جنهن کي يوستس ڪري سڏيندا آهن، ۽ جي مختون آهن، تن اوهان کي سلام ڏنا آهن. رڳو اهي خدا جي بادشاهت لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ منهنجا هم خدمت آهن ۽ اِهي ئي منهنجي تسلي جو سبب پئي ٿيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ